نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو



6 مئي 2014

ڊاڪٽر آغا انعام الله
ورهيه ٿيا گدو بدر ڇڏي. عشق جي چماٽ ڏاڍي ڳري ٿي ٿئي. اهڙي هڪ چماٽ مون کي به گدوبدر جو سير ڪرايو. گدو بدر حيدرآباد ۾ گدو چوڪ لڳ، ورهاڱي کان اڳ ڪنهن پارسي پاران تعميرڪرايل ادارو آهي  جنهن جو آفيشل نالو ”سر سي جي انسٽيٽيوٽ آف سائڪياٽري“ آهي، جنهن کي ڳچ وقت ڊاڪٽر حيدر علي .جي .قاضي هلايو. مهاورتن اهو جملو استعمال ٿيڻ لڳو ته ادا فلاڻي کي حيدرقاضي ڏي وٺي وڃو، اسڪرو ٽائٽ ڪرايوس. ان انسٽيٽيوٽ ۾ شاگردن کي دماغي بيمارن بابت سکيا ڏني ويندي آهي ۽ ان کان علاوه سوين دماغي مريض پڻ داخل ٿيل آهن.
سنڌ جي برک ليکڪ مرحوم علي احمد بروهي سان هڪ ڀيري روح رهاڻ دوران، بروهي صاحب فرمايوته سنڌ ۾ ٻه چار ذاتيون اهڙيون آهن جن جا ماڻهون يا ته ڄمندي جينيس يا چريا آهن، جنهن ۾ هن پاٽ شريف جي قاضين کي پڻ شمار ڪيو، تنهن کان علاوه پٺاڻ خاص طور ڪوٽائي پٺاڻ ۽ صديقي، چوٿين ذات مون کان وسارجي وئي آهي. کلندي چيائين ته پٺاڻن کي هونءَ به دماغ ڪجه گهٽ مليل آهي پرتوهان ڪوٽائي پٺاڻن کي ته ورلي ڪنهن ڏهن پندرهن مان جي هڪ اندر آنو يا پاءُ ذري ڪو ميـڄالو ملي ته واه واه نه ته ڪل پيران دا خيرآ بابلا.
مون حيدر قاضي جي ذيرنگهداشت ئي سائيڪياٽري پڙهڻ شروع ڪئي. ڪنهن يار چيو” پٺاڻ ميڊيڪل ۾ ٻيا مظمون کٽي ويا هئا ڇا! هڪ توهان اڳم ئي چريا ويتر جيڪي ويچارا اُت علاج خاطر داخل آهن تن کي به چريو ڪندين ڇا!“ کلندي وراڻيم ته ادا چماٽ لڳل آهي، سو علاج ڪارڻ بهاني سان انٽرنشپ ورتي اٿم ته جيئن ڪنهن کي شڪ نه پوي، تعليم سان گڏو گڏ ماٺ ميٺ ۾ ڍلا ٿي ويل اسڪرو قاضي صاحب کان ٽائيٽ ڪرائي وٺندس. سائيڪياٽري ۾ هڪ اصطلاح آهي ”لوزننگ آف ايسوسيشن“ يعني ڪيڏانهن جي ڳالهه ڪاڏي! نه ڪو مُنڊ ! نه سُر“. ٻيو سڀ ته ٺيڪ ٿي ويو پر مون کان اها عادت اڃان به ڪانه ٿي وڃي.

انگريزن کان آذادي ملڻ بعد، ڪنهن حڪومت ڪڏهن به سنڌ جي ڏکين، بکين، مسڪين ۽ مفلوڪ الحال ماڻهن کي عزت ۽ آبروءَ سان روزگار مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ ڪو موثر اُپاءُ ڪونه ورتو، رڳو سکڻا ڏٽا ۽ هر شهر کي پيرس ۾ تبديل ڪري ڏيڻ وارا خواب.
گوبيءَ جي رڻ پٽ جو رولاڪ شخص تيموجن، جيڪو پوءِ چنگيز خان جي لقب سان مشهور ٿيو، سو پاڻ ته سنڌ ۾ پهچي ڪونه سگهيو، پرسندس پونير پهچي ويا. مغلن جي شاهي گهراڻي جو باني، بابر بادشاه، توڙي ارغون گهراڻي جو باني، شاه بيگ، ٻئي ڄڻا سندس اولاد مان هئا. بابر بادشاه هند کي ۽ شاه بيگ ارغون سنڌ کي سٽي ڪُٽي پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.
ڪوٽائي سنڌي ڳالهائنيدڙ پٺاڻن جو پشتون پاڙو غوڙا خيل بابڙ آهي. انگريزي ۾ ڙ نه هئڻ ڪارڻ جڏهن ڙ جي جاءِ ر (R ) استعمال ڪجي ٿي ته انگريز انهن بابڙن کي چنگيزي اولاد وارا بابر سمجهن ٿا جڏهن ته ايئن ناهي. اِهي بابڙ سن 1790 عيسوي ڌاري افغانستان ۾ شورش هجڻ ڪارڻ لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا. جيئين قلندر، ڀٽ ڌڻي، سيد، ڀُٽا، ارائين، کوکر ۽ ٻيون گهڻيون ذاتيون اچي سنڌ ۾ آباد ٿيون ۽ سنڌي ٻولي ۾ ذم ٿي ويون.
آئون پنهنجي اهڙي هڪ سنڌي پٺاڻ ماسات کي پيار وچان تيموجن چوندو آهيان. 20 ڊسمبر 2007ع جڏهن شهيد راڻي سنڌس جي شهادت کان ست ڏينهن اڳ ڪوٽ مون واري ناناڙي، ماسڙ سائين جي وفات جي تعزييت لاءِ پهتي ته تيموجن کي انگريزي ۾ چيائين” تيمو جڏهن مان پهريون ڀيرو هن گهر آئي هيس تون شايد سال کن جو هوندي“. تيموجن کي ايجنسين وارن محترمه جي جان کي خطرو هجڻ جو انتباه ڪري ڇڏيو هو تنهن ڪري تيموجن جا پگهر بيٺا نه ٿي. سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر ڪارڻ ۽ پنهنجي پيءُ ۽ گهر وارن جو دادلو هجڻ ڪارڻ تيموجن سنڌي ڪلچر ۾ رنگجي چڪو هو. ننڍ پڻ کان ڪُتا پالڻ جو شوق، ڪڪڙ ويڙهائڻ جو شوق، شراب ڪباب جون محفلون، سٽي بازي وغيره تيموجن کي پڙهائي کان غافل رکيو. سو شهيد راڻي جي انگريزي ايڪسنٽ کي هزم ڪري ڪين سگهيو، سو گٽ مٽ ڪندي رڳي يس يس پليز پئي ڪيائين. منهنجا پگهر وري شرم وچان بيٺا ڪونه ٿي. امان تنهن ڏينهن سختي سان چيو هو ته ٽمڪو توکي سچ ڳالهائڻ جي پٽ آهي سو مهرباني ڪري وات بند رکجان. تيموجن جو پيءُ مونهجو ماسڙ مون کي پيار وچان ٽمڪو چوندو هو سو تنهن ڪري آئون ننڍ پڻ ٽمڪو نالي عام هئس. ماسڙ جو پيءُ جنهن کي وري پيار وچان ڪِڪو بابا چوندا هئاسين سو سياست ۾ نظرياتي ليڊر هو. سنڌ جي حق تلفي تي اڪثر پارٽي واري وفاق پرست پاليسي تي مڇرجي پوندو هو. فوٽو سيشن ۽ اخباري بيانن واري سياست کان نفرت هجڻ  ڪارڻ هميشه پٺتي رهندو هو ۽ ٻين کي اڳتي رکندو هو. مذاحمتي تحريڪ جي باني سيد سڳوري پنهنجي ڪتابن ۾ سنڌس ذڪر ڪيو آهي.
 ورهيه اڳ ننڍپڻ ۾ پنڪ پينٿر ، ٽام اينڊ جيري نالي ڪارٽون ڏسندو هوس، ذوالفقار ۽ شهيد راڻي کان پوءَ هاڻ سياسي بيان ٻڌي دل وندرائندو آهيان. نه چاهيندي به سياسي وبا جو شڪار ٿي پوندو آهيان، ڇاڪاڻ جو منهنجو گهر تيمجون جي گهر سان بلڪل لاڳ آهي.
ننڍ پڻ کان ڀڳت ڪنور رام جي جوهڪ گيت ”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“ اڪثر جهونگاريندي روئي پوندو آهيان. ڪڪو بابا واري مسجد منزل گاه جي هندن جي قبضي کان آزاد ڪرائڻ واري جدوجهد دوران ٿيل وڳوڙن ۾ کيس ش پور لڳ هڪ اسٽيشن تي ڪنهن هُر شهيد ڪري ڇڏيو. مون جڏهن ڪڪو بابا کان هڪ ڀيري ان تحريڪ شروع ڪرڻ بابت پڇيو جنهن جي نتيجي هزارين جانيون ضايع ٿيون، ته چيائين، ”قائد اعظم عليڳڙه ۾ کائنس واعدو ورتو هو ته سنڌ وڃي اُت مسلم ليگ کي متحرڪ ڪيان، هتان جي ملن کي معاشي پروگرامن بابت جيڪي ڪجه ٻڌائندو هو ته ڪيئن هندو کين غلام بڻائي رهيا آهن ته  ڪنهن جي به جونءَ ڪانه ٿي چُري سو سوچيم ته هاڻ سنڌن ايمان جي ڳيچي جهلجي سو اها مسجد هندن جي قبضي هيٺ هئي جت هو شراب ۽ گاسليٽ اسٽور ڪندا هئا تنهن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪئي. جنهن ۾ پاڻ پنهنجي ساٿين ساڻ ڪوٽ کان پيرين پنڌ نڪري جهاد جو سڏ ڏيندي سکر پهتا هئا. پر مون کي حيرت آهي جو امان ٻڌائيندي آهي ته جڏهن جناح صاحب وفات ڪئي ته گهر ڀاتين کي مبارڪون ڏيندي چيائين دشمن مري ويو.
اڄ ڪلهه اسان وٽ باقي بچيل اسلام ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، هڪڙا لبرل اُهي جيڪي رمضان جو مهينو افطار پارٽين ۾ ملهائين ٿا ، شوق وچان هر سال عمرو ڪن ٿا ۽ فخر وچان پاڻ کي خوشنصيب سمجهندي چون ٿا سائين مديني واري سرڪار جنهن کي گهرائي. جمعي واري ڏينهن اڇا ڪاٽن وارا برانڊيڊ ڪپڙا پائي ٻه فرض پڙهي گهر وڃي برٽني اسپيرس ۽ ليڊي گاگا جي گانن سان لطف اندوز ٿين ٿا. ٻيو طبقو درودي ۽ ٽيون بارودي. هڪڙا درود پاڪ تي النبي صلوعليه ڳائيندي جهمر هڻن  ٿا ته ٻيا وري پيٽ سان بم ٻڌي پاڻ اڏاري ساڻ سوين معصومن کي قتل ڪن ٿا.
ڪڪو بابا جي وفات بعد سياست واري گادي تي ماسڙ ويٺو جنهن کي شهيد راڻي شاهنواز ۽ مرتضيٰ جي شهادت بعد پنهنجو ڀاءُ ڪوٺيندي هئي. ماسڙ جي وفات بعد ان گادي تي وري تيموجن ويٺو. سنڌ ۾ سياست ۽ روحانيت هاڻ گادين حوالي آهي. تن ڏينهن جڏهن ماسڙ حال حيات هئا ته هڪ ڀيري سنڌس هڪ دوست چڱو خاشو ويڪرو قداور عربي ڊريس ۾ ملبوس کيس ملڻ آيو، جيڪو تازو عمرو ڪري آيو هو. عربن واري ڳُچي ڏاڙهي پڻ هيس. ماسڙ شايد پيار وچان شيخ چئي رهيو هو، ساڻنس هڪ ڀيري مون ننڍو ڀاءُ پڻ ڏٺو جيڪو ٻاراڻي فوجي ڊريس ۾ ملبوس هو. وڏڪ چيو ته هي فوج ۾ ڀرتي ٿيندو ۽ انشاءُالله هڪ ڏيهن نشانِ حيدر ماڻيندو، ماسڙ وراڻيو تمغا اي امتياز ڪافي اٿس. هڪل ڪري نوڪر کي رڙ ڪيائين ته شيخ لاءِ گلاس ٺاهي اچ، ۽ ٿورو اسٽرانگ رکجان. نشان امتياز ته ڪونه ماڻي سگهيو، سي ايس پي پاس ڪيائين، ماسڙ سنڌس تعريف ڪندي ڄام صاحب حوالي ڪيو تنهن به پوءِ ماسڙ کي ۽ بعد ۾ تيموجن کي ڪاريهر وارا ڏنگ هنيا.
منهنجي وڏي ڀاءُ جي شادي تي اهو عربي سنڌي شيخ ، بابا مرحوم سان اٽڪي پيو چيائينس ته خان شادي تي مجري ۾ رنڊيون وٺي اچڻ جو زمو کيس ڏنو وڃي ڇاڪاڻ جو خان وارن جي نوڪرن کي خبر ڪانه ٿي پوي سو پي آءِ اي جي رٽرن ٽڪيٽ جي گهر ڪيائين چيائين ته لاهور وڃي پاڻ چونڊي کڻي ايندو.
 ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي اهو سنڌي عربي شيخ هڪ ڏينهن ماسڙ جي مدِ مقابل بدماش لوهر ڀائرن واري پارٽي جي ٽڪيٽ تي الڪيشن ۾ بيٺو ۽ ايجنسين ذريعي ڪوڙا ٺپا هڻندي کٽي ويو، ٿورڙي عرصي بعد ماسڙ ساڳي سيٽ وري واپس ورائي کٽي ورتي پر ان دوران ش پور ۾ ان سنڌي ڳالهائيندڙ ڪوٽائي پٺاڻن خلاف مهم شروع ٿي وئي جنهن جو اصل ايجنڊا اهو هو ته عام ماڻهن کي ان ڳالهه تي ڪائل ڪجي ته اهي پٺاڻ ڌاريا آهن، هن سيٽ تي ٺيٺ سنڌين جو حق آ.
منهنجي گهر واري کي نڍپڻ کان ڪُتا، ٻلا ۽ طوطا پالڻ جو شوق رهيو آهي. امڙ کي ملن وانگر ڪتن ۽ ٻلن کان نفرت آهي ۽ اڪثر جهيڙيندي چوندي اٿس ته اهي جانور نجس ۽ حرام آهن. طوطا يا ڪي به پکي پالڻ جي به اسان کي منع ٿيل آهي، سو نه پاليندي ڪر، اسان کي نه ڦرندا آهن. سال اڳ ڪراچي لڏي اچڻ بعد گهر واري کي ڪٿان هڪ جوڙو ڪتن جي ناياب نسل پوڊل جو مليو. پوڊل ڪتا تمام ننڍي قد جا ٿين ٿا ۽ جسم تي  تمام گهڻي بج هجين ٿي جنهن ۾ سنڌن اکيون پڻ ڍڪيل رهن ٿيون. مادي جو نالو پاڻ رکيائون ۽ نر جو نالو رکڻ لا۽ منهنجي زمي هو. مون کي سمجه ۾ نه آيو ته ڪُتي جو نالو ڇا رکجي . سو مون سنڌس نالو ٽّپي رکيو. ملان ، امڙ جيان اڪثر ڪتن کي گهر ۾ پالڻ حرام سمجهن ٿا. سنڌن مطابق ، ڪتي جي گهر ۾ موجود هجڻ تي گهر ۾ رحمت جا فرشتا چائنٺ نه ٿا ٽپين. مون ٻن ٽن کي چپ ڪرائڻ خاطر اصاحب غار وارن ۽ سنڌن گڏ ڪتي بابت ٿيل قران ۾ سوره ڪهيف جو ذڪر ڇيڙيو ته چيائون توهان کي ڪنهن عالم جي ضرورت آهي قرآن جي باطني معنيٰ توهان اڪيلي ايئن نه ٿا سمجهي سگهو. ادا ان ۾ باطني معنيٰ ڳولهڻ جي ڪهڙي ضرورت ، صاف صاف اکرن ۾ ڪن اصاحبن ۽ سنڌن ڪتي بابت ذڪر آهي ته ڪيئين رب پاڪ کين ٽي سئو ورهيه سمهاري ڇڏيو.
ش پور ۾ هاڻ ان ٻن ڀائر سميت ٻن ٻروچ ڀائر جي پڻ سياسي دادگيري عام آهي، تنهن بعد ٻن ٻين آبڙ خاندانن کان علاوه هڪ عدد پڙهيل ڪڙيل پراڻو شريف النفص ميربحر پڻ آهي. گذريل اليڪشن ۾ تيموجن ۽ ميربحر ٻنهن کي شڪست ملي ساڻ ٻروچ ڀائرن مان هڪ ٻروچ پڻ هارايو. پر مير بحر هار نه مڃي ۽ اليڪشن ٽريبيونل ۾ ڌانڌلي خلاف درخواست دائر ڪئي جيڪا تقريبن سال گذرڻ بعد سنڌس جي خواهش مطابق ڪورٽ سڳوري جي فيصلي تي 22 کن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر الڪيشن ڪرائڻ لاءِ اڄ 6 مئي 2014ع تي جنگ جاري آهي. مون کان وري اهو گيت نه ٿو وسري ،”نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو“. مون جڏهن به اهو گيت جهونگاريو آهي منهنجي اکين آڏو سنڌ جي دريائن ۾ مڇي ماريندر، ماني ڳڀ لاءِ ٻيڙين تي اهي غريب ميربحر آڏواچي ويندا آهن. الله ڪندو مير بحر سوڀيارو ٿيندو ۽ شين پور جي يرغمال سول سوسائٽي کي ساه کڻڻ لاءِ ڪو اڳواڻ ملندو.
ڪالهه رات ڪوٽ کان فون آيو ته ڪوٽ ۾ سياسي ٺڳن ۽ بيروڪريٽس جو ميلو متل آهي، جيڪي سڀ ميربحر جي مدد لاءِ پهتل آهن ۽ سڄو بندو بست تييموجن ڪيو آهي. ٻڌايائون پئي ته هڪ رات ۾ 25 لک کن خرچ ڪري چڪو آهي، ۽ ٿورڙي دير کن ۾ ڦوٽي ذرداري جو ويڳو ڀاءُ ٽّپي رات جي ماني تي پڄڻ وارو آهي. فون تي ڪچهري دوران گهرواري رڙ ڪندي چيو ته ياد ڪجو توهان کي سڀاڻي ٽّپي کي اينٽي ريبيز جي سيڪنڊ ڊوز لاءِ سئي هڻائڻ وڃڻو آهي. هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي ڪوٽ اچڻ واري ٽپي بابت احوال وٺندو رهيس. تيموجن جي سياسي مشغولين بابت ڄاڻ وٺندو رهيس، ۽ ميربحر ساڻ ويڪري سنڌي عرب شيخ جي گڏ ورڪ ڪرڻ تي پڻ حيرانيت ٿي. تنهن بعد هڪ فون ڳڙهي کان پڻ آيو جت هڪ اندازي مطابق پنج سئو کن مهمان عورتون لٿل آهن، مون کا رڙ نڪري وئي، سمجهائيندي سنگت ٻڌايو ته بابا ٽالپر شهزادي ساڻ آيون آهن، پولنگ ايجنٽ آهن يار، ميربحر جي مدد لاءِ. ان کان اڳ ش پور تي احمد شاه ابدالي جي پٽ بادشاه افغانستان تيمور شاه جي ڪاه ڪرڻ دوران ٽالپري لشڪر ڏه هزار ابڙن  گھوڙي سوارن جي لشڪر جي مدد سان ابدالين جا ٽڪر ڪڍي ڇڏيا هئا. هينئر جو نئون بلوچستان جي آذادي جو نارو عام آهي سو ايجنسين جي پڻ اها راءِ آهي ته ٻروچ ڀائرن کي پڻ سياست مان هميشه لاءِ نيڪالي ڏجي، ڇاڪاڻ جو ش پور بلوچستان بارڊر لڳ آهي. سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان ۽ هن سڄي جاکوڙ ۾ پڻ هرڪو ڪنهن کي ڌاري هجڻ جو لقب  ڏئي رهيو آهي ته ڪو ڪنهن کي غدار... ڌاري هجڻ جو ٺپو ته سنڌي قوم پرست ۽ مقامي سنڌي اڳواڻن جي کيسن ۾ هميشه پيل آهي سو جنهن کي ٺپو هڻي ڇڏين سو سنڌن مرضي باقي غداري وارو ٺپو ۽ ديش ڀڳت هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڳجهن ادارن جي ذمي آهي.
سن 2012ع جولاءِ مهيني ڪٽنب ساڻ ڪوٽ کان ڪشمير ڊرائيو ڪندو گهمڻ نڪري ويس. واپسي ته هڪ واقف جنهن جي همشيره جي منهنجي گهرواري ساڻ اسڪول زماني سنگت آهي، سندن گهر افطار پارٽي تي وڃڻ ٿيو. ڪچهري دوران ڪرنل صاحب سان تفصيلي گفتگو ٿي جنهن ۾ پنجاب جي ننڍن صوبن سان ٿيل ناانصافيون ڳڻائيندو رهيس. ڪرنل صاحب پاڻ هڪ شريف ماڻهون آهي، هر پنجابي ضروري ناهي ته پنجابي هجڻ بعد به پنجابي هجي. ٻڌايانءِ پئي ته سنڌس جي ترقي ۾ فلاڻو جرنل رڪاوٽ بڻيل آهي ۽ سنڌس ڪانفيڊيشنل رپورٽ خراب ڪري رهيوآهي، جنهن جو ڪارڻ ڪرنل جو ان جرنل جي ڪرپشن ۽ هيٺين سپاهين جي فلاح بهبود لاءِ رکيل پئسن ۾ گھوٻين مطعلق وڏي وات رڙيون ڪرڻ هو. سنڌس ڀاءُ سيٽلائٽ ڊشون وڪڻندو آهي ۽ يو پي ايس جو ڪاروبار ڪندو آهي. اسان سنڌي به واندا آهيون رڳو سڀن کي گار گند ڪيون، ڌاريي هجڻ جا ٺپا هڻون يا سنڌ دشمن قرار ڏيون. صفا ايئن به ناهي هرو ڀرو. چيومانس توهان فاطمه جناح کان وٺي سٺ سالن ۾ هن ملڪ سان ظلم ڪيو آهي، توهان جي حساب جو وقت اچي ويو آهي. توهان فاطمه جناح کي گهٽا ڏئي ماريو، قائد کي زهر ڏنو ۽ سنڌس لاش پراڻي ايمبولنس ۾ روانو ڪيو جيڪا ماڙي پور ويجهو خراب ٿي پئي، لاش رستي تي، يار هيڏي وڏي شخصيت سان !!! وڏو ساه ڦوڪيندي چيائين فاطمه جناح کي رڳو گهٽا ڏيڻ تائين هجي ها ته ٺيڪ هو ، ”هم ني ڪيا نهين ڪيا اُس ڪي ساٿ“. ان ڪيا نهين ۾ سڀ ڪجه هو، مون وڌيڪ پڇڻ مناسب نه سمجهيو.
سراج الدولا جي سربراه سيد جعفر علي غداري ڪئي، اهڙي ريت مير جعفر تاريخ ۾ غدارن جي اعلي نسلن ۾ شامل آهي، ڇا فاطمه جناح پڻ غدار هئي!! باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح جي ڀيڻ جنهن پڻ آزاد پاڪستان جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو، جنهن ايوب خان جي مارشل لا کي للڪاريو، جڏهن ساڻنس صدارتي اليڪشن ۾ مد مقابل بيٺي ته هندستان جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو.
حبيب جالب جڏهن ڍاڪا ۾ فوجي آپريشن خلاف شعر چيا ته تڏهوڪي جرنل يحييٰ جنهن هندستان جي فوج آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ، حبيب جالب کي غدار ڪوٺيو ويو. ولي خان ، غوث بخش بزنجو، عطاءُ الله مينگل کي غدار ڪوٺيو ويو. ذوالفقار کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو جنهن توهان کي ائٽم بم ڏنو، جنهن ڪارڻ توهان هاڻ سک جو ساه پيا کڻو. ڪچهري ڊگهي ٿيڻ بعد ڳالهه وڃي سنڌ تي بيٺي ته توهان سنڌين ڀٽن کان پوءِ انهن جي شهادتن کانپوءِ ڪهڙو سبق سکيو، توهان پنهنجي قوم لاءِ ڇا ڪيو. توهان گهڻن شهرن کي پئرس ۾ تبديل ڪيو، توهان جي ضلعي ش پور جو ڇا ٿيو جت سياستدانن جو مينا بازار لڳل آهي. مون وڏو ساه وراڻيندي چيو، بس دعا آهي نالي الک جي ٻيڙو تار لڳي اسانجو.


Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ