Posts

Showing posts from July, 2021

اياز سان ملاقات

Image
 اياز سان ملاقات 3 جولاءِ    2021 ڄام شورو   ڪو وقت ھو حيدرآباد جي رڪشائن جي غل کان ڏور ڄام شوري جي رومانوي فضا ۾  ڪنهن ادبي اقابر سان ڪچهري لاء يا ھرو ڀرو   به  روميو ڏسجڻ لاءِ نڪري وڃبو ھو. سنڌ يونيورسٽي جي ڪنھن به شعبي ۾ زير تعليم رھيل شخص جي زندگي جي تسلسل جو مھور ڄام شورو جي يادن سان مربوط رھي ٿو.   ايل ايم سي جي اڪيڊمڪ زندگي وارا سال ۽ ان سان لاڳاپيل لمحا ڪنھن کان به   ناھن وسريا.  المنّظر جي سامھون اوڀر واري   ڪپ جي     واري تي ڊسمبر جي ھڪ سرد    رات    سترھن ورھين جي برطانوي ناري ڪيري   پامر پڻ    پنھجي سنڌي محبوب ساڻ ملھايل   ماشميلوز پارٽي   ۽ چانڊوڪي ۾   باھ   جي ان مچ جي عڪس پٺيان ترندڙ     مائي خيري   مھاڻي   جي ڪٽار ڏانھن لوڏيندڙ ھٿ واري ان لمحي کي ياد ڪندي   روئي پوي ٿي ته منھنجي تصور ۾ ان   پل ان ايندڙ لمحي دل دھلايو جڏھن آئون   توکان ڏور ايئن آخري ڀيرو ھٿ   لوڏيندي   ھلي ويندس. پنجٽيھ ورھيھ اڳ ملھايل اھا شام   کيس اڄ به ياد آھي. سنڌو   پار ڪرائيندڙ   ڄام شوري واري پل تي   ڪلھ پھرين اسپيڊ بريڪر ڪراس ڪرڻ شرط ئي   کاٻي پاسي   86ع   ڏانھن نھاريندي ، نظر اينٽارٽيڪ