Posts

Showing posts from February, 2022

مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ

Image
  مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم / فيروزه   بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ آغا انعام الله 17 جنوري 2022 مٺڙي امڙ جي ناءُ   اڄ 17 جنوري منھنجي والده   جي ٽين ورثي آھي. امڙ ، مساماما   جي ھٿن ۾ ھي ڄائي ھئي.   2006 ع ۽ 2007 دوران ڪيل پاڪستان ڊيموگرافڪ سروي ۾   پھريون ڀيرو   ماءُ جي اموات   جي شرح ۽ ان جي مختلف ڪارڻ جي شرح جا انگ اکر شامل ڪيا ويا. تازو 2019 واري ڪيل ان سروي ۾ جيڪي انگ اکر سامھون آيا آھن ،تن ۾ 2006 ۾ ريڪارڊ ڪيل مائرن جي شرح   اموات جنھن کي ايم ايم آر ( MMR ) چيو ويندو آھي ، ھڪ لک ويم دوران يا ويم جي 42 ڏھاڙن دوران اموات جو انگ   276 ھو جيڪو 2019 واري سروي مطابق گھٽجي ھاڻ 186 تي آھي. سنڌ ۾ اھا شرح ھڪ لک ويم دوران مائن جي اموات 314 ھئي جيڪا ھاڻ گھٽجي 224 تي آھي.   سنڌ جي ٻھراڙي ۾ انھن اموات جي شرح جو وڏو انگ انھن حاملا عورتن جو ھو جيڪي حمل جي پيچيديگين ڪارڻ يا ته اسپتال ڪونه پھچي سگھيون يا سندن ويجھي ڪا اسپتال ڪانه ھئي . اھڙو ئي ھڪ واقعو   اوڻويھ   صدي جي آخري ڏھاڪي   ضلع شڪارپور جي ٻھراڙي ۾ واقع ھڪ ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ پيش آيو، جيڪو سڌي يا اڻ سڌي ريت ان علائقي ۾ ھڪ ميٽرنٽي