Posts

Showing posts from September, 2014

ميڪيناس گولڊ/ ريڪوڊڪ گولڊ/ اقوام متحده جي ڌمڪي

Image
ڊاڪٽر آغا انعام الله 5 سيپٽمبر 2014 ڪرسي جي لالچ جي جاکوڙ ۾ ميدان تي لٿل شوڪت خانم جو شوباز ۽ قادر جي قدرت قادري اڃان ٿڪا ناهن. ڪي مري ويا، ڪي ڇڏي ويا ته ڪي نچي نچي ٿڪي پيا. هيره منڊي جو صلاح ڪار شيده ٽلي ، غوث بهاوالحق جو پڳدار شگفته گفتار انگريزي شاه ، ڪنٽينر ڪينيڊي ۽ يو ٽرن خان جي جّهوُل مان هآشمي پنهنجي هشمت ۽ ڏاهپ ولوڙيندي نيٺ غير پارلياماني سرڪس مان جان آجي ڪرائي واپس لوهر ڀائرن جي مقدس ٽهڪ ٽڪري تي پهچي جا ڌمال هنئي تنهن لاهور جي لوهرن ساڻ، خاڪي خرڪارن سميت سڄي قوم جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. گهر گهر اليڪٽرانڪ ٿيٽر تي رڳي هڪ ئي راڳ الاپجي پيو، پوءِ ڀلا ڏي خبر ڇا ٿيو!! هاڻ ڇا ٿيندو!! شريف جرنيل جي شرافت جو امتحان به هرو ڀرو شريفن کي ايترو وٺڻ نه ٿو ٺهي، ڪٿي مڇرجي پيا ته راءِ ونڊ ۾ رڳي رنڀاٽ ٿيندا. ڦوٽي زرداري جي اشاري تي جيالن پارليامنٽ جي بالادستي جا ڌُڪڙ وڄائي آئين جي چپٽي تي جهمر هڻندي جيڪا ڌوڙ مخالفن سان ڪلهو ڪانڌي ٿيندي ساڻن مٿان پيٽري آ، سا اڳتي هلي ورهين تائين ڪنهن به شيمپو سان ڌوپجي ڪانه سگهبي. پر مان سوچيان پيو ته ڪنٽينر ڪينيڊي جي قدرتي لشرڪر جنهن جي تعداد اٽڪل پندره