ڇڙ وڇڙ

ڇڙ وڇڙ

آغا انعام الله
1992

ڪنهن سان ڪيان ڳالهڙي
ڪنهن سان اوريان اندر
پاڻ ئي بڻيو بُت
پوڄان ويٺو پوُرن کي.
...................
اڄ ته روئڻ ڏي
اي پٿر دل اڄ مونکي مرڻ ڏي
ياد ڪجان اهي ڏينهن
اُهي بادل اُهي مينهن
جي گڏ گذاريا اٿئي
...............................
الاءِ ڇو
اڄ به
تون ناهين
هي پاڇو منهنجو
منهنجو ته ناهي!!!!
..............................
اڄ منهنجي جدائيءَ ۾
هيڪلو
جهرندو هوندو
مان بي بنياد بدزات سهي
تنهنجي ناهيان
عورت ته آهيان
توکان پوءِ هاڻ ماٺ سهي
گذري ويندي زندگي
..............................................
بادل ته وري ايندا
تنهنجون ڀاڪڙيون ، ڳل ڳراٽڻيون
فون تي
احساس مري ويندا
.............................
آهي خدا آهي،
پوءِ بي يار بيوس
ڇو مونکان جدا آهي.
..........................
خوابن جي خمار ۾
توکان جدا بيوس، احساسن جي ڄار ۾
...........................................
احساس سڀ ماري ڇڏجان
ڪو ناجائز ٻار سمجهي
ناليءَ هيٺ هاري ڇڏجان
........................................
ڪانوّ لوي ڪي ڏينهن ٿيا
توکي ڏٺي ڪي مينهن ٿيا
تنهنجا گيت جهونگاريندي جُهري ويندس
ڪنهن ڏينهن مان به مري ويندس
.....................
عشق سندي ڳالهڙي
ڪنهن سان ڪندس
هلي ويندي ساهڙي
................
احساسّ
خنجر جي تيز ڌار تي ، معصوم ڪُٺل احساسّ
احساسّ
ڪنهن تيز رفتار گاڏيءَ هيٺ چِجري ويل احساسّ
احساسّ
ڪنهن ڪال ڪوٺڙي ۾ ڀتن تي ليڪيل احساسّ
احساسّ
بيڏوه سوليءَ تي لٽڪيل احساسّ
احساسّ
بنگلي کان چّڪلي تائين پيڙهيل عورت
احساسّ
ڇڙ وڇڙ، بوُندّ بوُندّ
احساسّ
توکان پوءَ به جيئڻ ڪارڻ، مُئلّ احساسّ


Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI