Posts

Showing posts from June, 2017

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

تحرير ڊاڪٽر آغا انعام الله 25 سيپٽمبر 2013 سنڌ جي گهراڻن ۾ جيڪڏهن نرينا اولاد جي ڄمڻ ۾ تاخير ٿي ته گهر جي مرد جي نسبت عورت ڪجهه وڌيڪ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندي آهي، ۽ ان آس ۾ ته ڪڏهن باري تعاليٰ کيس ان نعمت سان نوازيندو، پنهنجي طور جاکوڙ ڪندي هڙئي هيلا بهانا تلاش ڪرڻ جي جستجو ۾ هر دم پريشان رهندي، ڪڏهن ڊاڪٽرن، حڪيمن، يا ڪنهن عاملن جي ور چڙهي پنهنجي سڄي هڙه تاويزن ۽ سنڌن ٻڌايل دڳ پنڌ تي هلڻ ۾ پورو ڪندي آهي، يا وري پوءِ آسرا پلي سنڌس عقيدي مطابق ڪنهن الله جي ولي جي مزار تي گڙگڙائيندي التجائن ۾ پاڻ گهاريندي آهي. سنڌس  پريشاني جي ٻي وڏي وجه، مڙس جي ممڪنا ٻي شادي جنهن سان هن جي محبت جي ظالمانه  جبري وراهست جو ڊرپ ۽ گهرجي اُن سلطنت ۾ پوندڙ ممڪنا ڏار پوڻ جي انديشي کي محسوس ڪندي، هو پاڻ کي ڪا پراڻي بيڪاراخبار سمجهندي، مسلسل موت مار خوف وچان ڀڄ ڊُرڪ ۾ مشغول ڏسڻ ۾ اچي ٿي. کيس ساوري گهر جا تعنا، اوڙي پاڙي کان يا سنگتاڙين جي هر وقت اُن سي اءِ ڊي اسٽائيل پڇا ڳاڇا لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو. اهڙي ئي خوف وچان منهنجي گهر واري پڻ ڪجهه وقت گهاريندي، ٽن نياڻن بعد، 25 سيپٽمبر 2004 تي، الله جي