مرحوم ان باڪس

مرحوم ان باڪس
ڊاڪٽر آغاانعام الله


21 آگسٽ 2009ع يارهن وڄي اڪيتاليهه منٽ رات
طارق مرحوم جو ميسج پڙهيم
”آغا جاني رمضان جون وڌايون، منهنجو نمبر آهي 03313650873
6 آڪٽوبر2009ع ٻه وڄي سترهن منٽن تي مون مرحوم طارق عالم ابڙي ڏانهن  يوٽيوب تان اپ لوڊ ڪري هندستاني بليڪ اينڊ وائٽ فلم خاموشي جو گانو”هم ني ديکي هين اُن آنکون ڪي محڪتي خشبو،پيارڪو پيار هي رهني دو ڪوئي نام نه دو“، ان باڪس ڪيو.

6 آڪٽوبر2009ع ڏهه وڄي ٽييٽيه منٽ
طارق لکيو”ابول ابو!!! آغا واه ماري وڌئي، پيار ڪو پيارهي رهني دو ڪوئي نام نه دو“ واه واه !!! ڇا ٻڌائي ڇڏيئي.
سندس چيل ان جملي ۾ ماتم سمايل هو، مان وراڻي وري ڪجه نه لکي سگهيو هيو مانس. بس رڳو سندس لکيل ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ قلمبند ڪيل هڪ جملي مسلسل منهنجي وجود اندر وڇايل تڏي تي ريهٽ پئي ڪيا
”سنجها ڇڏي ڏنئي نه!“ مون کي گهڙي کن لاءِ لڳو ڄڻ طارق به شدت سان ڪنهن اهڙي جملي ٻڌڻ جي خواهش رکندو هجي، اڻپوري خواهشن  جي پورن مان گهايل وجود جي خمار جي طلب، وري لٽجڻ جي طلب. ڪو ٻڌائي وري ساڳي ڪا آتم ڪٿا، در وٺي هلي اُن دوزخ، وري ڪا اهڙي چيچ جهلڻ جي خواهش.
آخري ڀيرو سندس جي ڄامشوري ڪالوني واري گهر ۾ پنهنجي يار اياز مهيسر ساڻ گڏ ملاقات ڪئي هئي سونس. مان گهڻو تڏهن به نه چئي سگهيو هيو مانس، پرڪجه ڳالهائڻ جي خواهش ضرور سا هئي، ڪجه مختلف، ڪجه الڳ، پر پوءِ رڳي محسوس ڪيو هيم، لفظ ڳولهي نه سگهيو هيس. مون شايد رسمي گفتگو کان هٽي ڪري تنهائي ۾ ”رهجي ويل منّظر“ واري طارق سان ٿي حال اورڻ چاهيو، آخرڪار چيو هيو مانس، طارق صاحب منهنجي باءِ باءِ ايل ايم سي واري ناول جو مهاڳ توهان کي لکڻو آهي. پُٺي ٺپيندي چيو هيائين”لکندا سي جاني بلڪل لکندا سين“. وري مرڪندي چيو هيو مانس توهان جي رهجي ويل منظر جو پارٽ ٽو اٿو. خاموش نظر سان مرڪيوهو.
زندگي ۾ اياز نالي رڳي ٽن شخصييتن سان ملي سگهيو هان.
ورهيه اڳ شيخ اياز جوڪتاب”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ پڙهيو هيم. ان نثري ڪتاب مان هڪ جملي”سانت ڀوءَ جي بيواه ڀاڄائي آ“، ڏاڍو متاثر ڪيو. ڳچ ورهيه بعد هڪ دفعي ڪلفٽن برج لڳ پرنس ڪامپليڪس ۾ رهائش پزير مرحوم علي احمد بروهي سان روح رهاڻ ڪرڻ لاءِ ويندي ڪامپليڪس اڳيان فوٽ پاٿ تي مرحوم شيخ اياز کي ڏٺم ته ڊوڙي وڃي آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهيس. ساڄي هٿ ۾ لٺ جهليل هين ، مون سان مخاطب ٿيڻ ڪارڻ پسار روڪيندي ٻيو هٿ به ساڄي هٿ تي رکي بيهي رهيا ۽ پڇيائون،” ڪير بابا“
”اوهان جو عاشق آهيان سائين، توهان کي پري کان ڏٺم دل سٽ ڏني توهان سان نوڙي ملان“. هلڪي مرڪ تري آين.
” تعارف ڪرايو بابا“
 ”سائين ڪوٽ سلطان جو آهيان، انعام الله نالو اٿم، آغا احسن خان جو ناٺي آهيان“.
 چاچو احسن خان ڪنهن وقت سکر ۾ سائين شيخ اياز ساڻ لا پريڪٽس ڪندا هئا. نظرون ادبن هٽائيندي لٺ جهليل هٿ تان چمي  کڻندي چيم ،”سائين توهان کي پڙهندو آهيان، ڪمال جو ٿا لکو“
يڪدم چيائينن ”منهنجي لاءِ ڪو حڪم“
”نه سائين بس توهان سان ملاقات ٿي ۽ اها مهل منهنجي لاءِ  بائث فخر آهي. دل ٺري پئي“.اکين اکين ۾ دعا ڏيندي اڳتي وڌي ويو.

هڪ اياز ، طارق عالم ابڙي جو هي ڀاءُ، جنهن سان دل آهي، پر يار اڄ ڪلهه ٿورڙو ناراض ٿو لڳي. ڏُک وچان پيغام موڪليائين ته ”هڪ ارون جي بيماري جو فڪر، قلمي پورهيو ڪڏهن لکيو ڪڏهن نه لکيو، هوائي روزي آ ادا، توکي ڪهڙي پرواه بابا، تون زميندار آهين، اسان کي ته جّهُول ۾ وجهي ڇڏيئي، تو واري تحقيق ته دنگ ڪيو پر اسان جو نالو کڻي اسان کي رولڙي ۾ وجهي ڇڏيئي، بيروڪريسي جو اوج آهي بابا ، سچ لکي لکي ٿڪي پيا آهيون يار، سچ لکڻ سان ارون جي علاج جو خرچ ڪونه ٿو پورو پئي“.
 اياز سڄي عمر پنهنجي حق لاءِ وڙهندو آيو، اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ملڪ ۾ مالڪي مڪروه ٽولي جي هي رهي آهي. ڳچ وقت بيروزگاري ۾ گزاريائين. هڪ سنڌي ليکڪ کي سچ لکڻ تي لترن سواءِ ٻيو ملندو به ڇا! سنڌ جي مُهاڻي جي زندگي تي ٺاهيل اياز عالم ابڙي واري ڊاڪيومينٽري جنهن جرمني ۾ دنيا جي بهترين ڊاڪيومينٽري جو ايوراڊ ماڻيوهو، اياز کي تنهن زماني پي ٽي وي وارن رڳو پندرهن هزار ڏئي چلتو ڪيو هو. ٻارن جون گهرجون، تعليم، بيماري ، احساس ڪمتري جو پهاڙ، معاشري ۾ ڪميني جي ڪاڻ ڪڍڻ اياز کي ٿڪائي ڇڏيوهو. هڪ ڀيري ايل ايم سي کان وچون ڪالوني کان ٿيندي سنڌيالاجي پئي وياسين ته ريڙهي تي ڪيلا وڪڻڻ واري ڏي اشارو ڪندي بکايل اکين ڳوڙها روڪيندي ، اشهد جي آڱر مٿي ڪندي هورڙيان عاجزانه چيائين” انعام هڪ ڪيلو وٺي ڏيندي ڪالهه کان بکايل آهيان، پئسا ڪونه اٿم.“ ڊرڪ پائي ٻه ٽي ڪيلا وٺي آيو هيم، اياز کي گهر لاهڻ بعد واپس ويندي اوڇانگرون ڏئي رنو  هيس.
ٽيون اياز منهنجو جگري اياز مهيسر آهي. مون ٽنهي ايازن جي لکڻين ۾ رڳو ماتم ڏٺو، ”ڇا اياز سراپا احتجاج هي آهي!“ ڪڏهن پنهنجي وجود تي ماتم، ته ڪڏهن تنهنجي منهنجي ڪربلا تي مرثيا. اسان مان ڪجه اُهي آهن جي ڪجه نه ملي سگهڻ يا وڃائجي وڃڻ تي افسرده هوندا آهن. ان ڪڏهن نه ڀرجي سگهجڻ جي گهاءُ کي ساريندي اّڪ ڪارا ڪندي موڪلائي هليا ويا. ڀٽائي جي شعر جيان،” پوڙهي ٿي نه زمينّ، جهونو ٿي نه سُج، زمين مٿان ٻِجُ هاريندڙ سي هليا ويا“. تن لاءِ وقت نه پر واقعن جي احميت هوندي آهي، اُڀ ڏاريندڙ دانهون، خدا واري هيڪڙائي، تنهائي سنڌن خميرجو خمار آهي، ۽ ان وجدان جو ورد ولوڙيندي، اڻ ڄاڻ منزل جي ڳولها، بس ان لوُڇّ لڇڻ جي لاڀ لاءِ. هڪڙا اُهي آهن جن کي سڀ ملي وڃڻ تي افسوس آهي. منهنجي خيال ۾ ڪجه رهجي ويل کان سڀ ملي وڃڻ بعد وارو خلا وڌيڪ خطرناڪ ٿئي ٿو، ڀوائتو ٿي ٿو. منهنجو جاني اياز مهيسر انهن مان هڪ آهي. چوڻي آهي ته چنڊو چنڊي کي ڳولي لهندو آهي. برابر، ايازابڙي ، اياز مهيسر، طارق عالم ۽ مان هڪ ٻئي کي ايئن ڳولهي لڌو. اسان جي نڀاڳ ڪارڻ هي ته ڀاڳ وارن کي سندن ڀاڳ ڀڳوان واري تنهائي جي ڀوءَ کان غافل رکيو آهي.
جيڪو مزو اياز سان گڏ روئڻ ۾ آه، طارق جي رهجي ويل منّظر جي ريهٽن واري رمز ۾ آ، سو ڪنهن ڀاڳين ڀري جي شيواز جي بوتل جي سرور ۾ ڪٿي هوندو! الائجي ڇو دل جي ديوان تي اڄ طارق وارو باب اٿلي پيو. الائجي طارق جي اچانڪ هلي وڃڻ جو سبب مان ته نه هئس. ڪٿ مونهنجي ايئن انهن لکيل سترن تي ستي ٿيل ستل سورن ته جيرا نه جلايس. الائجي!!
طارق جاني توڏانهن آخري ميسج 24 نومبر 12 وڄي 19 منٽن تي رات جو ان باڪس ڪيو هو، تنهن بعد تون رابطو نه ڪيو، ۽ 11 جون 2011 تي تون شديد علالت بعد موڪلائي وئين. مان توسان اياز واري آخري ملاقات جي جرءُت نه ڪري سگهيس. مان توسان آخري ڀاڪر واري ڀوءَ جي ديوانگي ۾ دهليل رهيس. اياز جي توسان ٿيل آخري ملاقات جو ماتم اياز جي دل ۾ اڄ به تازو آهي، ۽ اڄ تنهنجو مرحوم ٿي ويل ان باڪس ڪنهن رهجي ويل منظر جيان اڌورو آهي. مون کي اڄ به تنهنجي جواب جو انتظار آهي طارق، تنهجو ائين ڀڄي وڃڻ منهنجي رهجي ويل منظر جو جواب نه هو.
” ابول ابل..... پيار ڪو پيار هي رهني دو ڪوئي نام نه دو“... ياد اٿئي نه!
تنهنجي فيس بڪ وال الائجي ڪير پيو مئنيج ڪري، تو واري سنجها يا تقدير واري.... پر تنهجي رهجي ويل منظر جا ڪيئي ديوانا ، اياز ۽ انعام ساڻ ماتمي آهي.

طارق ڏانهن موڪليل آخري ميسج.

تون ساٿ
آباد
پرين پرويل
راحتن جي مالا
مان اڃايل
اڪيلو، ڀوڏيسر جو ٿوهر
تون ٿر جي ڇاتيءَ تي ٽڙيل
حسين روئيڙو
مان سرد راتين ۾ پکيڙيل
اداس ڪوهيڙو
تون اميدن ڀري انڊلٺ
مان بيوس احساسن جو مقبرو
تون شامّ رنگين
مرڪن ڀريل
مان شامِ غريبان جو مرسيو
تون باک ڦٽي
ٻهڪندڙ مهڪ
مان پرڀات
ٻڏندڙ دل جي آخري ڌڙڪ
تون ايازجي،” جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“
مان طارق جي ناول جيان
”رهجي ويل منّظر“



Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ