ميڪيناس گولڊ/ ريڪوڊڪ گولڊ/ اقوام متحده جي ڌمڪي

ڊاڪٽر آغا انعام الله

5 سيپٽمبر 2014
ڪرسي جي لالچ جي جاکوڙ ۾ ميدان تي لٿل شوڪت خانم جو شوباز ۽ قادر جي قدرت قادري اڃان ٿڪا ناهن. ڪي مري ويا، ڪي ڇڏي ويا ته ڪي نچي نچي ٿڪي پيا. هيره منڊي جو صلاح ڪار شيده ٽلي ، غوث بهاوالحق جو پڳدار شگفته گفتار انگريزي شاه ، ڪنٽينر ڪينيڊي ۽ يو ٽرن خان جي جّهوُل مان هآشمي پنهنجي هشمت ۽ ڏاهپ ولوڙيندي نيٺ غير پارلياماني سرڪس مان جان آجي ڪرائي واپس لوهر ڀائرن جي مقدس ٽهڪ ٽڪري تي پهچي جا ڌمال هنئي تنهن لاهور جي لوهرن ساڻ، خاڪي خرڪارن سميت سڄي قوم جا وڻ وڄائي ڇڏيا آهن. گهر گهر اليڪٽرانڪ ٿيٽر تي رڳي هڪ ئي راڳ الاپجي پيو، پوءِ ڀلا ڏي خبر ڇا ٿيو!! هاڻ ڇا ٿيندو!! شريف جرنيل جي شرافت جو امتحان به هرو ڀرو شريفن کي ايترو وٺڻ نه ٿو ٺهي، ڪٿي مڇرجي پيا ته راءِ ونڊ ۾ رڳي رنڀاٽ ٿيندا. ڦوٽي زرداري جي اشاري تي جيالن پارليامنٽ جي بالادستي جا ڌُڪڙ وڄائي آئين جي چپٽي تي جهمر هڻندي جيڪا ڌوڙ مخالفن سان ڪلهو ڪانڌي ٿيندي ساڻن مٿان پيٽري آ، سا اڳتي هلي ورهين تائين ڪنهن به شيمپو سان ڌوپجي ڪانه سگهبي.
پر مان سوچيان پيو ته ڪنٽينر ڪينيڊي جي قدرتي لشرڪر جنهن جي تعداد اٽڪل پندرهن هزار کن مس ٿيندي ۽ جنهن جي دربدرائي کي ذري گهٽ اچي مهينو ٿيندو، کارائي ڪير ٿو يار! اڄ ڪلهه جي چيله مروڙيندڙ ڳاٽ ڀڃيندڙ مهانگائپ ۾ سندن کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪهڙي سخي پنهنجي ڪلهي کنيو آ!! ڪٿ هندستان کي مطلوب ڊان جو ته ڪم ناهي!! هڪ ماڻهون جو ٽنهي ويلن جو گڏائي ٽوٽل ماني خرچ رڳو پنج سئو روپيا به هجي ته هڪ ڏينهن جو ان لشڪر جو خرچ بيهندو پنجهتر لک  انگين 75،00000 ۽ جڏهن کان ٽّڪ تي سيٽي وڄائي اسلام آبادي تخت ڏانهن هليا ، ويندي اڄ تائين يار اٽڪل رڳو ماني خرچ ٿو بيهي ساڍا اوڻيوه ڪروڙ. اسان کي ته خدا سون وقت تي گيدي ۾ ويهه روپيا به ناهن هوندا! تنهن کانپوءِ لائوڊن جو خرچ، گاڏين جو تيل، بوتل وارو پاڻي، سرف، صابڻ، عورتن جي موجودگي کي مدِنظر رکندي مهيني وارو ضروري نسواني خرچ، ٻارن جي فيڊرن لاءِ کير، بسڪوٽ چانهه وغيره، يار ڳالهه اسان جي سمجهه کان چڙهيل آ...

ڪالهه اٽڪل چاليه ورهين بعد, پنهنجي پسنديده ايڪٽر گريگري پيڪ جي هالي ووڊ جي هڪ بلاڪ بسٽر فلم "ميڪناس گولڊ"جيڪا مون 70 ڏهاڪي سکر واري شاليمار سئنيما ۾ ننڍي هوندي ڏٺي هئي سا ڪمپيوٽر تان ڊائون لوڊ ڪري ٻيهر ڏٺي. مان حيران ٿي ويس. منهجي زهن تي ميڪانس گولڊ جي ڪهاڻي  ريڪوڊيڪ گولڊ جي حقيقت جي عڪاسي پئي لڳي. انڪل سيم جي ذهانت ۽ قابليت جو به جواب ناهي. مون کي گريگري پيڪ جي سنجيده پروقار ۽ پرسرار رول ۾ غيرمعمولي طور هڪ خاڪي جرنيل پئي ڏسڻ ۾ آيو جنهن جو سينو بظاهر وطن جي حب جي جذبي سان سرشار هو، وڏي مهارت ۽ قابليت سان اڪيلي سر ڪيئن لالچي ٽولي سان نڀائي ٿو جن کيس سون جي تلاش بابت ڄاڻ هئڻ ڪارڻ يرغمال ڪيو هو، جنهن ۾ ساڻنس سون جي تلاش ۾ جيالا به گڏ اٿس، ڊسٽرڪ جج به اٿس، پوليس وارا به اٿس ،انڪل سيم وارا سرمائيدار به گڏ اٿس، شهرجا لوفر به آهن  ۽ ساڻ ان وحشي ٽولي ۾ ٻه ڪي ٽي ديش ڀڳت به. آخر ۾ هڪ وڏو زلزلو ٿو اچي ۽ ريڊ انڊين جي ان تڏهوڪي اڪثريتي علائقي گرينڊ ڪينين مان رڳي هو ۽ هڪ عدد سهڻي ڇوڪري ٿي بچي نڪري. مون کي ان ريڊ انڊين ۾ بلوچستان جا مري بڪٽي پئي ڏسڻ ۾ آيا، جن جي عقيدي مطابق گرينڊ ڪينين جي ان سون تي رڳو انهن جو حق آهي، ۽ ان کي ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ سان قبرن مان سندن ستل ارواح جاڳي پون ٿا ۽ پوءِ زلزلي ۾ سڀ ڪجه دفن ٿو ٿي پوي. جي ريڪو ڊيڪ جي گولڊ کان انڪل سيم جي حوارين بجاءِ چچي اکين وارن کي آندو ويو، ته پوءِ بلوچ ارواح جاڳن نه جاڳن پر يقينن انڪل سيم جي برمودا ٽرائينگل ۾ لڳل ٽيسلا ٽاور ضرور حرڪت ۾ اچي ويندو، ۽ اسان هارپ جي ان هٿيار هٿان ملبي جو ڍير ٿي پوندا سين يا پوءِ مينهن ۽ اصل سونامي ۾ لڙهي وينداسين.
هلو واپس لڪي قادري سرڪس ۽ يو ٽرن خان جي سونامي جي ڳالهه ڪجي. ڪن جيالن جو چوڻ آهي تي اهي فرنگين جي اشاري تي آهن، ته جيئن چٻي نڪ وارا ۽ چچين اکين وارا اسان وٽ سيڙپڪاري نه ڪري سگهن. وري ڪن دوستن جو چوڻ آهي ته خاڪي خرڪارن جا بڇيل آهن. يار ڪرسي ڪير ٿو ڇڏي، 67 سالن مان 40 سال ته خرڪارن خوار ڪيو اسان کي باقي 27 ورهين ۾ به الائجي ڪيترن ڀولن باندرن ۽ بگهڙن حوالي ڪيائون، خدا جو قسم آ لوڙهي لوڙهي لڙهي پيا آهيون، پورت پوي ئي نه ٿي يار، ۽ ٻڌو آهي ته ٽڪري تي تقريبن موجود مقدس جواگرن جي هنگڻ واري جاءِ جي ڪنارن کي به سون جو پاڻي چڙهيل آهي. جي آئين آڙي نه هجي آ، ۽ منهنجي رت ۾ جمهوريت پسند جراثيم نه هجن ته قسم آ مولا جو مان به خان واري جلسي ۾ عطاءُ الله عيسيٰ خيلوي جي ڪلام تي اُها جهمر هڻان جو ڪيا ڪهيي. يار حوال ته سهي ٿو ڪري باقي دلين جا حال مولا ٿو ڄاڻي.
ڪن فقير فقرا جو خيال آهي ته کين سوڀ اوستائين نه ملندن جيسين امبر مهڪ وارو ڪلام  مرشد لعل جي مان ملنگياڻي آهيان ،قلندر جي ڌمال نه وڄائن. ٻين جو وري خيال آهي ته جيسن علي جو نعرو نه هڻندا سوڀيارا نه ٿيندا.
مون ڪنهن ڏاهي کان پڇيو، بابا ڳالهه ته ٻڌائي ته معاملو ڇا آهي.
 چيائين پئي ادا خاڪي خرڪار بدماش لوهرن سان ڪاوڙيل آهن.
 ها پر خبر ته پوي ته ڇا تي؟
 يار پنهنجي پيا ڪن، صلاح وٺن ئي ڪونه ٿا. داخلي يا خارجي پاليسي ، رڳو اٿن پنهنجي پيٽ جو سور، کائي کائي ڀڀ پيو ڦاٽين پر ارواه ڪو خراساني ڪُتي وارو اٿن. دراصل هڪ مسئلو زمانت جو به آهي جيڪا فرنگين کي خراسان مان واپس موٽي وڃڻ لاءِ پئي کپي، تنهن وقت ڪنهن طاقتور جو ڪرسي تي هجڻ لازم آهي، باقي جي ٿاڻي جو صوبيدار هجي لوسي، ته ڪير روڪيندو مذهبي ڏاڙهيلن کي، جو اڳيون پويون نه ڪسرون ڪڍن پرديسن کان. ان کان علاوه ٻي وجهه آهي ته وڏي لوهر اڳوڻي چيف انصاف پسند جي لوسي ڇوري کي انڪل سيم جي رياست ڏانهن، ماٺ ميٺ ۾ نياپو ڪيو ته اسان وٽ زير زمين وڏو خزانو آهي جنهن کي ڪڍڻ لاءِ توهان اچي سرڪاري طور ڪو معاهدو ڪيو باقي ٽي پتيون ڪندا سي بابا، هڪ توهان، هڪ اسان ٻه ڀائر ۽ هڪ انصاف پسند جو حصو.
 ائين وري ڪيئن يار! تڏهن چوان ته خرڪار آخر ڇا تي ڇتا ٿيا آهن.
 يار ڪمال ٿا ڪن اهي لوهر به ، ايئن به ڪو بولاٽيون کائبيون هن ڇا. پر يار ان ساڳي خزاني واري جاءِ تي زير زمين سرنهن جو تيل جام آهي چون ٿا ته فرنگين جي عورتن کي وارن ۾ ڏاڍي خشڪي آهي، سو خرڪارن جو خيال آهي ته جي پرائي رن  هٿ ۾ هوندي ته پوءِ ڪهڙو مسئلو آهي، سو هو خزاني ۾ دلچسپي نه ٿا رکن.
مسئلو وري ٻيو به آهي، اهو ساڳيو سرنهه جو تيل اسان جو پاڙي وارو فارسي به ورهين کان فرنگين کي پيو وڪڻي، هاڻ جي اسان ٿا ڪڍون ته هن جي ننڊ ٿي حرام ٿي.
لوهرن کي سمجهايو سون ته ٻه ڀيرا ڪرسي تي ويهاريو سون وري ٽيون ڀيرو به هاڻ ڪجه گهرو مسئلا هن سو، سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو ته فرنگين سان راند ڪيون، پر ڪتي جي پڇ وانگر سڌي ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿا وٺن.
 پوءِ؟ 
في الحال جيڪا مٿي ۾ هوا نوابشاه واري ڀري اٿن سا ڪڍڻي آ، پر نانگ  به مري لٺ به نه ٽٽي.
 يار اڳي ته  خاڪين کي پرواه نه هوندي هئي، هاڻ ڇو!
 ادا ماڻهون به ڏنگا  ٿي پيا آهن هاڻ سڀ ڪجه ته اٿن ڇڙو ٽئنڪ ۽ جهاز نه اٿن، بابا خيال سان.

 مائي ڪولاچي جي گهر خانبهادر انڪل سيم جي خاندان جو ڇوڪرو آيل آ، چون ٿا ته متحده قاتل مومنٽ جي ڪنهن گلستان جي سيڪٽر 4 جي سيڪٽر انچارج وٽ مهمان آهي. ضد ڪيو اٿس ٻاراڻو، ته چچين اکين واري کي نه گهرايو، جي آيو به ته ان جي وڃڻ کانپوءِ اڻ مندائتي هولي کيڏڻ جو خيال اٿس. هواڏنهن وري لوهرن پنهنجن پراڻين ڊگهين ڏاڙهين وارن سان ميٽنگيون پڻ ڪيون آهن، چيو اٿائون ته جيئن عيد جو چنڊ سڀ کان اڳ توهان ڏسندا آهيو سو صوبي خوامخواه ۾ اسان کي مهينو اڳ ازهي واري عيد کپي. ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. باقي ڪولاچي ۾ هولي جي تياري مڪمل آ. برطانيه کان جوڪر ان سلسلي سڀن حاضر سروس نوڪرن کي هيڊ ڪواٽر رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو آ. ڏسجي ته ڇا ٿا ڪن، في الحال الله الله ڪيو، ڪوشش ڪري ڪاٽن وارا اڇا وڳا پائي نه نڪرو...


11 سيمپٽمبر 2014

6 سيپٽمبر پاڪستان جي بچاءُ واري ڏينهن نيول بيس تي حملي بعد 11 سيپٽمبر باني پاڪستان قائد اعظم جي 66 ورسي تي ٻه نيون ڌمڪيون سامهون آيون. هڪ برطانيه ۾ رهندڙ جوڪر کان ٻي انڪل سيم جي زاتي ٿاڻي جنيوا هيڊ ڪواٽر تان.
ڪالهه ٽي وي ذريعي بريڪنگ نيوز ۾ لنڊن جي جوڪر ، پاڪستان جي بيوقوف عوام ڏانهن همدردي ڪندي انتباه ڪيو آهي ته هوشيار ٿجو، ٽارگيٽ ڪلنگ جو موسم موٽي پيو، بٽڻ دٻجي چڪو آهي.
 اُٺ ته تڏهن ٿي رُنا جڏهن ٻورا ٿي سبيا.
 مون ٻه ٽي ڏينهن اڳ دوست سنڌي فرشتن واري بڌايل ڳالهه لکي هئي ته، خانبهادر انڪل سيم جي ڪهول جا ڇوڪرا لٿل آهن مائي ڪولاچي جي دسترخوان تي، ۽ ضد ڪيو اٿن پنهنجي ميزبان سان ڪنهن گلستان جي سيڪٽر 4 ۾ جوڪر جي ان ٽيم جي انچارج سان ته اسان هولي کيڏڻ آيل آهيون، شڪار ڏسيو. ان جي ئي ٻي ڏهاڙي ڪربلا جي پانڌيئڙي کي ليٽائي وڌائون ۽ ان سان گڏ ڪجه ٻيا جيڪي هٿ آيا.
 سمنڊ پار رهندڙ سنڌي دوست ٻڌائن ٿا ته هت ڪافي جي ڪوپ تي هاڻ اها ڪچهري عام جام آهي ته بابا پاڪستان ناڪام رياست آهي. انڪل سيم جي ئي بڇيل خونخوار بگهڙن جيڪو عراق جو حشر ڪيو آهي، سي اسلامي نّظريي کي آڏو رکندي بلوچستان جو رُخ ڪري چڪا آهن، ته جيئن اُت خاڪي خرڪارن سان ٻه پاڻي ڪن. پاڪستاني خرڪارن انڪل سيم جي ڳجهن ادارن پاران پاڪستان جي سربراهي واري سيٽ تي مقرر ڪرايل پوپاءِ د سيلر مين واري بروڊو جي ڳجهي ڊيل فيل ڪندي ريڪو ڊيڪ تي گهيرو ڪري چوڪيون قائم ڪري چڪا آهن، جت زيرزمين ڳجهن خزانن جو ڪو انت ناهي. چچين اکين وارن ماهرن جي پڻ ٽيم لٿل آهي، جيڪي سروي ۾ مصروف آهن. پر چچين اکين وارن ۽ خاڪي خرڪارن کي ان خزاني بجاءِ سرنهه جي تيل جي تلاش آهي جيڪي فرنگين جي رنن کي سندن وارن جي خوبصورتي لاءِ درڪار آهي. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته فارسي جون ننڊون رات ڏينهن حرام ٿي چڪون آهن. ڇاڪاڻ جو خاڪي خرڪارن واري پاسي ان تيل جي کوٽائي سان جنهن جي جاگريافي هنڌ ڪجه پاڙي واري فارسي واري کوهن کان هيٺ بيهندو جنهن ڪارڻ سمورو سرنهن جو تيل هن پاسي نڪرڻ سان فارسي کي ڌنڌي ۾ ڌڪ جو انديشو آهي، ۽ فرنگين جون رنون خاڪي خرڪارن جون محتاج بڻنجي وينديون ، تنهنڪري مفادات جي ان جنگ ۾ ڪيئي معصوم ليٽجي سگهن ٿا. سو بابا وري پيو چوان ته گهران ضرورت آهر نڪرو. هوڏانهن ڪينيڊي ڪنٽينر ۽ شوڪت خانم جي شوباز پنهجا خيما اڳي کان مّظبوط گهپائي ڊگهي پروگرام تحت اسلام آباد روزانه هڪ عدد ليڪچر جاري رکيو ويٺا آهن. بروڊو ڪوشش ڪري پنهنجي ڀاءُ سميت ٻوڏ متاسرين جي سارسنڀال لاءِ سندن خيمن ۾ وڃين ساڳيون رڙيون پيو رڙي ته ادا خان عقل ڪر وڙهندا سين پوءِ , اچ پهريون هنن جي مدد ڪيون، ڪتي جو پڇ جيڪڏهن پنهنجي کربين جي دولت مان اسلامي قانون موجب جي ڇڙي زڪوات ئي ڪڍي ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ بعد به رقم بچي پوندي. يو ٽرن خان وري هڪ دفعو چيو آهي ته 13 سيپٽمبر ڇنڇر ڏهاڙي پنهجي ڌرڻي جي پهرين مهيني گذرڻ تي هڪ شاندار موسيقي جو پروگرام رکيو آهي. يو ٽيوب تي هيٽي واري زلزلي ، جپان واري سونامي ۽ پاڪستان سپر فلڊس 2010 جي پٺيان سياسي مفادن جي پيش نظر جيڪا سائنسي جنگ هلي رهي آهي تنهن ۾ مون کي صرف نواب شاه واري ان ڏينهن واري زلزلي تي حيرت آهي جهن ۾ هڪ دفعو وري 15 کن ماڻهون شهيد ٿيا جنهن جو انتباه برطانيه جي هاءِ ڪميشن پاران پنهنجي شهرين کي نواب شاه ۽ اسلام آباد جي سفر کان روڪڻ لاءِ وارننگ جاري ڪئي هئي. ڪالهه ڪنهن دوست هڪ ٽوئيٽ ايس ايم ايس ڪيو ته بحر هنڌ ۾ جيڪڏهن زلزلو آيو ته ڪولاچي ۾ سونامي ايندو جنهن جي ڇولين جي اوچائي ست کان اٺ ميٽر هوندي، جنهن ۾ شايد مان به لڙهي وڃان، الله رحم ڪري اسان جي حال تي . هاڻ جنگ پاڪستان جي بقا کان ٽپي چڪي آهي، هينئر انسانيت جي بقا ۽ دجال جي جنگ آهي. سو صاحب ايمان يهودي، هندو، عيسائي ، مسلمان گڏجي ڪو بلو ڪن. دجالي ٽولي جي اهڙي هڪ ميٽنگ برطانيه جي هائوس آف ڪامن ۾ 27 جولاءِ 2006 تي ٿي هئي جنهن ۾ هڪ سيمينار جو بندو بست ڪيو ويو جنهن ۾ آزاد بلوچستان رياست جي قيام ۽ پاڪستان کي مختلف ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ رٿابندي تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وري ساڳئي سال 9 آگسٽ تي برطانيه جي ڏه عدد پارليامينٽيرين جي سينيٽ ڪميٽي جي هڪ ڳجهي ملاقات پڻ ٿي جنهن ۾ برطانيه جي ڳجهي اداري ايم آءِ 6 کي بلوچستان ۾ آزادي جي مهم تيز ڪرڻ لاءِ مالي ۽ عسڪر ي مدد لاءِ پابند ڪيو ويو هو. اهو سيمينا در اصل انڪل سيم جي حڪم تي سنڌس خابرو بلٽري ۽ تازين جي موجودگي ۾ برطانيه ۾ ڪوٺايو ويو هيو. پاڪستاني خابرو ادارن خبر پوڻ تي برطانيه جي ڳجهن ادارن سان سخت احتجاج ڪيو، ۽ ساڻ بلوچستان ۾ آپريشن ۾ پڻ تيزي آئي تنهن سان گڏو گڏ انڪل سيم ۽ صيهوني لابي جي تيار ڪيل تحريڪ طالبان کي اچانڪ تباه ڪرڻ تي انڪل سيم کي تمام اونهو گهاءُ رسيو آهي. سو هاڻ سواءِ عراقي بگهڙن کي ڪاري اسلامي جهنڊي هيٺ گڏ ڪري بلوچستان جي قبضي کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ناهي. هڪ اندازي مطابق پاڪستان ۾ زير زمين 25.1 کرب ڪيوبڪ فٽ گيس موجود آهي. جنهن مان رڳو بلوچستان ۾ 19 کرب ڪيوبڪ گئس جا ذخيره آهن. انوائرنمنٽ نيوز ايجنسي جي شايل ڪيل 27 آڪٽوبر 2006 واري رپورٽ مطابق بلوچستان جي سمنڊ ۽ ساحلي پٽي ۾ 6 کرب بيرل سرنهه جو تيل موجود آهي. ٻڌايو اڃان فرنگي رنون ڇتيون نه ٿين ته ڇا ڪن. ورلڊ گلوبل ريسرچ ڊاٽ ڪام مطابق شهيد راڻي ۽ نواب اڪبر بگٽي جو قتل ان سازش جو حصو آهي ته جيئين باغين جو گروپ تيار ڪرائي آزاد سنڌ، آزاد بلوچستان قائم ڪجي. جن دوستن کي اها خوشفهمي آهي ته آزاد سنڌ ۽ آزاد بلوچستان ۾ سندن چار چنڊ لڳي ويندا، اهي ، مصر، شام، عراق، لبيا، جي حشر مان سبق حاصل ڪن. يار صفا ڪي بادشاه آهيو، منهنجي گهر ۾ سون، هيرا جواهر، لال ياقوت آهن، اهو هڪ ڌاريو ڏاڍو مڙس ايندو سو مون کي ڪڍي ڏيندو ۽ مون کي سونو ڪري هليو ويندو، ڇو جو منهنجي پڦي پٽ جو آهي. بادشاه آهيو. ٿورڙو وقت ڪڍي پراڻي هالي وڊ جي انگريزي فلم ميڪناس گولڊ ڏسو، يو ٽيوب تي هيٽي واري زلزلي ، ڪشمير واري زلزلي، جپان واري سونامي، 2010 واري پاڪستاني سپر فلڊ جو اصل ڪارڻ معلوم ڪيو، پوءِ پنجابي اڳواڻ جي لڏيل ڪرسي کي مليل سهارو ، پنجاب جي سيلاب ۽ نواب شاه ۾ آيل تازي زلزلي تي غور ڪيو، ۽ پوٰءِ اقوام متحده جي طرفان جاري ڪيل نئي ڌمڪي طرف ڌيان ڏيو. 
  



Top of Form
L
Bottom of Form

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI