سنڌي ڌاڙيلن سان به سمجهوتو ڪيو يار


ڊاڪٽر آغا انعام الله

ڪو زمانو هو جڏهن سنڌ ۾ دوران سفر ڪنهن ڌاڙيلن جي جٿي جي ور چڙهڻ تي، پهرين ڌاڙيل پڇندا هئا، ڪهڙو!!.... ادا الف ڏنو شاه..... هل سيد هل روزي خراب نه ڪر...... سيد کي معافي ملندي هئي.... پر پوءِ جڏهن سومري، ٻروچ، ديوان، الف ۽ بي کي خبر پئي ته ڌاڙيل، سعادتن جو مڙئي خيال ڪن ٿا، ته واٽهڙون ڦاسجڻ تي سيد سڏائڻ شروع ڪيو... ڌاڙيل به سمجهي ويا ته ڌنڌي ۾ نقصان ٿو پوي... پوءِ ته حقي سعادات نياڻن جي ٻانهن مان سونيون ڪنگڻيون ۽ ڪنن مان سونيون واليون زوري ڇڪي ٿي لاٿائون.
اڳ وڏيرا به ايڏا چالاڪ نه هئا... پير حسام الدين شاه راشدي واري ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن “ ۾ انگريز جي خوشنودي حاصل ڪندڙ جنهن سادي وڏيري جو ذڪر آهي جيڪو صلاح لاءِ اڌ اکري مختيارڪار کي نعمت سمجهندو هو، سو هينئير پاڻ سوٽ بوٽ پائي گٽ مٽ سکي ويو آهي ۽ غيرملڪي سفارتڪارن سان ياري نڀائي رهيو آهي. اڳ هزارين ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ وڏيرو جت مختيارڪار جو محتاج هو، اڄ پنهنجي ضلعي جو مالڪ آهي، ۽ حد جو ايس ايس پي سنڌس اڳيان يس سر نوسر پيو ڪري ۽ ڊپٽي ڪمشنر سنڌس گاڏي جي دري ٿو کولي. مون اِهو لڪاءُ پنهنجي گنهگار اکين سان ڊي سي او آفيس ۾ اقوام متحده طرفان ضلعي شڪارپور جي ڪوارڊينٽر طور ڊيوٽي سرانجام ڏيندي ڏٺو. ڪن ڊپٽي ڪمشنرن ته سهڻا لسڙو سپاهي خاص پنهنجي اردلي ۾ رکيا، جن کي پوليس جي وردي نه پائڻ لاءِ خاص موڪل هئي ، سي بوسڪي جي وڳي ۾ ملبوس، ڳيچيءِ ۾ ٿلهي سوني چين، ڪلائي تي راڊو واچ، ۽ هٿ ۾ ايپل واري آءِ فون تي ٺاٺ باٺ ۾ صاحب سان گڏ ڪرولا جي پوئين سيٽ تي ويهندي ڏٺو، بلڪ ماڻهن جا انبوه سنڌن پنهنجي فائل ٽپائڻ سلسلي خدمت ۾ ڏٺا.
4 اپريل 1979ع تي ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهي جو جت زمينوار عام سنڌي ماڻهون پنجاب سامراج کي سمجهي ٿو ساڳي وقت اڻ سڌي طرح، ڏکيي وقت ڀٽي جو ساٿ ڇڏڻ تي سنڌ جي وڏيري کي به اوترو زمينوار ٿو سمجهي. وڏيرين پڻ ڪنهن امڪاني انقلابي طوفان کي ايندي محسوس ڪندي گذريل پنجٽيه کن ورهين جي عرصي دوران وٺ پڪڙ ڪندي ، پنهجي پٽنن مان هڪڙن کي سرڪاري ڊاڪٽر، ته ڪن کي فوج ۾ ڀرتي ڪرايو آهي، ڪن کي ڊاريڪٽ ڊي ايس پي ڀرتي ڪرائي، ڪن کي سي ايس پي امتحان لاءِ محنت ڪرائي فارين آفيس، ضلعي ڪمشنر يا سيڪيٽري ليول جي ڪامورگي واري ڪرسي تائين پهچائي پاڻ ڪنهن پارٽي جي ٽڪيٽ وٺي اليڪشن ۾ ساڳي مشينري استعمال ڪندي انهن هي سنڌي ڌاڙيلن کان ڏوه ڪرائي ڪيس هڻائي وري پناه ڏيندي پنهنجي بيلٽ باڪس ۾ دلجاءِ جا ووٽ وجهندي  ، هڪ اڌ ايجنسي سان راپطي ۾ رهندي پنهنجون پاڙون اڳي کان به ڏهوڻيون مضبوط ڪري چڪا آهن. آ سنڌي ڪامريڊ منهنجن راڄن کي ٿو ورغلائين، هاڻي ڪهڙا ڦاڙا مارائيندي!!!!
جت جهڙي ريت سنڌ کي سوچي سمجهي منصوبي تحت قبيلائي جهيڙن، بُک بيروزگاري، تعليمي پسماندگي ، سياسي گروپ بندي، ۽ ڌاڙيل جي رحم ڪرم حوالي ڪيو ويو آهي، تنهن تي هاڻ قندهاري، ايراني ،عرب، ارغون ترخان  مغل ۽ ٽالپر حڪمرانن  جا ارواح پڻ پنهنجن مرقدن ۾ پريشان آهن. شايد گروهڙي صاحب پڻ موقعو ملندي زرور پنهنجي چيل ان جُملي تي غور فڪر ڪن ها ته مون هي ڇا چئي ڇڏيو ته” سنڌڙي توکي جڏهن تڏهن قنڌارون جوکو“. جيڪي راتاها هينئر سڄي سنڌ سان خيرپور کان وٺي شڪارپور جي لکي غلام شاه ۽ جتوئين واري ڪچي جي 80 ڪلوميٽرن واري پٽي ۾ هلن پيا ، اهڙو قهر ڪندي ته مدد خان به پٺتي رهجي ويو. 
ادا ٿر جو ڪوئلو پهتو توهان کي ، پيٽرول سنڌ جو کڻو ادا، پنو عاقل ڇانوڻي نه نه سنڌي ڇا ڪندا اسان پنهنجي ڦُل ۽ ڀنگ واري ڏنڊي ڪونڊي ۾ خوش آهيون ڀاءُ، سليڪان واري پهتي توهان کي، ڪارونجهر جو گرنائٽ کڻ بابلا، سنڌو جو پاڻي تنهنجو ادا، ڪالا باغ ٺاهين يا اڇو باغ پنهنجو ڇا! موهن جو دڙو مووئن جو ڊارو ڪري وڪڻ ڀلي، جڏهن مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون هاڻ مرسون مرسون سنڊ نه ڊيسون ٿي ويو ته پوء توکي اسان کان ڪهڙي ڊپ تنهنجو ساه نپوڙيو آ، جو اسان مسڪينن مٿان تو هي ويل ٻاريو آ.
چوندا آهن ته 1983 واري بحالي جمهوريت واري تحريڪ ۾ سنڌ جي ڌاڙيلن جو وڏو هٿ هو. جي ايئن آهي ته پو واه واه. تن ڏينهن سنڌ جي ڌاڙيل وٽ ڪليشن ڪو ايتري ڪانه پهتي هئي، جي ٿري، راڪيٽ لانچر، اينٽي ايئر ڪرافٽ، شڪيل، ڊوشڪا، پش پش، اوزي جهڙا هٿيار عام نه هئا. جي واقعي 83 واري جدو جهد ۾ سنڌ جي ڌاڙيلن جو ڪو ڪردار هو ته ادا پوءِ هينئر سنڌ اجهو آزاد ٿي ، باقي ادا جي مهيني ۾ سئو ڏيڍ ڍور يا موٽر سائيڪليون چوري ٿيون ٿن، جي ڀونگ تي ڪرولا، آفيسر ۽ ننڍا وڏا ٿا موٽن ته خيرآ بابا، اجهو ٿو آذادي جو سج اُڀري ، برداشت ڪيو يار.
اڄوڪي اخبار جنگ ۾ حسن مجتبيٰ جو” ممي ڊيڊي ڪلاس مجاور اور موهن جو دڙو“ جي عنوان نالي ڇپيل آرٽيڪل پڙهڻ نصيب ٿيو.
حسن صاحب لکن ٿا ته سنڌ جي دانشور ۽ بزرگ شخصيت سوڀوگيانچنداڻي اها حستي آهن جنهن کي عظيم بنگالي شاعر رابندرناٿ ٽيگور، ”مين فرام موهن جو ڊارو“ نالي ياد ڪندا هئا. مين فرام موهن جو دڙو، سوڀوگيانچنداڻي موهن جي دڙي ويجهو بندي نالي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو هو. 90 ورهين جي پيري واري عمر ۽ بيماري باوجود جڏهن موهن جي دڙي جي بقا لاءِ پيرين پنڌ نڪتو ته ممي ڊيڊي برگر ڪلچر وارن جو موهن جي دڙي تي ٿيل اڙدو مجرو سوڀوگيانچند جي جدوجهد جي ڀيٽ سنڌ جو علمبردار ڪيئن ٿو ٿي سگهي. 1930ع ڏهاڪي جوهي دادو جي ويجهو قديم کنڊر دريافت ڪرڻ واري بنگالي آرڪيالاجسٽ  موجمدار جي سنڌ جي جي ڌاڙيلن هٿان قتل ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي ٽيگور چيو ته ڀلا سنڌي ڌاڙيلن اسان جي ماهر آرڪيالاجسٽ کي ڇو قتل ڪيو! حسن وڌيڪ لکن ٿا ته شهيد راڻي بينّظير جا ٻار اڄ ڪلهه هپ هاپ ڳائن ٿا ، سو سُٺي ڳالهه آهي. خير آهي يار جي موهن جو دڙو مووهن جو ڊارو ٿي ويو، ڪهڙي اربا خطا ٿي يار.
ڪن دوستن جو خيال آهي، ته شڪر ڪيو سنڌي ڌاڙيلن جو جن جي صدقي سنڌ آباد آهي نه ته آمريڪا ڪڏهن جو شڪارپورضلعي ۾ جاڳڻ پريان گولي دڙي ٿاڻي جي حدن ۾ پينٽاگان جي برانچ کولي ها ته جيئن بلوچستان کي آساني سان ڳهي وڃي. جائي!!!  پو ته سلام سنڌي ڌاڙيل، تنهنجي مڙسي کي.
ٻه سال اڳ ڪٽننب سان گڏ گرمين جي موڪلن ۾ سوات جي خوبصورت جهرنن، آبشارن ۽ قدرتي نّظارا ڏسڻ لاءِ سکر کان سوات تائين ڊرائيو ڪندي پهتس، گهڻي ڳالهائڻ جي پِٽ ڪارڻ ڪجه احم ڳالهيون پڻ ٻڌڻ جو موقعو مليو. هوٽل جي لابي ۾ ٻن تاجرن جن جو حُليو هو بهو طالبان جهڙو هو تن سان تفصيلي ڪچهري ٿي جن ٻڌايو ته سوات ۾ طالبان هٿ ٿيل تباهي اسان جو هي پنهنجو ڊرامو هو، ڇاڪاڻ جو آمريڪي سرڪار جو زور هو ته سوات جي ميداني علائقي ۾ هڪ عدد فوجي بيس لاءِ جاءِ ڏني وڃي جنهن ذريعي هن چين تي اکيون گهپائڻ ٿي گهريون. پر اسان جو به جواب ناهي، چوٽ جا ٽوٽي، مفت جا ٽڪر کائڻ تي هريل ٻنهن کي لٽيو، جهيڙو به پاڻ رٿيو، وري دهشتگردن کي مارڻ لاءِ ڊالر به ڪمايا. اسلام آباد موٽڻ تي ايف ٽين ايريا ۾ جنهن ريشت هائوس ۾ رهيل هيس اُت يو ايس ايڊ لاءِ ڪم ڪندڙ پٺاڻ پڻ ساڳي ڳالهه ڪئي. جي اهڙو ڪو ٽارگيٽ سنڌي ڌاڙيلن کي پڻ مليل آهي، ته پوءِ مطعلقا ادارن کي عاجزانه گذارش آهي ته خدارا اسان جي حال تي رحم ڪيو يار، جن طالبانن هزارين لاش توهان کي ڏنا، توهان جي هيڊڪواٽرن ۾ گهڙي ڪري توهان جا ِٽّٽ ڪڍي ڇڏيا، سنڌي ڌاڙيل اهڙا ويل ناهن ادا جيڪڏهن سوات جي طرز آپريشن ڪرڻ هينئر توهان جي وس ناهي ته اسان ڪنهن اوريا مقبول جان يا طالبان خان جا محتاج ناهيون ادا، خدا جي واسطي اسان وٽ سردارن جي کوٽ ناهي هلو ته ميڙ هلون، سنڌي ڌاڙيلن سان به سمجهوتو ڪيو يار.


Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ