ايڪويهن صدي وارو رنجيت سنگه


آغا انعام الله

23 مارچ 2021

 

لاهوري رنجيت سنگه جو شڪارپور تي قبضي وارو خواب فرنگين ڌوڙ ڪري ڇڏيو. چارلس نيپيئر ١٨٤٢ ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. گريٽر پنجاب واري منصوبي کي پاياتڪميل رسائڻ واري واعدي بهاني جيڪا زيادتي سنڌ سان ٿيند آئي آھي تنهنجو حساب ھاڻ امام زمانه ھي وٺندو. 

هندستان جي شهر قاديان ويجهو پاڪستاني ضلعي ناروال پنجاب جي ڪرتارپور ڪاريڊور جي  افتتاحي تقريب نومبر ٢۰١٩ ۾ ٿي گذري جت عمران ٢١ صدي جي رنجيت سنگه جو روپ ڌراريندي پاڪستان ۽ آ ايس آء مخالف بالي ووڊ جي فلمن جي مک ڪردار سني ڊيول ۽ هندستاني اڳوڻي سک ڪرڪيٽر  نوجوت سنگھ سڌو جي آجيان ڪئي. جت سڌوو  زير تعمير  مديني جي رياست  جي اڳواڻ عمران سنگھ آڏو قاديانن جي پيغمبر مرزا غلام محمد جي تمام گهڻي نيڪي ڪئي. 

ڪالھ ٽوئٽر  حيرت انگيز هو.

ڱاڙھي ٽوپي پهريندڙ , روسي ڪاه خلاف افغانستان ۾ جهاد جي دعوي' ڪندڙ ٺڳ , زيد حامد جنهن کي جت به موقعو ملي ذوالفقار علي ڀٽي کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ پيش پيش ھوندو آھي

 واٽس ايپ تي هڪ پوسٽ وائرل ٿي جنهن ۾ بنگالين جي پاڪستان کان الڳ ٿيڻ بعد  خوشحالي جا انگ اکر درج هئا. سا شايد همراه جي ھٿ به لڳي هوندي. تنهن بعد ڪاوڙ منجهان ڀٽي جي هڏين کي قبر مان ڪڍي ڦاھي ڏيڻ لاء ٽوئيٽ ڪيائين. 

 

نئين نسل کي اهو ئي رٽايو پيو وڃي ته ادهر تم ادهر هم جو نارو ھڻندڙ ڀٽو پاڪستان جي ٽوڙڻ ۾ شامل هو. جڏھن ته بنگلاديشي اخبار جي سرخي ان جي برعڪس هئي. اهو نعرو  ايئن نه هو. هڪ ملڪ جي اڪثريت ان کان عليحدگي اختيار ڪئي ان جي وجه ڪو هڪ شخص يا هڪ واقعو نه ٿو ٿي سگهي. ١٩٤٧ بعد ٢٤  ورهين جي مسلسل ظلم , بربريت ۽ ناانصافي جو نتيجو هو. 





ڪالھ سما ٽي وي ٽئيٽ ڪيو ته " پاڪستان اسٽيٽ بئنڪ پنهنجن شهرين کي هندستان ۾ مشروط سيڙپڪاري جي اجازت ڏئي ڇڏي. منهنجي دل پوزيون پئي ڏنيون ته شڪارپور جت ڪنهن وقت پوري وچ ايشيا, سائوٿ ايشيا, روسي رياستن ,ترڪي ۽ بالڪن اسٽيٽس جو مرڪز رهيو,  وري اجهو اوج ماڻيندو ۽ ديوان موٽندا. پر پوء يڪدو اهو سوچيندي اداس ٿي ويس ته شايد اها سهولت رڳي ڪرتارپورين کي نه هجي!!! جيڪي بڪنگهم پئلس جي رٿيل وڳوڙن دوران پارٽيشن قوس جا مک ڪردار ھئا. تن  سامراجن  مسٽر گلوڊشمڊ جي ويھاريل رکيل ليڊي اينابل جي ناٺي عمران خان ذريعي پنهنجن وفادارن جي ٻي نسل سان وانگار وهي ويا. هوڏانھن گڏو گڏ ھندستان ۾  شروع ڪيل ھارين پاران تحريڪ ۾ آزاد خالستان جو نارو پڻ ھڻايائون جنهن جي ممڪنا پاڪستاني پنجاب سميت آزاد خالستان واري رياست جي تشڪيل بابت 50 کن ورھيھ اڳ آغا شورش ڪاشميري پنھنجي ڪتاب "عجمي اسرائيل" ۾ تفصيلي   بيان ڪيو آھي جنهن ۾ آزاد خالستان جيڪو دراصل گريٽر پنجاب جو تجويز ٿيل نقشو آھي ، سو شراڪت اقتدار ۾ قادياني به هوندا.

الائجي اھي روحاني بابا ڪٿي آھن جن اي ڪي بروھي ذريعي ذوالفقار علي ڀٽي جي مديني کان آيل عاشق رسول سان ھوٽل ميٽروپول  ڪراچي ۾ ملاقات ڪرائي ۽ سندس رسول الله جي بارگاھ مان آندل نياپو پڄايو ته قاديانن کي آئيني طور ڪافري قرار ڏيو. اھڙي وقت جڏھن پاڪستان جي بري فوج جو ڊپٽي چيف قادياني ھو، نيول چيف قادياني ھو ۽ ايئرفورس جو چيف قادياني ھو. ذوالفقار جنهن تي اڪثر بيروني ايجنٽ ھجڻ جا الزام لڳا تنهن سان گڏ زاني شرابي شخص وارا لقب تنهنجي باوجود هڪ اهڙي ماڻھون جي ڳاله ۽ سا به عالم ارواح کان نياپو, سو اها سڌ پوء ڀٽي جهڙي زاني تي ڪيئن پئي. ذوالفقار کي ڪٽنب سميت شھيد ڪرڻ بعد ھر وقت بنگلاديش جي آزادي جو مک ڪردار جو الزام ھڻندي غداري وارو ٺپو ھڻندي  عقل جا انڌا  ڇو خاموش آھن  ۽ اھو تبصرو  ڪير ڇو نه ٿو ڪري ته پاڪستاني فوج پنھنجي جرنل يحي' کي نظر بند ڇو  رکيو؟

اهو ڪوئي ڇو نه ٿو غور ڪري ته جت ڀٽي جي ڦاهي تي سڄي دنيا ۾ تڏو وڇايل هو ۽ اها قاديانن لاء عيد هئي پر عمران سنگه ڪڏهن زندگي ۾ ڀٽي جي وفات تي شهيد بينظير سان اظهار افسوس ڪانه ڪيو ۽ نه ئي وري محترمه جي شهادت بعد ان جي پوينرن سان. 


عمران سنگھ ڪرتارپوري

شبر زيدي لٽڪيل شهپرن ٽوئيٽ ڪيو ته 1973 واو آئين موئثر ناهي , تنهنڪري قوم نئين عمراني معاهدي لاء تيار ٿي.

صوبي سنڌ جي باقي رهيل اثاثن تي قبضي لاء   ارڙهين ترميم  جو خاتمو لازم آهي. اهو ڪم رڳو ملڪ رياض ذريعي نه ٿو ڪري سگهجي.  جنهن لاء وري اسيمبلي ۾ ٻه ٽهائي اڪثريت لازم آھي جيڪا في الحال عمراني سرڪار لاء ممڪن ناهي. تنهڪري دادا گيري ڪندي وفاق ڳجهن طاقتن جي زور تي جناح اسپتال کي وفاق جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو. اهو هڪ ٽيسٽ ڪيس هو ۽ آئيني ڀڃڪڙي ڇاڪاڻ جو ارڙھين ترميم بعد 9وزراتون بشمول صحت ڊيووليوشن تحت صوبائي ليول تي خدمختيار آھن. تنهن کان علاوه سنڌ ڄائي جناح اسپتال جي ايگزيٽو ڊاريڪٽر ميڊم سيمن جمالي کي عالمي اداري صحت پاران دنيا جي ڏھن ھيروز ۾ شامل ڪيو ويو آھي. پر اها شهرت عمراني سرڪار پنهنجي کاتي رکڻ چاهي ٿي تنهنڪري جناح اسپتال تي زوري قبضو ڪيو ويو.  جيڪڏھن ڪو ريڪشن ناهي ته به ۽ جي  ارڙھين ترميم ختم  به ٿي پر قبضو جاري رهندو.

ان کان  اڳ عالمي اداري صحت ڪورونا جي پهرين لهر کي منهن ڏيندي دنيا ۾ چين بعد سنڌ کي سرهايو. پر اسٽيبلشمينٽ کان اها ڳاله هضم ڪانه ٿي سو مراد علي شاه کي اسلام آباد گهرائي ڪاوڙ جو اظھار ڪيائون. هڪ پنجابي جرئت ڪندي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته جناح صاحب ڀُل ۾ ڊي ايچ اي جي زمين تي پاڪستان ٺاهي ڇڏيو. ڏاڍا ڏنگا آهن

جت ڪورونا ويڪسين کي دجالي جنگ جو هٿيار تصور ڪيو وڃي پيو, ساڳي وقت گذريل ڪجھ ورھين کان ڳاڙھي ٽوپي پائيندڙ  مشڪرو  زيد حامد ابو هريره جي حديث جو حوالو ڏيندي عوام کي غزوه ھند لاء تيار رھڻ لاء تاڪيدي ٽوئيٽ جاري رکيو ويٺو آهي. هوڏانھن ٻي خبر اها آهي ته دبئي وارن شيخن جي ڪوششن سان پاڪستاني ۽ هندستاني عسڪري قيادت پاڻ ۾ ٺھي ويون آهن. ڪشمير ڇٽو. غزوه هند ڪئنسل. پر مونکي هاڻ الئجي ڇو محسوس پيو ٿئي ته غزوه ھند کان اڳ متان چائنا جي سرپرستي هيٺ بلوچ ۽ سنڌي مجاهدن جي رنجيت سنگه جي باقيات ڪرتاپورن سان "غزوه سنڌ" نه ٿي !! 

دجالي به گڏ ٿين . علي وارا به مڙن . ناري حيدري ٿئي.

 

Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI