Posts

Showing posts from 2018

نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو

6 مئي 2014 ڊاڪٽر آغا انعام الله ورهيه ٿيا گدو بدر ڇڏي. عشق جي چماٽ ڏاڍي ڳري ٿي ٿئي. اهڙي هڪ چماٽ مون کي به گدوبدر جو سير ڪرايو. گدو بدر حيدرآباد ۾ گدو چوڪ لڳ، ورهاڱي کان اڳ ڪنهن پارسي پاران تعميرڪرايل ادارو آهي  جنهن جو آفيشل نالو ”سر سي جي انسٽيٽيوٽ آف سائڪياٽري“ آهي، جنهن کي ڳچ وقت ڊاڪٽر حيدر علي .جي .قاضي هلايو. مهاورتن اهو جملو استعمال ٿيڻ لڳو ته ادا فلاڻي کي حيدرقاضي ڏي وٺي وڃو، اسڪرو ٽائٽ ڪرايوس. ان انسٽيٽيوٽ ۾ شاگردن کي دماغي بيمارن بابت سکيا ڏني ويندي آهي ۽ ان کان علاوه سوين دماغي مريض پڻ داخل ٿيل آهن . سنڌ جي برک ليکڪ مرحوم علي احمد بروهي سان هڪ ڀيري روح رهاڻ دوران، بروهي صاحب فرمايوته سنڌ ۾ ٻه چار ذاتيون اهڙيون آهن جن جا ماڻهون يا ته ڄمندي جينيس يا چريا آهن، جنهن ۾ هن پاٽ شريف جي قاضين کي پڻ شمار ڪيو، تنهن کان علاوه پٺاڻ خاص طور ڪوٽائي پٺاڻ ۽ صديقي، چوٿين ذات مون کان وسارجي وئي آهي. کلندي چيائين ته پٺاڻن کي هونءَ به دماغ ڪجه گهٽ مليل آهي پرتوهان ڪوٽائي پٺاڻن کي ته ورلي ڪنهن ڏهن پندرهن مان جي هڪ اندر آنو يا پاءُ ذري ڪو ميـڄالو ملي ته واه واه نه ته ڪل پيران دا خيرآ