Posts

Showing posts from January, 2014

باءِ باءِ ايل ايم سي قسط2

تحرير  ڊاڪٽر آغا انعام الله قسط 2 توکي هندستاني فلمون ڏاڍيون وڻنديون هيون، تقريبن هر فلم اسٽوري، ڪردارن سميت توکي رٽيل هوندي هئي. تن ڏينهن تنهنجن پسنديده گانن ۾ هڪ هو،” سوچين گي تمهين پيار ڪرين ڪي نهين“ ۽ ٻيو هو،” يارا سلي سلي برها ڪي رات ڪا ڍلنا“. مان يارا سلي سلي کي فني ري مڪس ڪري جهونگاريندو هئس،” يارا ڍيلي ڍيلي الاسٽڪ ڪي شلوار ڪا گرنا “، پوءِ ٻئي ٽهڪن سان پيٽ ڀريندا هئاسي. تون پنهننجي والده کي ممي ۽ والد کي ڊيڊي چوندي هئينءَ. تون پنهنجي ماسي کي امان ۽ ماسڙ کي ابو چوندي هئينءَ. بقول تنهنجي تون انهن وٽ هر سال گرمين جي موڪلن ۾ لاهور ٽڪڻ ويندي هئينءَ. تن ڏينهن تنهنجي ابو جي فلم دريا خان جنهن ۾ سنڌس مين ڪردار هو، سڀني دوستن ساڻ نيو ميجسٽڪ سينما ۾ ڏسڻ ويو هئس. هڪ ڀيري تنهنجي امان جڏهن حيدرآباد آيل هئي، تنهن کان منهنجي فرمائش تي سنڌس ئي ڳايل مشهور سنڌي ڪلام هارمونيم تي،” ننگڙا نماڻيندا جيوين تيوين پالڻا“ ڳارائي فون تي ٻڌو هيم. تنهنجي امان توکي پيار ۾ ميزوو (Meezu)  سڏيندي هئي. پر تو چيو هو ته توکي منهنجي واتان ميزوو ٻڌڻ ڏاڍو مٺو لڳندو هو. تنهنجي امان جي اها خواهش هئي ته تنهنجي

باءِ باءِ ايل ايم سي

باءِ  باءِ   ايل  ايم سي تحرير  ڊاڪٽر آغا انعام الله قسط پهرين 4 نومبر 2008 بابا ٿرٽي رپيس پليز، اينڊ هري اپ، گيٽنگ ليٽ فور اسڪول اڙي پتڪڙي تون به ٽيهه رپيا وٺندينءَ! ها ڇو مان انسان ناهيان!! نه تون صرف جيننيس آهين. ماءِ لٽل سئيٽ هارٽ شي هيز ٽيڪن 96% مارڪس. جينيس به ته انسان هوند آهن بابا، ڇا ٿيو آهي، نيرن ڪونه ڪئي آهي نه!! ٽهڪ. چڱون سائين هاڻين وڃڻ ڏيون، دير پئي ٿي اسڪول کي. اڙي علي ڊرائيور کي چئوته واپسي تي ڇهه کن بيدا ۽ هڪ وڏي ڊان ڍٻل روٽي وٺي اچي. هاشم کي چئو محمد خان جي اسڪول ۾ اڃا ٿورو ٽائيم آهي، جلدي هن کي اسڪريمبلڊ ايگ سينڊ وچز ٺاهي ڏي. سائين! جي سائين. ڀلا منهنجي نيرن کان پهرين واري نيرن!! ڇڏيو سائين، نوڪر بيٺا هن سامهون، سڌرو نٿا! ان ۾ سڌرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال آهين منهنجي. ته پوءِ ڇا لائيو ٽيليڪاسٽ ڪندا، فضيلت ڪريو. چڱو ڀلا چانهه پيار، اڇا ٻڌ ٽي وي کي ڌڪ هڻندي وڃجان. ڇا ڏسدوّ؟ تنهنجو بي واچ جو موڊ ناهي ته ڀلي هلائي وڃ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ. ٻڌو ڀوتار سائين، چئني ٻارن جا فيس چالان آيا اٿوّ. ڊرائيور به پگهار ٿو گهري. هاشم به چوي ٿ