Posts

Showing posts from April, 2016

جيسين سنڌ وارو قلندر جاڳي ، روس وارو سيوڻ جاڳي پيو

Image
ڊاڪٽر آغا انعام الله 8 اپريل 2016     هونءَ ته اهو مشهور آ ته ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري“ءِ اسان سنڌي هونءَ ئي ٽوٽي، وري جڏهن وقت ۾ ويڙه ٿئي ته سڏ به اهڙي پيرکي ڪيون جيڪو رُڳي عشق، سڪون، شانتي ءِ ابدي ماٺ سواءِ ٻي ڳالهه ئي ناهي. جيسين اسان جي جوڀن ۾ اينٽارٽيڪا واري برف رجي ، جو قلندري جلال جاڳي تيسين جن کي وڙهڻو هو ادا انهن پنهنجو سيوڻ ڌوڏي وڌو. هڪ سيوڻ اڳوڻي روس واري آرمينيا ۾ به آهي، ۽ تازو  فرنگي گلوبل ٿاڻي نيٽو واري صاحب، آرمينيا ۾ سنڌس ٿاڻي جي برانچ کولڻ جي اجازت تي انڪار تان آرمينيا وارن تي مڇرجي پيو آهي. سو تُرڪي جي تازي تُرڪن ۽ آزربائيجان جي بلٽيرن ٻروچڪي بڇ تي ڇت ڪتائي ڪندي آرمينيا ۾ کڏ کوٽيندي روسي رڇ  پُوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پيش پيش آهن. ڪجه مون جهڙا واندا وري فيس بوڪ ، واٽس ايپ ءِ ٽوئيٽر تي ڪجه خاڪي خرڪارن آڏو سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي خيالن جي ڏي وٺ جاري رکيو ويٺا آهن ته ٻيلي بس هاڻ گهڻي ٿي يار. کين  اهو سمجهائيندي ته هاڻ ڀُٽاُ ويا مري، ڪاوڙ گهٽ ڪيو، جرنيل راحيل ڀلو جرنيل پيو ڏسجي، کيس به هڪ کليل خط اماڻيو هيم، پر وقت گذرڻ ساڻ اميدون سهڪجي پ