باءِ باءِ ايل ايم سي قسط2

تحرير  ڊاڪٽر آغا انعام الله
قسط 2
توکي هندستاني فلمون ڏاڍيون وڻنديون هيون، تقريبن هر فلم اسٽوري، ڪردارن سميت توکي رٽيل هوندي هئي. تن ڏينهن تنهنجن پسنديده گانن ۾ هڪ هو،” سوچين گي تمهين پيار ڪرين ڪي نهين“ ۽ ٻيو هو،” يارا سلي سلي برها ڪي رات ڪا ڍلنا“. مان يارا سلي سلي کي فني ري مڪس ڪري جهونگاريندو هئس،” يارا ڍيلي ڍيلي الاسٽڪ ڪي شلوار ڪا گرنا “، پوءِ ٻئي ٽهڪن سان پيٽ ڀريندا هئاسي.
تون پنهننجي والده کي ممي ۽ والد کي ڊيڊي چوندي هئينءَ. تون پنهنجي ماسي کي امان ۽ ماسڙ کي ابو چوندي هئينءَ. بقول تنهنجي تون انهن وٽ هر سال گرمين جي موڪلن ۾ لاهور ٽڪڻ ويندي هئينءَ. تن ڏينهن تنهنجي ابو جي فلم دريا خان جنهن ۾ سنڌس مين ڪردار هو، سڀني دوستن ساڻ نيو ميجسٽڪ سينما ۾ ڏسڻ ويو هئس.
هڪ ڀيري تنهنجي امان جڏهن حيدرآباد آيل هئي، تنهن کان منهنجي فرمائش تي سنڌس ئي ڳايل مشهور سنڌي ڪلام هارمونيم تي،” ننگڙا نماڻيندا جيوين تيوين پالڻا“ ڳارائي فون تي ٻڌو هيم. تنهنجي امان توکي پيار ۾ ميزوو(Meezu)  سڏيندي هئي. پر تو چيو هو ته توکي منهنجي واتان ميزوو ٻڌڻ ڏاڍو مٺو لڳندو هو. تنهنجي امان جي اها خواهش هئي ته تنهنجي شادي سنڌس پُٽ تنهنجي ماسات سان ٿي، پر هو تنهنجي مرضي خلاف به ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هئي.
تنهنجي ماسات کي تن ڏينهن اسان جي ديوانگي جي خبر پئجي چڪي هئي ۽ توکي چيو هئائين ته مون کي خبر آهي ته تون ايل ايم سي جي پاس آئوٽ ڊاڪٽر جي محبت ۾ گرفتار آهين.
مون کي پٽاٽا ڀريل افراٽا وڻندا هئا. هڪ دفعو فون ڪيو هيئي.
توهان جي فيورٽ ڊش تيار آهي.
ڪهڙي؟
سوچو.
اممممممم تون ٻڌاءِ
نه نه سوچو سوچو
ٻڌاءِ ڀلا
ٽڪي چڙهي!!!
چڙهي
آلو جا پراٺا
هان واه واه، مون کي ڪيئن ملندا؟
اچو
ڇا واقعي!
ها سائين اچو نه
هن مهل ڏينهن جو سو به گهر تي ڪوئي ڏسئي مون کي ايندي ته !!
جي...... اچو
گهر تي اچان واقعي، يقين نه ٿو اچي.
سائين اندر نه، گهنٽي وڄائجو، ٽمڪو
تون پريم پارڪ جي فليٽ نمبر 4 ۾ رهندي هئينءَ. جلدي تنهنجي ڏاڪڻ جا چوٽيهه ڏاڪا چڙهي ويو هئس، بيل وڄائي هيم ۽ تون منهنجي انتطار ۾ پراٺا جهليو بيٺي هئينءَ. رستي تي هڪ فقير کي ڏنو هيم، ۽ ٽي پاڻ چٽ ڪيا هيم.
ٽي ڇو کاڌا ! گندا بچا
اهي به گهڻا هئا تون ٺاهيا هئا تنهن ڪري حرث ڪيم
نه سائين منهنجو مطلب هو ته ٽن جو انگ سٺو ناهي هوندو، يا ٻه کائو ها يا چار.
هڪ ڀيري مانجهند جو مسلسل تنهنجو نمبر ڊائل ڪرڻ تي ڪونه ٿي لڳو. پريشان ٿيو هئس. گهڙي کن ۾ پوءِ ڪنهن اجنبي نمبر تان فون آيو هو.
ٽمڪو
ڪنهنجو نمبر آهي مٺي؟
مِنا باجي جو
مِنا تنهنجي ماسي جي پاليل ڌيءَ هئي، جنهن جي شادي حيدرآباد ۾ ٽريزري آفيس ۾ ڪنهن لاشاري سان ٿيل هئي. پٺاڻ ڪالوني ۾ رهندي هئي.
اچو نه ٿا؟
ڏاڍي دلير ٿي پئين آ، هرڻي، بُل هِت ته بُل هُت
يار اچانڪ اچڻو پيو سئاري مان جلدي ۾ نڪري آيس ، خبر هئي ته توهان اڃان ايل ايم سي هوندا، ڪاوڙ نه ڪجو توهان کي ٻڌائڻ بغير هلي آيس. بُک لڳي هي ڏاڍي ، واه جو دال رڌي هئي منا باجي. پر پنج ست گره هڻڻ بعد اٽڪي پيو.
حرث ڪيو هوندئي.
نه،
ته پوءِ!
سِڪ لڳي توهان جي. اچو پليزگره هڻو.
هينئر!
ها ڇو؟
لطيف آباد نمبر 2 کان پٺاڻ ڪالوني!
اچ نه بابلو
پهتو سائين.
سرفراز چاڙهي واري روڊ وٽان گهڙيو هئس پٺاڻ ڪالوني. گاڏي تنهنجي گاڏي پٺيان پارڪ ڪري پي سي او تان توکي فون تي پهچڻ جو اطلاع ڪيو هيم. تن ڏينهن موبائل فون عام نه هئا.
تون اچي مون سان گڏ منهنجي گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويهي ، دال چانورن جي پليٽ ڀريل ڏني هئي. ذري گهٽ چٽ ڪرڻ تي رڙ ڪئي هيئي. ٽمڪڪڪڪو.
هان!
منهنجو حصو!
وڏو گره وات ۾ لئاڙي واپس پليٽ ۾ رکيو هو تو لاءِ
انڊلٺ جيان مرڪي هئين
هيانءَ ۾ ڪجهه ٿيو ٽمڪو
ڇو!
سمجهائي نه سگهندس اهو لطف، هاڻ ان گره کي مان چار ڏينهن هلائيدس.
تنهجي نيڻن ۽ مٿين چپ مٿان ساڄي پاسي تر ڏانهن ڏسڻ لڳو هئس.
وڃو
ٿورڙو بيهه ميزوو
برداشت نه ٿو ٿئي، لهو سائين وڃو
پٺاڻ وائڙي ڳجهن جيان نهاري رهيا هئا.
موٽي ويو هئس، پر سڄو رستو سوچن ۾ اهو گره واپس تنهنجي وات ۾ محسوس ڪندي هيانءَ ۾ ڄڻ پوپٽن جي پرن سان ڪتڪتايون پئي ٿيون.

مون کي ايسٽرالاجي جا ڪتاب ۽ پامسٽري جا ڪتاب پڙهڻ جوشوق هوندو هو. مشهور پامسٽ ڪيرو (Chero) جا کوڙ سارا ڪتاب هوندا هئا مون وٽ، جنهن منجهان ڪيروز بڪ آف نمبرزChero's book of numbers  منهنجو فيورٽ هوندو هو. منهنجي ذاتي مشاهدي مطابق منهنجي لاءِ نمبر ٽي يا نوّ مون لاءِ ڏاڍا سڀاڳا ۽ ڇهن وارو انگ اسان ٻنهن لاءِ نڀاڳو هوندو هو. پوءِ تون به ساڳي وهم ۾ مبتلا ٿي وئي هئينءَ ۽ ان انگ کان خوفزده ٿي ويندي هئينءَ ڇاڪاڻ جو منهنجي پريشاني يا بيچيني تنهنجي پريشاني جو باعث پڻ هوندي هئي.
مون توکي هڪ ڀيرو هالا هينڊي ڪرافٽس تان ڪاري رنگ ۾ سائن پٽين سان وڳو وٺي ڏنوهو ۽ زين سپر اسٽور تان آرٽيفيشل واليون وٺي انهن ۾ پنهنجي سڀن شرٽن مان هڪ هڪ بٽڻ ڪڍي ٻنهن والين ۾ پوئي ڏنا ها. تون مون سان ناتو ٽوڙڻ بعد ،هڪ ڀيرو ايل ايم سي پائي آئي هئينءَ ۽ مون توکي ڪاليج جي اينٽرنس وٽ ڏاڪا لهندي نهاريو هو. پوءِ ٿورو ويجهو کان گذرڻ وقت چڱيءَ طرح نهاريو هيم، تون به سنجيده نظرسان نهاريو هو. تون ان ئي باغ ۾،   ڪماڙيل سياري ۾ پيل ماڪ ۾ پوپٽ جي ڀنل پرن جيان اداس ساڻي ويـٺي هئينءَ جت  توکي مون پهريون دفعو لنارڊو ڊي ونٽ ۽ مائيڪل اينجلو جي شهڪارپينٽگزجيان زندگي جي هر رنگ ۾ ڀريل ڏٺو هو. تنهنجي ڪنن ۾ اُهي ساڳيون واليون پڻ پاتل هيون جن ۾ توکي پنهنجي شرٽن جا بٽڻ پوئي ڏنا هئا. تون شايد مون کي اهو احساس پئي ڏيارڻ چاهيو، ته تو مون کي وساريو ڪونهي.

هڪ ڀيري اچانڪ رات جو سول اسپتال ميڊيڪل وارڊ يونٽ 2 ۾ منهنجي هائوس جاب دوران تون پنهنجي ساهڙي، اسان جي بيچ ميٽ تزين خان ۽ سنڌس ڀاءُ ڊاڪٽر راشد ساڻ پهتي هئينءَ. اچانڪ توکي ڏسي دل انڊلٺ ٿي ويو هو، هيانءُ هير جي هندوري ۾ جهلندو رهيو هو. ٻڌايو هيئي ته اچانڪ ڪراچي وڃڻ جو پروگرام ٿي ويو آهي سڀاڻي. کيسي ۾ هٿ وجهي ٻه سئو روپيا ڪڍي ڏنا هئا مانءِ.
آئس ڪريم کائجانءِ
نه اها منهنجي پهرين خرچي آ، سنڀالي رکندس
نه ميزوو بي ايماني نه، آئس ڪريم کائجان، ڇوجو هن وقت توکي هت ڏسي توکي لانگ ڊرائيوّ تي وٺي وڃي آئس ڪريم کارائڻ لاءِ دل پيو ٻولي.
ٽمڪو پلييييز.....
نه.......
پليييييييييج ٽمڪو. خرچي رکڻ ڏيو نه! آئس ڪريم ڊيڊي جي پئسن جي کائي وٺندس. هيءَ منهنجي پهرين خرچي آ، رکڻ ڏيو نه! التجا ڪئي هيئي.
چڱو رک ڀلا

ڪراچيءَ ۾ پاڻ ٻه ڀيرا مليا هئاسي. هڪ ڀيرو طارق روڊ واري مسٽر برگر تي ۽ ٻيو ڀيرو منهنجي دوست زين شيخ جي شاديءَ تي.مان طارق روڊ پنهنجي ماروٽ ساڻ گڏ هوس، توکي پي سي او تان فون ڪيو هيم، تن ڏينهن ۾ موبائل فون جي سهولت ايتري عام نه هئي ۽ رڳي  آڱرين تي ڳڻڻ جيترن وڏن ماڻهن وٽ هوندي هئي. انٽرنيٽ، نيٽ چيٽ يا فيس بوڪ نالي ڪنهن شيءَ جو وجود هي ڪونه هو. مان ماروٽ ساڻ ويٺي تنهنجو انتظار پئي ڪيو.چند لمحن ۾ تون پنهنجي دوست نائلا سومرو جي ڪاري رنگ واري 1990 ماڊل ٽويوٽا ڪرولا ڊرائيو ڪندي ساڻنس پهتي هئينءَ. اسان آرنج سلش ورتي هئي ۽ تون مان ساڳي گلاس مان سِپ سِپ ڪري پيتي هئي. واپسي تي گاڏي نائلا پئي هلائي، منهنجي ماروٽ کي ساڻنس گڏ اڳيان ويهاريو هوسين ۽ تون مان پوئين سيٽ تي ويٺل هئا ۽ پاڻ ڊگهي ڊرائيوّ تي نڪري ويا هئاسين. هوٽل مهراڻ جي ڀر واري روڊ تي گاڏي پارڪ ڪئي هئي ۽ نائلا پنهنجي معشوق ڪاڪي کي ننڊ مان اٿاري ڪچيون پڪيون گاريون ڏنيون هيون. ڪاڪو سکر جي ڪنهن غلام دستگير آغا جو پٽ هو. نائلا ڪجهه عرصي بعد منهنجي بهترين دوست نديم شيخ سان سيٽ ٿي وئي هئي ۽ ٿورڙي عرصي اندر ٻنهن مڱڻو ڪيو هو جيڪو ٽي سال هلڻ بعد ٽٽي ويو هو ۽ پوءِ نائلا ڊاڪٽر مرحوم اسلم گهلو جي پٽ شاهد گهلو سان شادي ڪئي هئي، خبرناهي سا هلي يا نه.
زين جي شادي تي تون پنهنجي دوست ارم ساڻ پنڊال ۾ واڪ پئي ڪئي. تنهنجي ممي مون کي پهريون ڀيرو اُت ڏٺو هو ۽ تون ٻڌايو هوته توکي چيو هئائين ته ڪو ايڏو خاص سهڻوڪونهي. تون چيو هيس ته ممي ڪنهن کان عينڪ اڌاري وٺ پوءِ ڏسيس. مون محسوس ڪيو هو ته اُت شاديءَ ۾ تون پنهنجي ساهڙي ساڻ پري پري پئي ڀڳينءَ، تنهن مهل مون کي تنهنجي اُن دوست جي نالي جي خبر ڪانه هئي ۽ نه ئي ڪڏهن اُن سان ملڻ جو ڪو موقعو مليو هو.
هڪ ڀيري تنهنجي فون ون وي ٿي وڃڻ ڪارڻ تون مون کي فون ڪري چيو هو ته تنهنجي دوست روميل کي چوان ته توکي فون ڪري. مون تنهنجي ان دوست جو نمبر پنهنجي ڊائري ۾ لکي ڇڏيو هو جيڪو پنهنجي الڳ ٿيڻ بعد منهنجي لاءِ مرهم ثابت ٿيو هو.
روميل دراصل تنهنجي اُها ئي دوست هئي جنهن ساڻ زين جي شادي ۾ تون مون کان پري پئي ڀڳينءَ. نِڪ نيم روميل جو اصلوڪو نالو ارم هو. شادي ۾ دراصل پروگرام مطابق ساڻس ڪچهري ڪرڻ بجاءِ توکي مون کان ايئن پري کڻي وڃڻ واري ارم بابت جڏهن به پڇيو هو، تون اِهو چئي لنواءِ ويندي هئينءَ ته جن ڳالهين جو مون سان واسطو ناهي تن کي راز هي رهڻ ڏيو.
مون توکي چيو هو ته قائنات ۾ الله پاڪ جي زات کان سواءِ ٻيو ڪجهه به گهڻي وقت تائين راز ناهي رهندو. آخرڪار هڪ ڏينهن ٻڌايو هيئي ته مان ارم کي خاص هٿ کان وٺي پنهنجو ٽمڪو ڏيکارڻ جڏهن ويجهي ٿي هئس ته  ٽمڪو! ارم توکي ڏسندي ئي ڇرڪ ڀرييندي مون کي ڪنهن واچوڙي جيان توکان پري کڻي وئي هئي. ارم جو ساه ڄڻ لُڪي ۾ ڦاٿو هو. سهڪندي وڏو ساه ڦوڪيندي چيو هئائين،” مونا هي صحيح ماڻهون ناهي.“
چري ته ڪانه ٿي آهين!!
مونا يقين ڪر منهنجو، دوکي باز اٿئي. پڪي عمر جي عورتن سان ياري رکي انهن جي دولت ۽ جسمن مان مزو وٺندو اٿئي هرااااااامزادو!!
گار نه ڏيس باقي تون ڪيئنءَ سڃاڻينس؟
مونا يقين ڪر منهنجي ڳالهه جو
تنهنجي ڳالهه جو ته يقين ڪيان ٿي، ٺيڪ آ پر منهنجي دماغ کي اڏوهي ته نه لڳي آ نه! جو صرف توتي انڌو اعتبار ڪندي اُن شخص کي ايئن ڇڏي ڏيان جنهن سان هر پل مان ساه گڏ پئي کڻان. تون تفصيل ته ٻڌاءِ !
مونا ، ممي جو جنهن شخص سان افيئير هليو پئي، هي اهو ساڳيو ئي اٿئي پڪّ.
تنهنجي اُها دوست ارم ، اڳوڻي سيڪٽري هليٿ جي ڌيءَ آهي. توکان پوءِ مون کي مهينو کن ننڍڙي ٻارجيان فون تي ريجهائيندي هئي. سڄي سڄي رات تنهنجي باري هي ڳالهائيندا هئا سي. پڇيو هو مانس ته زين جي شادي تون منهنجي ۽ ميزوو لاءِ  وهه ڇو ڪئي؟ ٻڌايائين ته سنڌس  مّمي جو ڪنهن سان عشق ٿي ويو هو، ۽ هو ماڻهون ڏسڻ ۾ هو به هو مون جهڙو هو. ارم ڀانيو ته مان اُهو ساڳيو آهيان.
پوءِ ان ۾ ڪاوڙ!! ڇوجو مون کي ياد آهي ته تون اُت مون کي دعوت ۾ ٿپ وهائي ڪڍڻ جو رٿيو هو.
ممي اُن مان پريگننٽ آهي
ڇا!!!!!
ها انعام
۽ جي پريگننٽ نه هجي ها ته پوءِ صحيح هو؟
نه ٺيڪ ته نه هو پر معاملو سنڀالجي سگهيو پئي. پرهو هرامي ممي کي ڇڏي هليو ويو. ڊيڊي کي خبر آهي ۽ ڊيڊي ممي کي معاف ڪري ڇڏيو آهي.
ها ابا، سنڌي شل نه ڊيڊي ٿي.
بدتميزي نه ڪر انعام
ارم سان جڏهن پهريون ڀيرو تنهنجي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ڳالهايو هو ته مون سان ملڻ چاهيو هئائين.
انعام آءِ وُڊ لائڪ ٽو سي يو، يو نو آٰءِ ڪينٽ جسٽ ٽاڪ ٽُ سّم ون هو آءِ هيوِ نيور سيين اِن ماءِ لائف.
اوڪ ويئر ڊو يو وانٽ ٽو ميٽ مي؟
مون کي ورهين بعد پوءِ اهو سمجهه ۾ آيو هو ته پڪ تون منهنجي توکي فون ڪري ڏک ونڊڻ بابت مونا کي انفارم ڪيو هوندو جنهن تي پّڪ ڪرڻ خاطر تون مونا جي ئي صلاح تي مون سان وڌيڪ ڳالهائڻ پهريان ملڻ ٿي چاهيوهوندو، ۽ تون به ته ان شادي ۾ مون کي ڪجهه لمحن لاءِ  ڏٺو هو ۽ صدمي ۾ اچي وئي هئينءَ ۽ ڊڄي وئي هئينءَ ته مونا به تنهنجي ممي بعد شايد منهنجي چنگل ۾ ڦاٿي آهي. پوءِ جڏهن  پڪ ٿي هيئي ته شايد وري پنهنجي ممي جي معشوق سان مشاهبت رکندڙ عاشق، طارق عالم  ابڙي جي ناول ”رهجي وهيل منظر“ جيان نڌڻڪي عزادار کي سيني سان لڳائڻ جي آس ۾ پي سي هوٽل پهتي هئينءَ.
اوڪ ويئر ڊو يو وانٽ ٽو مِييٽ مي ارم؟
انعام ، مون کي ڪنهن ساهڙي جي سالگره ۾ وڃڻو آهي، تون پي سي هوٽل پهچي ، لابي ۾ منهنجو انتظار ڪر مان ٺيڪ چار وڄي پنجيتاليهه منٽن تي پهچي ويندس، توسان ٻه منٽ ملي وٺان. مان توکي ڪيئن سڃاڻينندس انعام؟
مون کي بِلو چيڪڊ شرٽ ۽ ڪاري پينٽ پاتل هوندي.
۽ مان ڪا..........
ارم...... خيرآ، مان توکي سڃاڻي وٺندسُ. مان سنڌس جملو پورو ٿيڻ نه ڏنو.
ڪيئن؟
تنهنجي وجود مان مونا جي ڀاڪڙين جي خوشبو زرور ٻهڪندي هوندي.
اوڪ سي يو دين
شوئر.
مان ارم لاءِ پي سي هوٽل جي لابي ۾ ويٺي انتظار ۾ اوڀر ۽ اولهه وارن دروازن ڏانهن اسٽار وارز فلم جي روباٽ جيان، نّظرون پئي ڦيرايون. پنجن منٽن اندر اوڀر واري دروازي کان هڪ ڇوڪري ڪاري رنگ جي ميڪسي اسٽائيل ڊگهي ڊريس ۾ نمودار ٿي. مون سوچيو پڪ اِها ئي هوندي. پس منظر ۾ نازيه حسن جي ڀاءُ زوهيب حسن جي مشهور اڙدو ڪلام ،” زرا چهرا تو دکائو اور ٿوڙا سا مسڪرائو“ جي هلندڙ ڌُن تي ڄڻ سُست ٽيپ ڊانس ڪندي  لابي جي ماربل فلور تي پينسل هيل جي ٽِڙڪ ٽِڙڪ، ويجهو اچي ايراني غاليچي جي بف ۾ گهپجي وئي. سامهون، کاٻي پاسي ۽ ساڄي پاسي پيل صوفن تي ويٺل جوڙن ۽ ڇڙن ڏانهن نظرون ڦيرائڻ دوران مان اُٿي بيٺس. مسڪرائيندي سواليه نظر، ۽ پڇا واري لوڏ ڪندي ڪنڌ ڌوڻيندي پڇيائين” انعام؟“
ييس دس از انعام.
هڪ سئو اسي ڊگريو ٻانهون ڊگهيڙيندي منهنجي نڌڻڪي وجود کي ڀاڪڙي پائيندي مسڪرائنيدي چيائين،” سو گُڊ ٽو سي يو، هائو آر يو ڊوئنگ روميو“
آءِ ايم گُڊ روميل ، آءِ ايم سمپلي گُڊ
سو يو نو ماءِ پيٽ نيم ايز ويل
آءِ جسٽ هيپن ٽو نو ايوري ٿنگ ديٽ مونا نوز، مسڪرائندي ، ڳوڙها پنبڙين وچ جهليندي چيو مانس. خبر ناهي ته ڀاڪي ،زين شيخ واري شادي ۾ مون تي غلط شڪ ڪرڻ واري غلطي جي تلافي ڪرڻ ڪارڻ پاتائين يا مونا طرفان، ڀاڪڙي رسمن نه بلڪ دل سان پاتائين.
مان هلان ٿي اوڪ ، ڊونٽ وري ، ويٽ فار ماءِ فون، آءِ ول بي بيڪ سوون، 4336651 رائٽ!
ييس ييس سيم نمبر وي اسپوڪ فرام.
اوڪ سي يو
يا
4336651 ، منهنجي پڦڙ جي ،پي اي سي ايچ ايس ڪراچي واري گهر جو نمبر هو تن ڏينهن. مان ڪجهه ڏينهن روح وندرائڻ ڪراچي نڪري آيو هئيس.
جن ڏينهن مان ۽ ارم ڳالهائنيدا هئاسين، تن ڏينهن ارم جي ماءُ ان عاشق مان ٿيندڙ پيٽ مان هڪ ڌي ٻار کي آغا خان اسپتال ۾ ڄڻيوهو. سيڪٽري هيلٿ صاحب برداشت ۽ کليل ذهنيت جون سڀ حدون اورانگي ويو هو. برطانيه جي راڻي عورت هجڻ ۽ مغربي ڇڙواڳ ماحول باوجود ليڊي ڊائنا جهڙي شهزادي کي ڪونه بخشيو، پر اسان جي سنڌي ته ڪمال ڪري ڇڏيو.
مهينو کن فون تي ڳالهائڻ بعد ارم آخر هڪ ڏينهن چيو، ” انعام منهنجو عادي نه ٿي. ڪجهه يادون، ڪڏهن منهنجي فون، وقت وڏو مرهم آ دوست، زندگي ۾ اڳتي وڌ، ڪجهه ڪري ڏيکار مونا کي.
ارم ڇا مونا واقعي مون کي ايئن وساري ڇڏيو!
نو، شي هيز ناٽ، اينڊ يو هيوِ ٽو بي بولڊ نائو، لائڪ اّ ريئل مين
توکي ياد ڪندي آ، صرف منهنجي آڏو ريهٽ ڪري روئندي آ، ڪنهن ٻي جي سامهون نه.
بس ارم بس، جيئڻ جو مقصد ڏئي ڇڏيئي، ٿينڪس فار آل يوئر مورل سپورٽ، سيمپٿيز، يوئر ٽائم اينڊ لوّ، ٿينڪ يو انڊيڊ
آءِ وِش يو ڪريج، لوّ اينڊ آ ويري هيپي لائف اهيڊ انعام
ٿينڪس ارم.......... ارم سان وري ڪڏهن ملاقات يا فون تي گفتگو ڪانه ٿي.

........................................باقي ائنده...............................






Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ