Posts

Showing posts from February, 2014

مرحوم ان باڪس

Image
مرحوم ان باڪس ڊاڪٽر آغاانعام الله 21 آگسٽ 2009ع يارهن وڄي اڪيتاليهه منٽ رات طارق مرحوم جو ميسج پڙهيم ”آغا جاني رمضان جون وڌايون، منهنجو نمبر آهي 03313650873 “ 6 آڪٽوبر2009ع ٻه وڄي سترهن منٽن تي مون مرحوم طارق عالم ابڙي ڏانهن  يوٽيوب تان اپ لوڊ ڪري هندستاني بليڪ اينڊ وائٽ فلم خاموشي جو گانو”هم ني ديکي هين اُن آنکون ڪي محڪتي خشبو،پيارڪو پيار هي رهني دو ڪوئي نام نه دو“، ان باڪس ڪيو. 6 آڪٽوبر2009ع ڏهه وڄي ٽييٽيه منٽ طارق لکيو”ابول ابو!!! آغا واه ماري وڌئي، پيار ڪو پيارهي رهني دو ڪوئي نام نه دو“ واه واه !!! ڇا ٻڌائي ڇڏيئي. سندس چيل ان جملي ۾ ماتم سمايل هو، مان وراڻي وري ڪجه نه لکي سگهيو هيو مانس. بس رڳو سندس لکيل ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ قلمبند ڪيل هڪ جملي مسلسل منهنجي وجود اندر وڇايل تڏي تي ريهٽ پئي ڪيا ”سنجها ڇڏي ڏنئي نه!“ مون کي گهڙي کن لاءِ لڳو ڄڻ طارق به شدت سان ڪنهن اهڙي جملي ٻڌڻ جي خواهش رکندو هجي، اڻپوري خواهشن  جي پورن مان گهايل وجود جي خمار جي طلب، وري لٽجڻ جي طلب. ڪو ٻڌائي وري ساڳي ڪا آتم ڪٿا، در وٺي هلي اُن دوزخ، وري ڪا اهڙي چيچ جهلڻ جي خواهش. آخري ڀيرو سن

سنڌي ڌاڙيلن سان به سمجهوتو ڪيو يار

ڊاڪٽر آغا انعام الله ڪو زمانو هو جڏهن سنڌ ۾ دوران سفر ڪنهن ڌاڙيلن جي جٿي جي ور چڙهڻ تي، پهرين ڌاڙيل پڇندا هئا، ڪهڙو!!.... ادا الف ڏنو شاه..... هل سيد هل روزي خراب نه ڪر...... سيد کي معافي ملندي هئي.... پر پوءِ جڏهن سومري، ٻروچ، ديوان، الف ۽ بي کي خبر پئي ته ڌاڙيل، سعادتن جو مڙئي خيال ڪن ٿا، ته واٽهڙون ڦاسجڻ تي سيد سڏائڻ شروع ڪيو... ڌاڙيل به سمجهي ويا ته ڌنڌي ۾ نقصان ٿو پوي... پوءِ ته حقي سعادات نياڻن جي ٻانهن مان سونيون ڪنگڻيون ۽ ڪنن مان سونيون واليون زوري ڇڪي ٿي لاٿائون. اڳ وڏيرا به ايڏا چالاڪ نه هئا... پير حسام الدين شاه راشدي واري ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن “ ۾ انگريز جي خوشنودي حاصل ڪندڙ جنهن سادي وڏيري جو ذڪر آهي جيڪو صلاح لاءِ اڌ اکري مختيارڪار کي نعمت سمجهندو هو، سو هينئير پاڻ سوٽ بوٽ پائي گٽ مٽ سکي ويو آهي ۽ غيرملڪي سفارتڪارن سان ياري نڀائي رهيو آهي. اڳ هزارين ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ وڏيرو جت مختيارڪار جو محتاج هو، اڄ پنهنجي ضلعي جو مالڪ آهي، ۽ حد جو ايس ايس پي سنڌس اڳيان يس سر نوسر پيو ڪري ۽ ڊپٽي ڪمشنر سنڌس گاڏي جي دري ٿو کولي. مون اِهو لڪاءُ پنهنجي گنهگار اکين سان ڊي