جيسين سنڌ وارو قلندر جاڳي ، روس وارو سيوڻ جاڳي پيو

ڊاڪٽر آغا انعام الله
8 اپريل 2016
  
هونءَ ته اهو مشهور آ ته ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري“ءِ اسان سنڌي هونءَ ئي ٽوٽي، وري جڏهن وقت ۾ ويڙه ٿئي ته سڏ به اهڙي پيرکي ڪيون جيڪو رُڳي عشق، سڪون، شانتي ءِ ابدي ماٺ سواءِ ٻي ڳالهه ئي ناهي. جيسين اسان جي جوڀن ۾ اينٽارٽيڪا واري برف رجي ، جو قلندري جلال جاڳي تيسين جن کي وڙهڻو هو ادا انهن پنهنجو سيوڻ ڌوڏي وڌو.



هڪ سيوڻ اڳوڻي روس واري آرمينيا ۾ به آهي، ۽ تازو  فرنگي گلوبل ٿاڻي نيٽو واري صاحب، آرمينيا ۾ سنڌس ٿاڻي جي برانچ کولڻ جي اجازت تي انڪار تان آرمينيا وارن تي مڇرجي پيو آهي. سو تُرڪي جي تازي تُرڪن ۽ آزربائيجان جي بلٽيرن ٻروچڪي بڇ تي ڇت ڪتائي ڪندي آرمينيا ۾ کڏ کوٽيندي روسي رڇ  پُوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پيش پيش آهن.
ڪجه مون جهڙا واندا وري فيس بوڪ ، واٽس ايپ ءِ ٽوئيٽر تي ڪجه خاڪي خرڪارن آڏو سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي خيالن جي ڏي وٺ جاري رکيو ويٺا آهن ته ٻيلي بس هاڻ گهڻي ٿي يار. کين  اهو سمجهائيندي ته هاڻ ڀُٽاُ ويا مري، ڪاوڙ گهٽ ڪيو، جرنيل راحيل ڀلو جرنيل پيو ڏسجي، کيس به هڪ کليل خط اماڻيو هيم، پر وقت گذرڻ ساڻ اميدون سهڪجي پيون ءِ آخر ڪار هڪ ڏينهن صفا ڏندي پئجي ويا سين، واٽس ايپ تي رڳو جڏهن خبر پئي ته هندستاني را جي ڪولاچي وارن ايجنٽن کي عسڪري ڪيميڪل ۾ ڊرائي ڪيلن پيو ڪيو وڃين جنهن تي مون ساڻن احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ته توهان نٿا چاهيو ته اسان سنڌي پاڪستاني ٿيون. ٻه کن هفتا ڪي گذريا نه هوندا جو رمضان شگر مل مان بدماش ڀائرن جا پاليل به پڌرا ٿيا، اصل انگ 400 پيو ٻُڌجي، تن لاهوري ايجنٽن کي به ڊرائي ڪلين ڪيو ويو. رُڳو سنڌي، خيبر وارا ۽ بلوچي داغ اهڙا آهن جن کي مهٽندي عسڪري مشينيون ئي جواب ڏيو ڇڏين سو سواءِ انهن کي ڊسپوز آف ڪرڻ جي ٻيو ڪو چارو ڪونه اٿن. جنهن جو تازو هڪ مثال شهيد ڪرناڻي آهي جنهن جڏهن ڪجه ڏينهن اڳ ساڳيا ڏُک سوُر اوريا ته ٽڪيٽ ڪٽي ڇڏيائونس ۽ سنڌ جي قديم علمي مرڪز ضلعي ٺٽي جي شهر مڪلي ۾ گولين جو کاڄ بڻنجي جام شهادت نوش ڪيو. ڪجه دوستن مشورو ڏنو هو ته جرنل راحيل جي اچڻ سان ڪو فرق ڪونه پوندو تنهن ڪري بُل نه ڏي ، اصل فيصلا برمودا ٽرائينگل ۾ پيا ٿين، اسان وارن عسڪري ادارن جون پگهارون به اُهي پيا موڪلين. عسڪري قيادت پگهارون گهٽ ملڻ ءِ دير سان ملڻ ڪري ٿورڙو مڪر ڪندي جڏهن لاڙو روس ڏانهن رکيو ته واشنگٽن گارڊ آف آنار به ڏنو ءِ واعدو ڪندي پورا 784 ملين ڊالر پاڪستان جي قومي خزاني ۾ نه بلڪ عسڪري اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايائون.

يوڪرين کانپوءِ روس کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ آمريڪا هڪ ٻيو محاذ آرمينيا خلاف کولي رهيو آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي ويٺل رائٽ ونگ وارن همراهن کي پريشاني آهي جيڪي دنيا جي آمريڪي بربريت مان نجات جي اميد روسي صدر پوٽن سان لڳائي ويٺل آهن. آرمينيا واري آذربائيجان سان تازي جهيڙي ۾ آذربائيجان جي مدد پٺيان سي آءِ اي ، موساد ۽ ترڪي واريون ايجنسيون لڳل آهن، ساڻ ترڪي آرمينيا کي اهو به ياد ڏياري رهيو آهي ته بل نه ڏي ياد ڪر اهو ڪوس جيڪو سلطنت عثمانيا واري زماني ڪيو سين، جڏهن اسان جي ڏهڪاءُ  اسلام کي سڄي يورپ ۾ تقويت ڏني، جنهن کي اسلام جو سني فرقو پنهنجي عظيم تر تاريخ طور ياد رکن ٿا. پوئين جمعي نگورنو ڪاراباخ ۾ ٿيندڙ ان ويڙه ۾ سيڪڙي ماڻهون هلاڪ ٿيا آهن. فرنٽ لائن تي مارٽاڪرٽ ۽ هادرٽ وچ خوني جهڙپون هلي رهيون آهن. آرميني فوجن ڪارباخ واري بيس تان آذربائيجان جا ٻه هيليڪاپٽر، ٻه ڊرون ۽ ٽئنڪون تباه ڪيون آهن. باڪو اعلان ڪيو ته آرميينا جي فوج جو به الاهي جاني نقصان ٿيو آهي. ڪارڻ ڇا آهي؟ آرمينيا جو نيٽو کي بيس ڏيڻ کان نپٽ جواب؟ جتان نيٽو ٻين قومن کي روس خلاف اُڀاري سگهي! آذربئيجان ورهين کان روس مان جان ڇڏائڻ لاءِ آتو هو، تنهن آخر نيٽو سان معاهدو ڪري ، روس خلاف چاچا سيم جو مُهرو ٿيڻ تي راضي ٿي ويو آهي ۽ آرمينيا جي چاچا کي جواب ڏيڻ ۽ روس جي حمايت تان کيس  ترڪي ، آذربائيجان ساڻ گڏجي سنڌس جي نسل ڪُشي جون ڌمڪيون ڏيندي ، صحوني طاقت ساڻ گڏجي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. اسرائيل جو روس سان ميدان ڪرڻ جي وڏي وجه روسي رڇ پوٽن جي فلسطين جي مسلمانن کي ڏيکاريل اُميد جي اُها ڪرڻ پڻ آهي جڏهن پوٽن کين اهو چيو ته شام مان واندو ٿي آئون توهان جي آزادي لاءِ عملي جدو جهد ڪندس. پوٽن کي شايد اسان جي اسلامي غيرت جي ٻڌ تر جو اندازو هي ڪونه هو. شام ۾ اسرائيل، آمريڪا جا سڀ منصوبا ڌوڙ ڪرڻ باوجود مسلمان ملڪن جي خاموشي تي پوٽن کي شديد ڏک پهتو آهي، تنهن هوندي به سڄي دنيا جي سامراجي قوتن سان اڪيلي وڙهن جو پڪو پهه ڪيو ويٺو آهي.
پوٽن نيٽو جي فوجن جي چرپر سن 2014 کان هي وچ يورپ وارن علائقن ۾ ڏسي رهيو آهي. اڪثر نيٽو فوجن جي ڪافلن جي  رات وڳي چرُپر جرمني، لٽاويا، ايسٽونيا ۽ پولينڊ جا رهاڪو رپورٽ ڪندا رهيا آهن. جنگي ماهرن جو خيال آهي جي نيٽو پنهنجي فوجن کي 2017 تائين گهٽائيندي اتان نه هٽايو ته نگارنوڪارباخ ۾ ترڪي طرفان شروع ٿيل نئين ويڙه ، دنيا جي ٽين جنگ عظيم ۾ تبديل ٿي ويندي. جڏهن ته روسي صدر پوٽن اڃان به بردباري مان ڪم وٺندي کين سيز فائر لاءِ چئي رهيو آهي.

ٽيون ڏينهن هڪ برطانوي يار ٽوئٽر تي ڊي ايم ڪيو ته آغا پنهنجي خاڪي يارن کان ته پُڇي ڏي ته هي پاڪستان ڊفينس وارو فيس بُڪ پيج انهن جو آهي يا ڪو ٻيو پيو ملاکڙو ڪري ، جي انهن جو ناهي ته مقابلو ڪيون جي توهان جي پاليسي ، سي آءِ اي وارا حدف حاصل ڪرڻ لاءِ وقف آهي ته پوءِ اسان کي ڇڏ ته ڪا ٻي گادي ڳولهيون. آغا مان جنهن فيس بوڪ پئج بابت توهان جو ڌيان ڇڪايو ان مطابق هندستاني  سامونڊي ۽ بري فوجون ڪاه ڪرڻ بابت تيارين ۾ آهن. تنهن ڪري مون کي لڳي پيو ته هي پيج هڪ خطرناڪ ڊيڄارينڊر، ذهني عذيت ڏيندڙ ۽ مائنيڊ ڪنٽرول وارفيئر جو حصو آهي. جنهن جي ايڊمنسٽريٽر جو نالو هورس آهي، جيڪو دراصل هڪ ٻيو پيج هورس نالي اڳ ئي هلائيندڙ آهي، ۽ اسرائيل جي شهر ٽيل وي و مان آپريٽ ٿي رهيو آهي ۽ گهڻو ڪري سي آءِ اي يا ايم آءِ 6 جي ڪنٽرول هيٺ آهي. جڏهن ته هڪ ٻيو اڏو برٽش ڪمانڊ هيٺ قطر ۾ آهي. آغا تفشيشناڪ ڳاله اها آهي ته اهو پاڪستان ڊفينس وارو پيج آرمينيا جي ممڪنا نسل ڪشي جي حق ۾ ڪمينٽس پوسٽ ڪري اهو تاثر ڏئي رهيو آهي ته پاڪستان ترڪي جي صدر اردگان ۽ دائش ساڻ آهي ، جي ايئن ناهي ته مهرباني ڪري ٻڌائي ته غزه وارا سوشل ميڊيا تي ويٺل ان خلاف ڪائونٽر ٽوئيٽس ڪيون پر جي آرمينيا جي ننسل ڪُشي پاڪستاني حڪومت جي پاليسي جو حصو آهي خاص طور پاڪستاني فوج جو ته پوسنڌن مرضي . هورس ، قديم مصر ۾ فرعون جي زماني ۾ مصري مذهبي ميٿالجي مطابق ڪنهن خدا جو نالو هو، ساڳي ريت دائش آءِ ايس آءِ ايس به، جنهن جو پاڪستان جي ملٽري سان ڪهڙو تعلق!! وڏي ڳاله ته 6 ڪروڙ لائيڪ ٽيگ اٿس. اها خطري جي گهنٽي آهي آغا!! منهجي خيال مطابق توهان جي ملٽري جنتا، پنجابي اسٽيبليشمنٽ ۽ وائڙي سرڪار کي ان ڳاله جو اندازو هي ناهي ته فيس بوڪ هڪ اهڙو ائٽم بم آهي جنهن جا تابڪاري اثرات نسلن تائين نفرتن جو اهڙو ٻج وجهي سگهن ٿا جنهن کي توهان روڪي ڪين سگهندا. توهان جي ملڪ ۾ اڳم ئي ميڊيا زريعي ڊس انفارميشن جو هڪ اهڙو عاليٰ نظام قائم آهي جنهن کي هلائيندڙ برطانوي ۽ آمريڪي اهلڪار اڳم ئي توهان وٽ ات موجود آهن. مان سمجهان ٿو ته توهان جي ملڪ جي ڊفينس ونگ وٽ انفارميشن ٽئڪنالجي جي اعليٰ صلاحيت موجود آهي پر توهان کي پنهنجي شهرين تي اهو واضع ڪرڻو پوندو ته فيس بوڪ تي 80 سيڪڙو رڳو ڪوڙ آهي. توهان جي ماڻهن جي برين واش ٿي رهي آهي. مون کلندي وراڻيو اهو فيس بوڪ ته ٺهيو پر اسان وٽ ته اڄ ڪله  ”را“  وارن جي واشنگ ٿي رهي آهي تنهن ۾ دوکي کائڻ جي ڪهڙي ڳاله آهي، انڌا ته ڪونه آهيون. سڀن کي معافي ملي وئي ته ماءُ جي پيٽ مان ٿوري سکي آيا هئا! اسان سيکاريو هو انهن کي سو هاڻ واش پيا ٿين. گهٻراءِ نه اسان فيس بوڪ تي پنهجو فوٽو ٿوري هڻندا آهيون، اڙي توهان انگريز صفا ڪي سادا آهيو يار، اسان وٽ هت جهانگارا باجارا جي هڪ ڳوٺ واسي جيڪو ميٽرڪ پاس آهي ، پورفائيل  ۾ برٽني اسپيرس جو فوٽو هنيو راڻا ثناءُ الله سان پيو عشق ڪري ، رات جو ٻارهين کانپوءِ راڻا جا فلائنگ ڪس جا ٺڪاءِ لڳا پيا آهن. اسان جو مائنڊ ڪنٽرول ڇا ڪندا، اسان جو مائيند ڪنٽرولڊ برابر   1947  کان هو ، 4 اپريل 1979 کان اهڙو باغي ٿيو آهي جو دنيا جي ڪا طاقت اسان جو دماغ ڦييرائي ڪونه سگهندي، اڙي يار اسان وٽ آهي ڇا ذهن ۾ جيڪو ڦيرائي سهگجي. صبح جو ٻني، مانجهند جو لسي جي ڍُڪ کانپوءِ  مهراڻ آٽوز واري پنجابي جي گّهر واري سان موبائيل تي ڦُسڪا، ٽپهري جو شمون پٺاڻ واري هوٽل جي چانه تي ٻٽاڪون، واپسي تي يار سان ڀاڪر ۾ موٽر سائيڪل تي هواخوري، خميس ڏهاڙي رڇ ڪتي جي ويڙيه، جمعي تي ڏاندن جي گوه ، سال ۾ هڪ ڀيرو قلندر جو ميلو ۽ ڀٽائي تي حاضري ، بس ڪُل اها آهي اسان جي زندگي جيڪا 5000 ورهين کان وٺي اسان جو قومي ورصو آهي، تنهن ۾ مائنڊ ڪنٽرول ڇا ڪندا. بادشاه آهيو توهان برطانيا وارا. اسان مسڪينن جا ڪم قلندر پاڻ ئي ڪندو




Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI