Posts

Showing posts from 2013

محمد بن عبدالله

محمد بن عبدالله  تحرير ڊاڪٽر آغا انعام الله 24 جنوري 2007ع تي گلف ايئرلائن جي فلائٽ ذريعي جناح ٽرمينل تي لِينڊ ڪرڻ وارو،عرب قبيلي بنو هاشم جي نسل مان اڪويهه ورهين جو محمد، ٽن ڏينهن بعد لمس(اڳوڻي ايل ايم سي) ۾ داخلا وٺي آيو هو. محمد ٽن ڏينهن اندرڄام شوري جي ڇڙواڳ هوائن سان سهمت ٿي ويو هو۽ پنهنجي پيءُ کي دل جاءِ جي فون ڪري ڇڏي هئائين. محمد جو ڏاڏو عبدالرحمان غريب هاري هو ۽ کجي وڪڻندو هو. عبدالرحمان اڙدن جي شهر اربد ۾ شونه نالي علائقي جو رهواسي هو. شونه نالي ان علائقي ۾ الله جو نبي حضرت شعيب عليه السلام مدفن آهي. يرمڪ نالي صليبي جنگ، طارق بن زياد ۽ صليبن وچ، بيت المقدس جي فتح لاءِ پڻ اتي وڙهي وئي هئي. محمد جو پيءُ، عبدالله ڊواري اُڙدن ملڪ جي فوج ۾ ڪرنل جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيوآهي. محد اورسيز ايڊميشن ڪوٽا تحت داخلا ورتي هئي. ان کان اڳ جڏهن مان پاڻ ايل ايم سي ۾ زير تعليم هئس ته منهنجي سنگت اڪثر انهن فارين اسٽوڊنٽس سان رهندي هئي. تن ڏينهن منهنجي هڪ اُڙدني دوست حسين ۽ نيپالي ڇوڪري دُرگا ٿاپا جي عشق جا چرچا ايل ايم سي ۾ سُومري جي ڪئنٽين کان وٺي ، بي ڊي ايس بلاڪ تائين