واه ڙي سنڌي واه
واه ڙي سنڌي واه
تحرير ڊاڪٽر آغا انعام الله
سنڌ جو ناميارو اديب غلام رباني
آگرو صاحب جن کي ٿورو وقت ٿيو هوندو جو هن
جهان فاني مان لاڏاڻو ڪري ويا. سنڌس تحرير ڪيل ڪتاب ، ”سنڌ جا بر بحر۽ پهاڙ“ جي پش
نوست ۾ لکن ٿا ته دنيا ۾ ڪاغذ سڀ کان اڳ چين ايجاد ڪيو ان تي ڪتاب لکيا. لکن ٿا ته روايت آهي ته اسلام کان پوءِ دنيا ۾ قرآن
ڪريم جو پهريون ترجمو سنڌي عالم ڪيو. پر، اهو ڪاٿي آهي، ان جي ڪا خبر ناهي.” رڳوعجائب الهند“ جي مصنف بزرگ بن
شهريار جي ٻڌايل ڳالهه موجود آهي. جنهن ۾ به حقيقت ڪل ايتري آهي ته اهو مترجم تاڃي
پيٽي سنڌي ڪونه هو، عربي نسل جو هو. سنڌ جي فتح کانپوءِ عربن جي نئين ٻّڌل شهر
منصوري ۾ اچي ائين گهرڙو اڏي ويٺو هوجيئين انگرين جي ڏينهن ۾ پنجابي آبادگار
سانگهڙ جي پاسي چڪ ٻڌي گهر ٺاهي وهندا هئا.
.آگرو صاحب لکن ٿا ته دنيا جا
اڪثر آڳاٽا معاشرا مذهبي هئا. آثار قديمه جي ماهرن دنيا ۾ موجود اوائل کنڊرات جنهن
۾ ڇهه هزار سال قبل تاريخي نواردات ملڻ منجهان ماڻهن جي رهڻ ڪهڻ ۽ ٻولي کي پڙهي
ورتو آهي. رڳو سنڌ پوئتي رهجي وئي آهي. جنهن جي قديم ٻولي کي پڙهڻ لاءِ اڃا تائين
ڪا به رٿائتي ڪوشش ڪانه ٿي آهي.
يونان دنيا جي نقشي تي گهڻو
پوءِ ظاهر ٿيو، يوناني تهذيب سقراط ، افلاطون ۽ ارسطو جهڙيون حستيون پيدا ڪيون.
ارسطو لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته هن سڪندر اعظم پيدا ڪيو جنهن دنيا فتح ڪئي. سنڌ
ڪو به سڪندراعظم پيدا ڪونه ڪيو. نه اڳي نه پوءِ. سڪندراعظم ۽ تهن بعد ايران جي
ڪورش اعظم ٻنهي سنڌ کي مطيع ڪيو ۽ مٿس پهنجي حڪومت قائم ڪيائون.
دنيا ۾ بارود سڀ کان اول چين
ايجاد ڪيو ۽ ٻه هزار ورهيه اڳ جنگ جي فن تي ڪتاب لکيا.
گوبيءَ جي رڻ پٽ جو رولاڪ خانه بدوش مغل تيموجن جيڪو پوءِ چنگيز
خان جي نالي مشهور ٿيوجنهن بنا بارود،
رڳوتيرڪمان،ترار ۽ نيزن سان چين جي جرنيلن ۽ ڪرنلن کي شڪست ڏني ۽ مٿن پهنجي
حڪومت ڪئي.
سنڌ نه بارود ايجاد ڪيو، نه
بندوق ٺاهي ۽ نه وري جنگ جي فن تي ڪتاب لکيا. ٻيو ته ٺهيو گوبي جي رڻ پٽ جهڙو
رولاڪ ڪو بهادر شخص به پيدا نه ڪيو. ڪتابن ۾ سو اسلامي خليفي حضرت عمر رضه جي
زماني کان اهي روايتون هلنديون اچن ٿيون ته سنڌ جا چور ڏاڍا بهادر آهن.
تاريخ جي جديد تشريح موجب،
چنگيز خان، سڪندر اعظم، هڪ طرح چور چڪار، ڦورو ۽ لٽيرا هئا. پر ايڏا ته دلير هئا،
جو پراون ملڪن
۽ قومن کي سٽي ڪٽي ،ڦري لُٽيِ گهڻن تي پنهنجي حڪومت به قائم ڪيائون. سنڌ جي چورن ۽ ڦورن ڪڏهن به اهڙي همت ڪانه ڏيکاري. البت رن زال جي رڍ ٻڪري چورائڻ، غريب جي گهر کي کاٽ هڻڻ ۽ بيوس واٽهڙو مسافر کي ڦرڻ ۾ سو ڏاڍو نالو ڪڍيائون. ڪجه وقت ٿيو جو رڍون ٻڪريون ڇڏي اوڙي پاڙي جا اشراف ماڻهون کڻڻ شروع ڪيائون. اڳي ڀنگ وٺي، ڍور موٽائيندا هئا، هاڻي جو نئون واءُ لڳو ته ماڻهن تي ڀنگ وٺڻ شروع ڪيائون. ڪوشش ڪري غير سنڌي ماڻهوءَ جو نالو ڊ پ ڊاءَ ڪري ڪونه ورتائون وري به سنڌين تي ئي مارو لاتائون،”شيرو ٻلوشاه جو، ڪڪڙ ماري گهر جا.“
۽ قومن کي سٽي ڪٽي ،ڦري لُٽيِ گهڻن تي پنهنجي حڪومت به قائم ڪيائون. سنڌ جي چورن ۽ ڦورن ڪڏهن به اهڙي همت ڪانه ڏيکاري. البت رن زال جي رڍ ٻڪري چورائڻ، غريب جي گهر کي کاٽ هڻڻ ۽ بيوس واٽهڙو مسافر کي ڦرڻ ۾ سو ڏاڍو نالو ڪڍيائون. ڪجه وقت ٿيو جو رڍون ٻڪريون ڇڏي اوڙي پاڙي جا اشراف ماڻهون کڻڻ شروع ڪيائون. اڳي ڀنگ وٺي، ڍور موٽائيندا هئا، هاڻي جو نئون واءُ لڳو ته ماڻهن تي ڀنگ وٺڻ شروع ڪيائون. ڪوشش ڪري غير سنڌي ماڻهوءَ جو نالو ڊ پ ڊاءَ ڪري ڪونه ورتائون وري به سنڌين تي ئي مارو لاتائون،”شيرو ٻلوشاه جو، ڪڪڙ ماري گهر جا.“
غلام نبي آغا صوفي پنهجني وقت جا مهان اسڪالر هئا. تقريبن سڀ مذهب
سنڌس دائراه مشاهدي ۾ رهيا.موسيقي سان بيحد لڳاءُ رهندو هين ۽ سنڌس لکيل ڪويتائون
اڪثر محفل سماع ۾ پنهنجي ئي ڪمپوز ڪيل ڌن تي ڳائيندا هئا. صبح صادق بنا ناغي
ستارتي رياض رهندو هين. رات ۾ ڪوييتائون لکندا هئا. سنڌس ڇپايل ڪتابن ۾،”دنيا دو
رنگي“، ”گلزارِمحمدي“، ”عشق و آغا“، ”فرياد وآغا“،”ارمان وآغا“، ”سچل سرمست“،”طبي
جواهر“، ”مناجاتِ قرآني“، ”فارسي_سنڌي گرامر“، ”انگريزي_فارسي گرامر“ ۽ هندو يوگا
وديا آهن. سنڌس اڻ ڇپيل خزاني ۾ هڪ قلمي نسخو هو” هندستان ۾ ڊرامي جي تاريخ“ جيڪو سنڌي ادبي بورڊ جي ثابقا سيڪرٽري مرحوم
ظفرشاه هٿان چورائجي وڃڻ تي بيحد افسوس آهي. سنڌس بقول ڏوهٽي آغا عبدالله جان(زلفي
خان) جي ته شاه صاحب ايلاز منٿون ڪندي هٿ ٻڌي بيهي رهيا ۽ چيائون ته هي سنڌي علمي
خزانو سنڌي قوم جي امانت آهي سو زرور ڇپجڻ کپي، ان واعدي تي فوٽو ڪاپي ڪرائي
موٽائي ڏيندا ته جيئين سنڌي ادبي بورڊ مان ڇپرائي سگهن، ڪڏهن موٽائي ڪونه ڏنائون ۽
نه هي ڪڏهن ڇپريائون ۽ شاه صاحب پاڻ به هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. الله بخشيندس.
ان کان علاوه ٻين نسخن ۾ هئا ”ڪرشنا ڪرپا“، ”شانِ اسلام“،” انقلاب يورپ ۽ جرمن
سازش“ ۽ ”ڪاليج جوزمانو“ جي عنوان هيٺ هڪ ڊرامن جو مجموعو شامل آهن. سچل جو رسالو
ڇپرائڻ بعد ٻن سالن جي عرصي اندر 1938ع ۾ هن جهان فاني مان موڪلائي
ويا. آغا صاحب جي ڏوهٽي جي بقول شاه صاحب جي وفات بعد ان نسخي جي طلبي ڪارڻ بعد ۾
آيل سيٽ تي ويٺل مراد علي مرزا کي ڪيئي ڀيرا عرض رکيائون پر ساڳي حاضر سائين حاضر
سائين جو راڳ ٻڌندا رهيا ۽ نيٺ مراد علي مرزا پڻ هن جهان فاني مان لاڏاڻو ڪري ويا. نسخو ڪيڏانهن ويو ڪا
خبر ناهي ، يا ڪنهن ان ٿيل ڪم مان ڪجه سترون چورائي پنهنجي حوالي سان شايع ڪيون
چئي نه ٿو سگهان.
اڄ پنجين ڊسمبر2013 ع سوشل ميڊيا تي پنهنجي جگري يار،
نامياري ليکڪ اياز عالم ابڙي جو اڄ ئي
لڳايل، اخبار ڪاوش ۾ 28 فيبروري سن 2008 ع تي ڇاپيل آرٽيڪل،” ڀٽائي جي
ٻولي سونهان ۽ لغاتِ لطيفي جو اڌ ۾ رهجي ويل ڪم“ پڙهڻ نصيب ٿيو، جنهن منهنجا ترا
ڪڍي ڇڏيا، يڪدم فون ڪندي تفصيل پڇيو مانس.
اياز صاحب لکن ٿا،” ته سنڌ اها
يونيورسٽي آهي، جتان حضرت شاه عبدالطيف
ڀٽائي رح جي نالي۽ حوالي سان سنڌي شاعري جو جيڪو سج اڀريو سو سدائين سنڌي
ساهت جي سوجهري سان کڙيو رهبو. کائنس پوءِ جا جيڪي به شاعر هئا يا آهن، شاه سائين
انهن جو محور رهيو. سنڌس گنج اها ڪائنات آهي، جنهن جي لقائن ۾ جنهن به ودوان ڏاهي،
سگهڙ، ساهتڪار، سنگيتڪار، چترڪار،فقيرفقراءِ ،هاري ناري موه محبت سان ليئو پاتو،
تنهن پوءِ پاڻ ته گهڻو ڪجه پاتو ۽ پرايو پرٻين کي به وسايو. سنڌي شاعري جي ٽمورتي
شاه، سچل ۽ سامي تي شايع ٿيندڙ تحقيق ۽ تنقيدي ادب تي جڏهن نظر ڊوڙائجي ٿي، تڏهن
اهو نتيجو سامهون اچي ٿو ته انهن مان ڪنهن به هڪ تي جيڪڏهن گهڻي مان گهڻو مطالعو ۽
تحقيق ٿي آهي ته اهو شاه عبدالطيف ڀٽائي آهي. پوءِ اهو ڀٽائي، ڀڳت، کاهوڙي،شاه جو
حافظ، راڳي ويراڳي، شارح ۽ محقق ڏيهي يا پرڏيهي دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ جو رهندڙ هجي،
تنهن شاه سائين جي حياتي، ڪلام ۽ لغت جي سوڌ سهيڙ، راڳن ماڳن، فن ۽ فڪر جي مختلف
ڌارائن تي ڳوڙهو اڀياس ڪيو، پوءِ ڪن جو پورهيو پڌرو ٿيو، ڪي سيني ۾ سانڍيو وتن، جن
مان گهڻا ته گذاري ويا، جيڪي جئيرا آهن، سي ڪنهن ڇڳل هار جي مڻين وانگر ڇڙوڇڙ آهن،
تن مان گهڻا گمنام آهن، ڪيترن جو تحقيق ڪم يا ته اڌ ۾ رهجي ويو يا رُلي ويو، ڪن جو
چوري ٿي ويو، ڪن جو گم ٿي ويو، ڪن جو سِمّ جي نظر ٿي ويو يا اوڏهي جي بک ٿيو، ڪن
جي پونئرن وٽ آهي ته ڪي رکيو ويٺا آهن. شاه سائين جو عاشق ۽ شاه جي گنج جو انگريزي
مترجم آغا محمد يعقوب پٺاڻ ورهاڳي کان اڳ ۽ پوءِ اعليٰ عهدن تي رهندڙ ڪامورو، پر
فقير تن ۽ الله لوڪ بندوهو جنهن انتها کي مصروف حياتي گذارڻ دوران مسند ۽ قلام
الاهي ۽ شاه جي رسالي تي به قلم کنيو. رٽائر ٿيڻ تائين سن 1984 ع ۾ قرآن پاڪ جو انگريزي ۾
تفسير(پنج جلد)، شاه سائين جو گنج لطيف(ٽي جلد) ڇپرائي پڌرا ڪيا. جڏهن شاه جي
رسالي جو ترجمو پئي ڪيائين، تڏهن ضروري ڄاتائين ته ڀٽائي جي ڪلام ۽ ٻولي کي سولو
سمجهائڻ لاءِ ڪا اهڙي لغت جوڙجي جيڪا عام ماڻهون کي شاه جي دور جي ٻولي ۽ ڪلام ۾
آيل ڏکين لفظن جي عام فهم معنيٰ مهيا ڪري . ان سلسلي ۾ آغا مرحوم فارسي، عربي،
سنسڪرت، هندي، سنڌي، بلوچي، براهوي ۽ مقامي ٻولين کان علاوه قرآني آيتن جا بيشمار
لفظ سهيڙي، پنج هزار لفظن تي مشتمل هڪ جامع لغات لطيفي مرتب ڪئي. هڪ اردو ليکڪ لطف
الله خان ورهاڱي بابت لکيل ڪتاب،” هجرتون ڪي سلسلي“ ۾ آغا محمد يعقوب پٺاڻ بابت هڪ
الڳ باب ۾ ساڻنس ملاقات ۽ تحقيقيي ڪم بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آهي. سندن وفات کان پوءِ
آغا صاحب جي نياڻي( بيگم آغا دوست محمد ) جو بيان آهي ته جڏهن ڪم مڪمل ٿيو ته بابا
سائين جو هڪ ڏٺل واٺل همراه، سنڌي مسلمان اهو چئي مسودو حاصل ڪيو ته هو اها لغات
شايع ڪرائڻ جو بار پنهنجن ڪلهن تي کڻڻ چاهي ٿو. انهن ڏينهن آغا صاحب جو نوجوان پٽ
وفات ڪري ويو هو ۽ هو ان هممراه کي پنهنجي پٽ جيان ڀائيندو هو. آغا صاحب اعتماد
ڪندي اهو مسودو سنڌس حوالي ڪيو. جنهن بعد اهو صاحب ميل ملاقات کان لنوائڻ لڳو.
الله پاڪ دلين جا حال ڄاڻي ٿو. ڪيترن ئي نياپن سهپن بعد اهو معاملو ٽرندو رهيو.
آخرڪار 5 ڊسمبر1995ع اڳاري ڏينهن ٻپهري جو آغا محمد يعقوب 92 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻي حوالي
ڪيو ۽ پنهنجي حياتي ۾ ڪيل پيار جي پورهيي جي آس دل ۾ سانڍيندو کنيون هليو ويو.
اياز جو آرٽيڪل پڙهڻ بعد آغا جي
ان محنت جي ايئين رهجي ويل احساس تي مون کان لڙڪ لڙي پيا، يڪدم اياز کي فون ڪيو.
اياز
جي ادا
ڇو آواز نٿو سڃاڻي ڇا! اڃان
نمبر فيڊ نه ڪيو اٿئي نه!
ٽهڪ ڏيندي چيائين اهڙي ڳاله
ناهي ، عينڪ الاجي ڪٿي پئي آهي، انڌا ٿي ويا آهيون.
اڙي حافظ عينڪ کي هڻ گولي ،
آوازته سڃاڻ آواز کي به عينڪ کپي ڇا!
ٽهڪ، نه نه
بادشاه، تو جهڙو حساس ماڻهون ته
روح جو پيراٽو هجي ، عينڪ ڇا ڪندين؟
ٽهڪ
يار اياز ، تنهجو آرٽيڪل پڙهيم
جيڪو اڄ پوسٽ ڪيو اٿئي، ڪاوش وارو.
ها ها، يار، ڏاڍا ڏنگا آهن. ڪٽي
ويا آهن، پورو نه ڇاپيو اٿن.
ڪهڙو ، ٻه هئا، هو مرحوم آغا
يعقوب جي لغات لطيفي چورائجڻ وارو ٿو پڇان.
اڇا اڇا.
اهو ته اياز پنج سال اڳ جي
تاريخ ۾ ڇپيل آهي ، اڄ ڪهڙي خيال سان پوسٽ ڪيو اٿئي!
يار مرڻ ڪنڌي آهيون، مڙئي سوچيم
جيڪو مواد آهي، ٽئڪنالاجي جو دور آهي، ڪتاب ڪير ٿو پڙهي، لڳائي ڇڏيم.
ڀلا ڳالهه ته ٻڌاءِ، چور جو
نالو ته ٻڌاءِ
وري ٽهڪ، ڇڏ بابا، ڀاڳيو گذاري
ويو، چور به گذاري ويو.
نه مان ڪونه ڇڏيندو سانس
ڪير به ڪونه مڃيندوئي انعام
ڇو
تمام وڏي حستي آهي
قائد اعظم جي ڪهول جو آهي ڇا!!
وري ٽهڪ
يار، سيرسلي پليز ٻڌاءِ
يار ڀلا توکي ڪنهن وڌو آهي انهن
خفن ۾ خفتي
يار هو عظيم شخص هو ، آغا صاحب
، ۽ مون سان الاهي محبت هئس ، ان پيرهي ۾ به هن جو اخلاق ڏس جڏهن قرآن پاڪ جو
انگريزي ترجموم مڪمل ڪيو هئائين ته مون کي پاڻ لطيف آباد واري جاءِ تي ڏيڻ آيو هو.
هل ڀلا تون نه ٻڌاءِ، هو اردو ليکڪ جنهن جي ڪتاب جو حوالو تون پنهنجي آرٽيڪل ۾ ڏنو
آهي، اهو ڪتاب ڪٿان ملندو، ان ۾ تي هوندو.
ان به نالو نه لکيو آهي.
جائي!! يعني توهان اسان جا مهان
ليکڪ ايئين هڪ ٻئي جوڪم چورائي پنهنجي حوالي سان شايع پيا ڪيو، ۽ وري هڪ ٻئي کي
ڍڪيو به پيا. واه يار واه، توهان ته شڪارپور جي چورن کي به ماري ويا، اهي وري به
ڀونگ وٺي سامان ته موٽائي ٿا ڏين.
وري ٽهڪ، ها ها.....
انعام، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب
هان!!!!!!! مون کان ترا نڪري
ويا. نه يار ڇڏ ڇڏ...
سچ ٿو چوان، پر ڪو اعتبار نه
ڪندئي.
ڀلا ڊاڪٽر صاحب ڪاڏي ڪيو اهو
نسخو؟
ڇاپرايو اٿائين، روشني جي عنوان
سان، ٽن جلدن ۾ آهي.
ته پوءِ ان ۾ حوالو ڏنو
هوندائين نه، ته آغا صاحب جو جيڪو ڪم ٿيل هوندو.
نه، بلڪل نه، پنهنجي نالي سان
اٿس. پر ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجان ءِ، ڪوئي به اعتبار نه ڪندئي. جڏهن مان تنقيدي نوٽ
لکندو هيو مانس، ته نياپا ڪندو هو ته اياز کي سمجهايو، جذباتي ڇوڪورو آهي. پر جي
مان ڳالهه ڪندس ته خلق چوندو، ته پروفيشنل جيلسي ڪارڻ، اياز بڪواس ٿوڪري. ٺيڪ آهي
تون ماٺ ڪر، مون وٽ ٻيو دڳ آهي.
مون اڄ ٻن پهرن جو پنهنجي سوٽي
سوٽ، آغا محمد يقوب مرحوم جي ڏهٽي ڪيپٽن ڊاڪٽر آغا محسن کي فون ڪيو.
محسن ڀا، توهان وٽ نانا بابا
وارو لطيفي لغات جو موسودو آهي.
نه يار، اهو هڪڙو ٺڳ کڻي
ويو،موٽائي ئي نه ڏنائين.
پر ادا هو ته تمام وڏو ڪم ٿيل
هو، ان ۾ ته ورهيه لڳا هوندا، ڪا الف ليلا جي آکاڻي ته نه هوندي جو ايئن، ٻي به
ٺاهي لکجي.
ها انعام ، نا نا بابا، مون کي
ياد آهي سڄي سڄي رات ويهي ڪتاب پٽيندو هو، تهجد پڙهي، فجر بعد ڪو سمهندو هو. بس
ڇاڪجي. تنهن زماني هو منسٽر هو نه! ڪلچر وارو حميد آخوند، ان سان گڏ اچڻ شروع ڪيو
هو ڊاڪٽر بلوچ.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڳاله پيا
ڪيو؟
ها ها، اهو اهو.... سو ان سان
بابا جي دل ٿي وئي، بابا کي ڪهڙي خبر ته دل ۾ کوٽ هيس، چيائين سائين هي علمي خزانو
آهي ، سنڌي قوم تائين پهچائڻ اسانجي زمينواري آهي، توهان ضعيف ٿي ويا آهو، منسٽر
صاحب سان به واسطو آهي، ڏيو ته ڇپرايان. وري نه موٽائي ڏنائين. ملڻ ئي بند ڪري
ڇڏيائين. پوءِ هڪڙي ڏينهن مونکي ياد آهي ته نانا بابا ڪنهن ماڻهون کي، مون کي ان
جو نالو ياد ناهي، منهنجي سامهون افسوس وچان چيائين پئي ته ادا ڊاڪٽر بلوچ کي چئو
مهرباني ڪري ، منهنجي ورهين جي محنت آهي ٻيلي ايئن ذايع نه ڪيو، جي توهان نه ٿا
ڇپرائي سگهو ته ڀلا موٽائي ڏيو، ذايع نٿي، ڀلا جي ڪو دل ۾ فطور جاڳيو اٿس، نيت
خراب اٿس، ته ڀلي پنهجي نالي سان هي ڇپرائي پر ڇپرائي ضرور ، اهو مون تي ڀٽائي جو
قرض آهي، ٻيلي خدا کي مڃيو.
مون واپس ، هڪ ڀيرو ٻيهر آلين
اکين ، اياز جي آرٽيڪل کي ٻيهر پڙهڻ شروع ڪيو، وري مون کان ڇرڪ نڪري ويو، جڏهن مون
آغا صاحب جي وفات جي تاريخ تي غور ڪيو، 5 ڊسمبر 1985ع ، ۽ اڄ 5 ڊسمبرآهي 2013 ع
اهو ڪيئين! مان حيرت ۾ پئجي
ويس. اهو محض اتفاق نٿو ٿي سگهي. اهو اتفاق ناهي، هي آغا جو روح فريادي آهي، هي
آسماني فرياد آهي. مون پڪو پهڪ ڪيو ته مونکي اهو راز فاش ڪرڻو آهي.
مون اياز کي ٻيهر فون ڪيو، ساڳي
تاريخ بابت ٻڌايو، ۽ اهو به ته ڊاڪٽر آغا محسن چيوته نانا بابا ارمان وچان ان
نياپي ڏيارينڙ شخص کي چيو پئي ته ، ادا چئوس، ته ڀلي پنهنجي نالي سان ئي ڇپرائي.
اياز اڇانگرون ڏيندي روئي پيو، ۽ چيائين انعام، برابر اڄ روح جاڳيا اٿئي ، دٻ ڪلي کي ، لک جيڪو وڻئي.
حيرت جوڳي ڳالھ ٻڌائي اٿوِ. مان کي عجب لڳندو هو تـ بلوچ صاحب جي جامع سنڌي لغت ۽ ايترن سنڌي لوڪ ادب جي جلدن ۾ معتبر هنڌان ۽ ٻوليندڙ تـ پري، پنهنجن شاگردن ۽ سهائڪن جا نالا ئي ڪونـ ڏنل آهن! اسان کي سيکاريو ويو تـ ڪتاب ڇاپڻ وقت پنهنجن محسنن جا ٿورا مڃي ڪجھ بوجو لاهڻ اخلاقي ڪمُ آهي. ازانسواءِ شاگردن ۽ نائبن جو نالو کڻڻ ۾ تـ اسان فخر ڪندا آهيون جو تِن تي اسان جو وڌيڪ ناز هجي.
ReplyDeleteWell done Inam khan.I really appreciate your work. Hope you will continue.
ReplyDeleteCredit goes to Ayaz Alam Abro who exposed him. But may Allah forgive his soul, i had to put facts, because it was Agha Yaqoob Khan's hard work
Delete