Posts

Showing posts from November, 2021

اجرڪ خدا جي وجود جو قديم اقراري اھڄاڻ ۽ روحانيت جو عَلم

Image
  اجرڪ خدا جي وجود جو قديم اقراري   اھڄاڻ ۽ روحانيت جو عَلم ڊاڪٽر آغا انعام الله 10 نومبر 2021   سترھين صدي ۾ گجرات ۾ ايندڙ قحط   انگريزن جي قسمت جا دروازا وڌيڪ کولي ڇڏيا جڏھن انھن تازي خام مال جي واپار کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي. سنڌ ۾ تن ڏينھن مخصوص سنڌي ڪاٽن ۽ نير رنگ جي پيداوار تمام گھڻي مقدار ۾ ۽ موزون قيمت تي دستياب ھوندي ھئي.   نير رنگ بريصغير جي ھڪ خاص نير نالي ٻوٽي منجھان حاصل ڪيو ويندو ھو.  صوفين ۽ ولين جي ڌرتي سنڌ جي رڳ رڳ ۾ روحانيت ۽ تصوف جو تاثير سمايل آھي.هتان جي لوڪ جي رھڻي ڪھڻي ،   پھرياڻ، کاڌ خوراڪ، ڪاڄ ڪانڌپا، موسيقي، ريتون رواج, مطلب ته ھر عمل   روحانيت جي روغن سان ريٽيل ھو. ھزارين ورھيه پراڻي ھن تھذيب  ۾ اجرڪ کي خاص احميت حاصل آھي. اجرڪ ڪنھن مملڪت جي جھنڊي کان وڌيڪ عظيم، محبت جو ´علم، ڪنھن ولي جي مرقد تي پيل پڙ جيان پاڪ ۽ ڪنھن شھنشاھ جي جسم سان اوڙھيل شانائتي لباس واري حيثيت رکي ٿو .  ان اجرڪ ۾ جيڪي مک ٻه رنگ ڇريل رھن ٿا، جن ۾ ھڪ نيرگ (Indigo) ۽ ٻيو ڳاڙھو ريٽو (Crimson) تن جي   پڻ روحاني احميت آھي.   قديم بائبل صحيفي ۾ ان ڳاڙھي رنگ   کي خدا جي وجود جي حقيقت ،

ايڪويهن صدي وارو رنجيت سنگه

Image
آغا انعام الله 23 مارچ 2021   لاهوري رنجيت سنگه جو شڪارپور تي قبضي وارو خواب فرنگين ڌوڙ ڪري ڇڏيو. چارلس نيپيئر ١٨٤٢ ع ۾ سنڌ فتح ڪئي .  گريٽر پنجاب واري منصوبي کي پاياتڪميل رسائڻ واري واعدي بهاني جيڪا زيادتي سنڌ سان ٿيند آئي آھي تنهنجو حساب ھاڻ امام زمانه ھي وٺندو .   هندستان جي شهر قاديان ويجهو پاڪستاني ضلعي ناروال پنجاب جي ڪرتارپور ڪاريڊور جي   افتتاحي تقريب نومبر ٢ ۰ ١٩ ۾ ٿي گذري جت عمران ٢١ صدي جي رنجيت سنگه جو روپ ڌراريندي پاڪستان ۽ آ ايس آء مخالف بالي ووڊ جي فلمن جي مک ڪردار سني ڊيول ۽ هندستاني اڳوڻي سک ڪرڪيٽر   نوجوت سنگھ سڌو جي آجيان ڪئي. جت سڌوو   زير تعمير   مديني جي رياست   جي اڳواڻ عمران سنگھ آڏو قاديانن جي پيغمبر مرزا غلام محمد جي تمام گهڻي نيڪي ڪئي .   ڪالھ ٽوئٽر   حيرت انگيز هو . ڱاڙھي ٽوپي پهريندڙ , روسي ڪاه خلاف افغانستان ۾ جهاد جي دعوي' ڪندڙ ٺڳ , زيد حامد جنهن کي جت به موقعو ملي ذوالفقار علي ڀٽي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ پيش پيش ھوندو آھي .   واٽس ايپ تي هڪ پوسٽ وائرل ٿي جنهن ۾ بنگالين جي پاڪستان کان الڳ ٿيڻ بعد   خوشحالي جا انگ اکر درج هئا. سا شايد