محمد بن عبدالله
محمد بن عبدالله
تحرير ڊاڪٽر آغا
انعام الله
24 جنوري 2007ع تي گلف
ايئرلائن جي فلائٽ ذريعي جناح ٽرمينل تي لِينڊ ڪرڻ وارو،عرب قبيلي بنو هاشم جي نسل
مان اڪويهه ورهين جو محمد، ٽن ڏينهن بعد لمس(اڳوڻي ايل ايم سي) ۾ داخلا وٺي آيو
هو. محمد ٽن ڏينهن اندرڄام شوري جي ڇڙواڳ هوائن سان سهمت ٿي ويو هو۽ پنهنجي پيءُ
کي دل جاءِ جي فون ڪري ڇڏي هئائين.
محمد
جو ڏاڏو عبدالرحمان غريب هاري هو ۽ کجي وڪڻندو هو. عبدالرحمان اڙدن جي شهر اربد ۾
شونه نالي علائقي جو رهواسي هو. شونه نالي ان علائقي ۾ الله جو نبي حضرت شعيب عليه
السلام مدفن آهي. يرمڪ نالي صليبي جنگ، طارق بن زياد ۽ صليبن وچ، بيت المقدس جي
فتح لاءِ پڻ اتي وڙهي وئي هئي.
محمد
جو پيءُ، عبدالله ڊواري اُڙدن ملڪ جي فوج ۾ ڪرنل جي عهدي تي خدمتون سرانجام ڏئي
رهيوآهي. محد اورسيز ايڊميشن ڪوٽا تحت داخلا ورتي هئي.
ان
کان اڳ جڏهن مان پاڻ ايل ايم سي ۾ زير تعليم هئس ته منهنجي سنگت اڪثر انهن فارين
اسٽوڊنٽس سان رهندي هئي. تن ڏينهن منهنجي هڪ اُڙدني دوست حسين ۽ نيپالي ڇوڪري دُرگا
ٿاپا جي عشق جا چرچا ايل ايم سي ۾ سُومري جي ڪئنٽين کان وٺي ، بي ڊي ايس بلاڪ
تائين عام هئا. انهن ئي ڏينهن هڪ مليشين ڇوڪري زيلي سان ڪو، جنم جنم گڏ گهارڻ جا
وعدا ڪرڻ بعد دوکو ڪري ويو هو. حسين ڪجهه ورهيه اڳ اچانڪ برين ٽيومر ظاهر ٿيڻ بعد
دم ڌڻي حوالي ڪيو.
27 آڪٽوبر 2008ع تي صبح جو
اٽڪل ساڍي يارهين وڳي، نويد شيخ، محمد کي حيدرآباد ۾ واقع الامنه ڪامپليڪس ۾ سنڌس
فليٽ تان هيٺ اچڻ تي اسرار ڪيو. گهڻو لنوائڻ باوجود آخرڪار محمد پنهنجي روم ميٽ
علي ساڻ هيٺ لهي آيو. نويد شيخ، محمد کي اڳتي وڌڻ لاءِ باربار چوندو رهيو ۽ جيئين
ئي محمد ۽ علي اڳتي وڌيا، ته نويد شيخ پنهنجي چيلهه جي ساڄي پاسي پٺيان لڪايل
امپورٽيڊ پسٽل ٻاهر ڪڍيو ۽ پنهنجي ساڄي لوندڙي تي رکي اهو چئي فائرڪري ڇڏيو ته،
”يار! محمد ! منهنجي شگفته جي پارت اٿئي، ڪڏهن ڏک نه ڏجانس“.
19نومبر تي
مون ٽي وي ۾ سنڌ ٽي وي چئنل تي سلائيڊ هلندي پڙهي، ته سکرهاءِ ڪورٽ جي ڊپٽي
رجسٽرار بشير شيخ جي پٽ جي قتل ۾ گرفتار جوابدار محمد کي سينٽرل جيل حيدرآباد کان
نارا جيل حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي.
مان
اُن مهل ليپ ٽاپ تي پنهنجي ناولٽ،”باءِ باءِ ايل ايم سي“،جي ڪمپوزنگ ڪري رهيوهئس. تن
ڏينهن مان نارا جيل تي سينئير ميڊيڪل آفيسر پوسٽيڊ هئس.اُن ڏينهن نارا جيل تي
ڊيوٽي تي پهچڻ بعد مون محمد نالي ڪنهن عرب جي نارا تي منتقلي بابت جڏهن پڇيوته
معلوم ٿيوته محمد کي بند وارڊ رکيو ويو آهي. مون کي نهايت افسوس ٿيو. بند وارڊ،
جيل جي اتر اوڀر واري ڪُنڊ ويجهو اٽڪل 10 باءِ 20 جي 5 ڪمرن تي
مشتمل آهي، جت ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ لانڍي جيل ۾ ڀنڃ ڊاه ڪرڻ وارن اتان آيل 120 قيدين
منجهان 80 قيدي بند
ڪيا ويا هئا. بند وارڊ جي هر ڪمري جي اتر واري ڀت سان لڳ هڪ ڊبليوسي رکيل آهي.
جنهن جي مٿان هڪ عدد بادبان پڻ آهي جت اڪثر مون هڪ ٻه پاريل ڪُٽرگو ڪندي ڏسندو
هئس. مان اُن ڏينهن ته محمد سان ڪونه ملي سگهيس، جڏهن ٻئي ڏينهن اسپتال اندر گھڙيس
ته ساڄي پاسي اولهه طرف رکيل بسترن جي قطار مان چوٿين نمبر بستري تي ليٽيل ڪاري
رنگ جي ٽي شرٽ پاتل، ڳُچي ڏاڙهي سان، مايوس هڪ عرب نوجوان ليٽيل ڏٺو هو. مون پڪ
ڄاتو ته اِهو ئي محمد هوندو.
ويجهو
وڃي آواز ڏنم، محمد
گھٻرائيندي
چيائين، ييس
مونکي
تنهنجي تلاش هئي، هيڏانهن اُٿي آ، مون ساڻ گڏ ويهه.
............
سگريٽ گهرايان؟
آهن.
منهنجو
نالو ڊاڪٽر انعام آهي. اوپي ڊي وارو ڪمرو زيرِمرمت آهي، تنهنڪري اسپتال ۾ ويهڻو ٿو
پوي، شڪر آهي، ان بهاني توسان جلدي ملڻ جو موقعومليو، مون کي تجسس هو، ٽي وي تي
خبر پڙهي هيم، سو توسان ملڻ پئي چاهيم.
اقبال..........
مون رڙ ڪندي هڪل ڪئي.
آيو
سر، ون منٽ
مون
اقبال نالي قيدي کي چانهه ٺاهڻ لاءِ اشارو ڪيو. اقبال نارا جيل تي گزريل ٻارهن
سالن کان ٻٽي خون جي ڪيس ۾ اندر آهي. بوريت ۾ مون سان نّوّٽِڻ ڪڏندو هو. مان بروفن
جون گوريون رکندو هئس ۽ اقبال پيراسٽامال کي ڳوٽون ڪري رکندوهو. ٿڪاوٽ ۾ مون کي
پٺاڙن تي زور ڏيندو هو، ۽ مان چانهن هن جي هٿن جي هي ٺهيل پئندو هئس. جيل جي
هرقيدي بابت سٺي ڄاڻ هئس. قيدن بابت ڪا به غير معمولي ڳالهه يڪدم اچي ٻڌائندو هو.
جيل انتظاميا پڻ ڀروسو ڪندي هيس. بهترين اوستو هو. تن ڏينهن شاهنواز ساند ڊپيٽي
سپريڊنٽ جيل هئا، پر گهڻو وقت ات رهڻ ڪارڻ، تجربي جي بنياد تي کيس هرقسم جو اختيار
مليل هيس. هڪ ٻه ڀيرا اسان کي ، خيبر پاسي سنڌس زرعي زمين تي قائم ڳوٺ پاسي نياز
نگر جي دعوت ڏني هيائين. شاهنواز کوسو نالي هڪ ٻيو شخص پڻ گهڻي وقت کان ات ڊيوٽي
ڏيئي رهيو هو. بورچيخاني جي سڄي چارج حوالي هيس، شاهنواز ساند جو منّظور نظر هو.
پر پوءِ مون سان پڻ دلداري ٿي وئي هئس. صبح جي ڊيوٽي دوران ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر لاءِ
خاص نيرن ۽ مانجهندي جي ماني کڻي ايندو هو. هميشه مون کي ڏوراپا ڏيندا هئا، ”سائين
غريباڻي ماني نٿا کائو“.
”ادا
غريباڻي هجي ته کاوان، سا به تنهنجي گهر هلي، جيل ۾ لوڙهيندڙن جي هٿ جي نه کائندس“.
رُوٽين
طور ڊاڪٽر کي روزانه قيدين لاءِ تيار ٿيل ماني جي ڪوالٽي ۽ ذائقو ڏسي، پوءِ پيش
ڪرڻ جي اجازت ملندي هئي ۽ ڪنهن ممڪنا اعتراَض کي مدِ نّظر رکندي هر هفتي صبح واري
ڊيوٽي تي مامور ڊاڪٽر جو کيسو گرم ڪبو هو. شروع وارن ڏينهن ۾ مون کي جيل جا طور
طريقا جانچڻ ڪارڻ صبح واري ڊاڪٽر ساڻ رکيو ويو هو. جيل تي ڊيوٽي ڏيڻ جو اهو منهنجو
پهريون تجربو هو، ان کان اڳ مان شڪارپور ۾ رورل هيلٿ سينٽر،حيدرآباد مينوسنپل
ڪارپوريشن،ڪراچي واٽر اينڊ سيورج بورڊ ۽ ان کان اڳ گِدو بدر واري دماغي بيمارن
واري اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪري چڪو هيس. مون پڪو ارادو ڪيو هو ته هن ڀيري وات کي لغام
ڏبو ۽ ”مون ڪجهه ڪونه ڏٺو“ واري راه تي هلبو. نتيجتن، اها ڳالهه به منهنجي ويتر
ڳيچي پئي، جو ڊپٽي مون کي صبح واري ڊيوٽي تي مقرر ڪيو ۽ صبح واري ڊاڪٽر کي ڪڍي شام
۾ رکيائين. جيل تي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ ڪو به ڊاڪٽر تيار نه هو، خاص طور نارا جيل تي،
ڇاڪاڻ جيل تي ڊاڪٽر اُهي ئي ڊيوٽي ڪن ٿا جن کي قيدين جي مجبوري مان ڪجهه مال ڪمائڻ
جو موقعو ملي، ٻي صورت هر هڪ ڊاڪٽر سفارش ڪرائيندي ڪڏهن نارا جيل جي ڊيوٽي ناهن
قبوليندا، ها باقي سينٽرل جيل بقول سندن دبئي آهي.
صبح
۾ ڊيوٽي تي اچڻ بعد مون کي پهريون ڀيرو منهنجي کيسي ۾ پنج هزار وڌا ويا.
هي
ڇا لاءِ شاهنواز؟
آغا
صاحب زمانوآ، مڙئي پيو گاڏو گڙي
ها
پر الله جو شڪر آ منهنجو گاڏو هوائي جهاز وانگر ٿو اڏري، ادا اها تڪليف مون سان نه
ڪر ، هي وٺ پنهنجا.
سائين
رواج آهي ورهين کان وٺي.
هوندو،
پر اچي وٺ واپس هي.
سر،
ڪچن جي ماني چيڪ ڪرڻ لاءِ آهن، رشوت ناهي، هو صبح وارو ڊاڪٽر ميمڻ صاحب وٺندو آهي
۽ ان کان اڳ به ايئن هلندوهو. هڪ وقت ۾ ٽي سئو کان چار سئو قيدي آهن، سرڪار رڳو
سڄي سال جي دوائن جو مد ۾ سال ۾ هڪ ڀيرو ٽيهه هزار ٿي ڏي. پورت نه ٿي ٿئي، سو انهن
پئسن مان ڊاڪٽر دوائون وٺي ايندو آهي.
ڪو
مسئلو ناهي شاهنواز، دوائون وٺي ايندس، پاڪستاني طريقي سان، پراها تڪليف مون سان
نه، هي وٺ پنهنجا.
سر
ناراض ٿي ويا!!!
نه
بابا، ناراضگي ڇاجي، هو ڏس هوڏانهن پاڻي ٿرماس ۾ پنهنجو اٿم، چانهه جي پتي پنهنجي
وٺي آيو آهيان، هو رکيا اٿئي کير جا ڊٻا. ڀاءُ منهنجا چار ڏينهن آيا آهيون ڪهڙو
توهان تي يا ويچارن قيدين تي بار وجهون.
سائين
سڀ ڏوهاري آهن، انهن ڪميڻن تي بار وري ڇاجو!!
ادا
ڪميڻا ته سڀ آهيون، ڪنهن نه ڪنهن حوالي، بس فرق اهو آهي جوهو بند آهن اسين کليل،
هي مون کان ڪونه پڄندو، اچي وٺ پنهنجا پئسا، دوائون انشاالله گنج ڪري ايندس.
سائين
اسان کي ته خريد ڪري ڇڏيئي
ايتري
۾ !!
ٽهڪ
اقبال
چانهه ٽيبل تي رکي............... ها عرب سڳورا پوءِ!
سائين
مون کي اجازت؟
ادا
شاهنواز توهان هلو، دل جاءِ ڪيو دواعون ستت آڻيندس.
محمد
پڙهندو آهين؟
جي
ها سر
ڪٿي؟
لّمس
سال؟
ٿرڊ
يئر
ڇو
ماريو سين؟
بيقصور
آهيان داڪتر
پّڪّ!!
خُد
ڪشي ڪيائين سر
ته
پوءِ تون ڇو اندر آن!! منهنجو مطلب تون اهڙو ڪهڙو گناه ڪيو آهي جو اڄ بيقصور جيل
پيو ڀوڳين؟ آخر ڇو!! محمد مان اهو تقريبن هر اُن قيدي کان پڇندو آهيان جيڪو ان
يقين سان اهو ٻڌائيندو آهي ته هو بيقصور آهي. تون زندگي ۾ اهڙو ڪهڙو گناه ڪيو آهي
جنهن توکي اڄ هن ذلت ۾ دهڪيوآ.
داڪتر،
مان پيءُ ماءٌ جو نافرمان آهيان، شايد ان ڪري.... وڏو ساه ڦوڪيندي چيائين.
داڪتر
28جولاءِ تي منجهند جو اٽڪل ٻي بجي مون کي هڪ اڻڄاڻ نمبرتان ايس ايم ايس آيو، شّبِ
معراج مبارڪ. مينهن وسي رهيو هو، تقريبن پنجين بجي منهنجي دوست مزمل شيرواني مون
کي فون ڪيو، موسم ڏاڍو مست پيو ٿي، محمد هل المنّظر هلون. ٿورڙي دير ۾ اسين
المنّظر پهتاسين. اسين موسم مان لطف اندوز ٿي رهيا هئاسين، مون کي وري ڪنهن اڻڄاڻ
نمبرتان هڪ ٻيو ايس ايم ايس آيو،” لاالا الله محمد رسول الله، سينڊ اِٽ ٽو فائيو
پيپل اِٽ ريئيلي ورڪس. هن ڀيري مون ان نمبر تي ڪال ڪئي ته ڪنهن ڇوُڪرِي کنيو.
جي
توهان ايس ايم ايس پيا ڪيو!!!
ڪونه
سڃاتو!!
نه
سئاري.
صفا
ڪو ڊفر آهين؟
اڇا
ڀلا خبر ته پوي مان ڪهڙي عقلمند ڇوڪري سان پيو ڳالهايان؟
تون
واقعي ڊفر آهين ۽ تون سڄي عمر ايئين ڊفر هي رهندين. گڙيا پئي ڳالهايان، شعيب جي
ڀيڻ.
اڇا
اڇا جي چئو ادي
ادي!!!!
ايڏو
اجنبي ۽ ڊفر ڇو ايڪٽ ڪندو آهين!!
ها
ها ها، مهرباني فري ٿيڻ تي، توهان کي منهنجو فون نمبر ڪٿان مليو!!
ڊفر،شعيب
جي موبائل مان، پر شعيب کي نه ٻڌائجان
مون
کي ته اڳم ئي ڦڪائي پئي ٿي ، شعيب سان وري ڪيئن ڳاله ڪندس!!
الائي
جي، تنهنجي ڪهڙي خبر! ڊفر جو آهين. جلدي گهر پڄ، اڄ شب معراج آهي ۽ توکي حلوو
ورهائڻو آ.
معاف
ڪجو، توهان ڪجهه ضرورت کان تمام گهڻو پيا ڳالهايو، ۽ ٻي ڳالهه اها جو مون کي حلوو
ٺاهڻ ناهي ايندو.
ڪو
مسئلو ناهي، مان تنهجي مدد ڪندس.
ڪا
ضرورت ناهي.
محمد
، توهان عرب سڳورا، پياري نبي پاڪ جن جي برڪتن ڀري معراج جي سفر جي خوشي ڇا ناهيو
ملهائيندا!!!!
ياد
ڏيارڻ جي مهرباني پر مان!.............چڱو مان ڪا مٺي شيءَ وٺي ايندس، مان
بورچيخاني ۾ رجڻ نه ٿو چاهيان، مون کي پيزا هٽ وڃڻو آ.
تون
روز پيزا هٽ ڇا لاءِ ويندو آهين؟
ڳالهه
ٻڌو توهان کي منهنجي سي آءِ ڊي تي ڪنهن لڳايو آهي. تون منهنجي دوست جي ڀيڻ آهين،
ان حوالي سان مان تنهجي عزت ڪيان ٿو، پر توکي منهنجي ماءُ ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي.
محمد
پيزا هٽ سهڻيون ڇوڪريون اينديون آهن نه !!
ها
بلڪل الاهي سهڻيون، مهرباني ۽ خدا حافظ.
داڪتر
مان سوغات شيرين تان ٽي ڪلو مٺائي ورتي ۽
شعيب جي ننڍي ڀاءُ حسيب هٿ شگفته ڏانهن موڪلي. شگفته جي ماءُ شڪارپور جي رهڻ واري
آهي ۽ مون کي الاهي ڀائيندي آهي. مون کي اڪثر شڪارپور جو اچار به کارائيندي هئي،
پر مون کي ان ڳالهه جو اندازو ڪونه هو ته شگفته ايئين مون کي فون ڪندي.
ڊفر
ٽي ڪلو مٺائي ڇاجي لاءِ موڪلي اٿئي؟
ٻه
ڪلو توهان جي گهر لاءِ ۽ هڪ ڪلو پپو وارن جي گهر وارن لاءِ.
ڇو
پپو وارن لاءِ ڇو؟
ڇو
نه!! پاڙي ۾ جيئن توهان ٿا رهو، فليٽ 7 ۾، ته هو
منهنجي فليٽ جي بلڪل سامهون آهن ۽ پپو به مون کي الاهي ڀائيندو آهي.
پپو
يا پپو جي ڀيڻ!
تنهن
۾ تنهنجو ڇا؟
مون
در کولي پنهنجي فليٽ اندر وڃڻ جي ڪئي.
ڪاڏي
ٿو وڃي؟
ٻڌايو
مانءِ نه ته پيزاهٽ.
هن
دفعي ڇڏيانءِ ٿي، آئنده نه ويندين.
ڇوڪري
تنهجو دماغ ته ٺيڪ آ !!
محمد
،صبح پپو منهنجي بستري تي ڇالاءِ ويٺو هو؟ ميرو ڪري ڇڏيندو.
تنهنجي
بستري تي!! منهجو بسترو تنهجو ڪڏهن کان ٿي
ويو!
کلندي
چيائين ٿي ويندو هڪ ڏينهن.
مون
پنهنجي فليٽ اندر گهڙي دروازو ڪاوڙ منجهان زور سان بند ڪري ڇڏيو. ڇا سوچيندو
ويچارو شعيب، هن ڇوري ۾ ته تر جيترو به حيا ناهي، مون ايئين پنهجني منهن چپن ۾ پئي
ڀڻڪيو.
پيزا
هٽ پڄڻ جي پندرهن منٽن اندر وري فون ڪيائين.
ڇوڪريون
آهن پيزاهٽ تي؟
مون
بيزار ٿيندي چيو، گنجّ آهن ۽ توکان الاهي سهڻيون آهن.
محمد
منهنجي مٿي ۾ الاهي سور آهي پليز گهر اچ نه
ماڻهي
ڪونهي ڇا؟ حسيب کي موڪل هيٺ ته نسيم ميڊيڪل تان وڪس ويپررب وٺي اچي، مالش ڪرائجان
ماڻهي کان. مان جڏهن موٽيس ته هربل ڊرنڪ ٺاهي موڪليندو سانءِ، فلحال جان ڇڏ.
تون
اچ نه محمد
مان
ڪيئن ايندس! هنن سهڻن ڇوڪرين کي ڪير ڪمپني ڏيندو! تون پيناڊال کائي ڇڏ.
داڪتر
مان ڪلاڪ کان پوءِ پنهنجي فليٽ تي موٽي آيس، ۽ هربل ڊرنڪ جيڪا مون اڙدن کان آندي
هئي، هِن چري ڏي ٺاهي موڪلي.
تون
هن مهل هربل ڊرنڪ ڇالاءِ ٺاهي موڪلي آ، مان ته بلڪل ٺيڪ آهيان هاڻي.
مون
کي ڪهڙي خبر، منهنجو جبرائيل عليه السلام سان ڪو ڪانٽيڪٽ ڪانهي. تون کڻي نه پي،
ڪرن ۽ امي پيئنديون. مان شگفته جي ماءُ کي احترام وچان امي چوندو هئيس. رات جو دير
سان تقريبن ٻه بجي وري فون ڪري چيائين، محمد مون کي پنهجي باري ٻڌاءِ
ڀلا
توکي ننڊ ڪانه ايندي آهي ڇا چري مائي.
تو
جهڙو جوان پاڙي ۾ هجي ، ننـڊ ڪنهن کي ايندي
بڪواس
بند ڪر، وڃي سمهي پئه.
پوءِ
ايئن لڳاتار مون کي فون ڪندي هئي ۽ آخرڪار مان به هن جي فون جو عادي ٿيڻ لڳس. سڄي
سڄي رات ڳالهائيندي هئي.
نويد
شيخ خدڪشي ڇو ڪئي؟
داڪتر
نويد جي شگفته سان بيپناه محبت هئي.
ته
پوءِ هن جي موت جو اڻ سڌي طرح تون به زمينوار آهين، ان ڪري تو جهڙو بظاهر خانداني ٻالڪ هن ٿرڊ ڪلاس جيل ۾
پيو لوڙهي.
شايد!
شايد
نه ، يقينن ايئن ئي آهي محمد.
داڪتر
نويد جي شگفته سان بيپناه محبت هئي.
نويد
توسان ڪڏهن مليو؟
شب
مئراج جي ٻئي ڏينهن مون کي نويد شيخ فون ڪيو ۽ اڙدو ۾ پئي ڳالهايائين، مون کي
ايترو سمجهه ۾ نه آيو، مان ڪال ڊراپ ڪري ڇڏي.
ٻئي
ڏهاڙي نويد ٻيهر فون ڪيو ۽ هن ڀيري انگريزي ۾ پئي ڳالهايائين.
تون
منهنجي گرل فرينڊ شگفته سان ڇالاءِ ٿو ڳالهائين؟
نويد
منهنجا ڪي به اهڙا انٽيشن ناهن، منهنجي پاڙي واري آهي، منهنجو هنن جي گهر اچڻ وڃڻ
آهي، بس ٻي ته ڪا ڳالهه ڪونهي. هو منهنجي لاءِ ڪا خاص احميت نه ٿي رکي. شي از ناٽ
ايٽ آل اسپيشل فارمي. پوءِ هن فون رکي ڇڏيو.
هڪ
ڏينهن شگفته فون ڪري ٻڌايو ته شادي آهي.
ڪنهن
جي ؟ مون پڇيو
چيائين
منهنجي
واقعي!
، واه واه!!
مذاق
پئي ڪيان، منهني ڀيڻ جي شادي آ
مون
کي اها خبرآ ته باجي جي شادي آ، تنهنجو ته
اڃان مڱڻو ئي ناهي ٿيل.
ته
پوءِ پڇيائين، محمد تنهنجو ارادو ناهي ڇا
اڃان ڪنهن مڱڻي وڱڻي جو؟
ٻه
ڇوڪريون آهن منهنجي نّظر ۾، ڇيڙيندي چيو مانس.
ڪاليج
۾؟
پپو
جي ڀينرن جي باري ۾ ڇا خيال آ، حسينه ۽ نبيلاه
اڇا!!
ته توکي هن جي ڀينرن جا نالا به خبر آهن، ڀلا منهنجو نالو ڇاهي!!
تنهنجو
نالو شگفته، پلس شڪارپور جي چري.
فڪر
نه ڪر چري مائي، هو ته اڃان ٻارڙيون آهن.
توهان
عربن جوڪهڙو ڀوروسو، توهان ته ٻارهن سالن واريون چونڊي پرڻندا آهيو.
بحرحال
هو ته مون کان وڏيون آهن.
ڇڏ
ڇڏ هاڻي عمر نه لڪائي پنهنجي
سچ
ٿي چوان
هوهوهو!!!
مون
کيس انٽرپٽ ڪندي پڇيو، محمد تنهجي ڪيس جي پروگريس؟
داڪتر
منهنجو پيءُ آيل آهي اڙدن کان، پاڪستان گورنمنٽ، اڙدن جو پاڪستان لاءِ سفرتڪار
ابراهيم جوارنه، شيري رحمان ۽ هيلٿ منسٽر رُڌل آهن، ٺاه ڪرائڻ لاءِ ۽ منهنجي آذادي
جي ڪوشش لاءِ، انشاءَ الله ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو ٿي وينديو. هونءَ ته منهنجو ڪيس
مّضبوط آهي، داڪتر جي رپورٽ مطابق به نويد شيخ خُد ڪشي آهي.
ڪٿي
رهيل آهي تنهنجو پيءُ؟
شيرٽن
ڪراچي.
فيملي
سان ڪو ڪانٽيڪٽ ٿيو اٿئي؟
جي.........
نه داڪتر
گهڻا
ڏينهن ٿيا اٿئي؟
چويهه
ڏينهن
ڊسپينسر
نه ڏسي، طريقي سان، هي وٺ منهنجي موبائل کڻ ۽ وڃ وڃي باٿ روم مان ڳالهاءِ، خيال
سان هورڙيان ڳالهائجان.
ٿينڪيو
داڪتر، ٿينڪيو سو مچ
يو
آر ويلڪم محمد
محمد
ايئن ڪيئي ڀيرا منهنجي موبائل تان ڳالهايو هو۽ شايد پنهجي والد کان علاوه پنهجن
ويجهن دوستن سان پڻ.
28 نومبر 2008ع تي منهنجي
موبائل تي هڪ ميسج آيو. ” يار محمد قسما بربي رکشته اصل فيها لعنڪ غير والدار کلها
مطفره هيڪ علي فيفا بکره الصبح بس اُخلص منها بمر عليڪ“
مون
ڀايو يارمحمد مري، ٻروچڪي ۾ مون کي پيغام موڪليو آهي. دراصل انهن ڏينهن مون پنهجن
ٻن دوستن قاضي اعجاز مهيسر ۽ قاضي اياز مهيسر، کتڙ پاسي ٽڪر تي لائم اسٽون کوٽڻ
لاءِ به سئو ايڪڙ زمين ليز ڪرائي هئي، ات اسان جو مرين سان ٿورو مسئلو هليو پئي.
يار محمد مري ۽ سنڌس ڀاءُ خلاف ڪيس پڻ داخل ڪرايل هو. پوءِ جڏهن چتائي پڙهيم ته
سمجه ۾ آيو ته ميسج ٻروچڪي نه بلڪ عربي ۾ لکيل هو. ٻئي ڏهاڙي ڊيوٽي تي پهچي محمد
کان پڇيو ته ڇا هي تو لاءِ آهي، پڙهڻ بعد ٻڌايائين ته ها داڪتر منهنجي دوست جو
پيغام آهي، ترجمو ڪري ٻڌايائين.” يار! محمد ، قسم آ رب جو منهنجي کيسي ۾ پائي به
ڪان هئي جو توسان جيل تي ملڻ اچان، مون کي اڄ پنهنجا ڊالر ملي ويا آهن. سو سڀاڻي
ملڻ ايندو سانءِ.
منهنجو
ڀاڻينجو حارث خان آيو ملڻ ڪنهن ڪم سانگي، اندر جيل وارن تعاون ڪيو، عام رواجي
حالتن ۾ ايئين غير متعلق ماڻهن جو جيل اندر اچڻ جيل مينيوئل جي خلاف هو. محمد سان
ملايو مانس. حارث کان مون پڇيو ته ڇا تون ڪنهن شگفته نالي ڇوڪري کي سڃاڻي، ڇاڪاڻ
حارث پڻ ساڳي انسٽيٽيوٽ هائسٽ Hiast ۾ پڙهندو هو۽ شگفته پڻ ساڳي انسٽيٽيوٽ ۾
پڙهندي هئي.
چيائين
ماما ڇوڪري جو ڀاءُ شعيب ته ڏاڍو شريف آهي ويچارو، ۽ کيس مار به ڏاڍي ڏني هئائون.
ڪنهن
پوليس؟
نه
ماما نويد شيخ وارن جا مائٽ آيا هئا، انهن، باقي ڇوڪري ڏاڍي تيز آهي.
داڪتر
چئو
محمد، ها فون کپئي؟
ييس
پليز
هيئير
ٽيڪ اٽ، بي ڪيئرفل اوڪي
محمد
ڳالهائي جڏهن واپس آيو، چهري تي خوشي وچان رونق پئي ٽڙيس، ڳل ڳاڙها ٿي ويس، واڇون
ٽڙيل هيس.
ڏي
احوال
داڪتر
گڊ نيوز، هيلٿ منسٽر، اڙدن ايمبيسي جو سفير ابراهيم جورانه، نويد شيخ جا مائٽ منهنجي پيءُ وٽ ملڻ آيا هئا ، هوٽل شيرٽن.
هيلٿ
منسٽر ڇو؟
داڪتر،
نويد جي پيءُ بشير شيخ جي ڀاڄائي ۽ هيلٿ منسٽر جي گهر واري سڳيون ڀينر آهن.
اڇا
اڇا
ڀلا
جوارنه عربن ۾ ڪا زات آهي ڇا؟
چئي
سگهو ٿا داڪتر، جوارن، اڙدن جي شهر اربد ۾ هڪ علائقي جو نالو آهي. جوارن پٿر مان ٺهيل هڪ اونهي ٿانوّ کي چئبو آهي جنهن
۾ پاڻي يا ڪو مشروب پيئبو آهي، سو ان خاص پٿر مان ٺاهڻ واري ان ٿانوّ وارن کي جوارنه
چوندا آهن ۽ پوءَ ايئن ٿي سگهي ٿو انهن سان شايد زات منصوب ٿي وئي هجي.
ته
پوءِ ڇا ڊيسائيڊ ٿيو؟
داڪتر
هنن جي ڊمانڊ هئي ته منهنجو پيءُ سکر ۾ هڪ يونيورسٽي ٺهرائي ۽ ان جو نالو شهيد شيخ
نويد يونيورسٽي رکيو وڃي.
شهيد
وري ڪيئن!! خود ڪشي جو ڪيائين
مسڪرائيندي
محمد چيو، داڪتر ڊمانڊ آهي.
اڇا
پوءِ؟
بابي
چيو اهو منهنجي لاءِ ممڪن ناهي، البته اگر توهان جي گورنمنٽ، ڪا مستقبل ۾ سکر ۾
يونيورسٽي ٺاهڻ جو ارادو رکندي هجي ته پنهجي گورنمنٽ طرفان توهان جي گورنمنٽ کي
تجويز پيش ڪندس.
يار!
محمد! هيڏي وڏي ٽريجڊي زري گهٽ تو ٽهڪن ۾ ٽاهي ڇڏي.
محمد
کلي پيو.
اڇا
داڪتر ٻيو شرط اهو هو ته اسان شگفته واري ڪيس ۾ ڪا دخل اندازي نه ڪيون، هي ڊيل رڳي
محمد لاءِ ڪري رهيا آهيون، چيائون پئي ته شگفته وارن کان اسين پاڻ ئي حساب ڇڪي
وٺندا سين.
بابي
چيو قبول آهي، پوءِ هنن بابي کان ٻه ملين يعني ويهه لک پاڪستاني گهريا آهن.
پر
محمد اسان وٽ، انساني خون جي قيمت ته مڙد لاءِ اٺ لک ۽ عورت جو ريٽ سورهن لک پيو
هلي، باقي ڪنهنجي شوق واري پاليل ڪُتي جي خون جي چّٽي بابت خبر ناهي. پر محمد،
خدڪشي جو ته ريٽ ئي ناهي.
عورت
جو ريٽ وڌيڪ ڇو داڪتر؟
يار!جيئري
سڱ، لک سوا ۾ مليو وڃي، مُئي ته سورهن لک گيدي ۾، ڌنڌو آ چريا. شڪر ڪر شگفته ڪونه
مئي ، ڪونه ڇُٽي سگهين هان، پير ڀلا هيئي عرب سڳورا، سعودي ناهي، سنڌ اٿئي سنڌ،
محمد بن قاسم زماني کان کريل آهيون.
سو
داڪتر، بابا ، ويهه لکن تي ايگري ڪيو آ.
ٺڳين
پيا توهان کي يار
واٽ
ٽو ڊو داڪتر، پوءِ هو ٻاهر ويا وري موٽي آيا ۽ اچي بابا کان ٻيهر هڪ ڏهائي پنج
ملين روپين جي ان کان علاوه گهر ڪيائون. سو بابا پڇيو اهي وري ڇا لاءِ! چيائون،
پوليس، ڊاڪٽر ۽ ڪورٽ خرچ وغيره
چودهري اعتزاز حسن وڪيل ڪيو اٿن ڇا؟!!!!
اهو
ڪير آ، داڪتر؟
هل
ٺهيو ڳالهه ڪر
تنهن
تي بابا پوءِ چڙي ويو ۽ انهن کي چيائين ته منهجي پُٽّ جي ڪيس ۾ مون کي ڪو اُلڪو
ڪونهي، مان رڳو اهو دڳ پيو ڳولهيان جنهن
سان توهان جي ذخمن تي مرحم رکي سگهان، نه ته پئسو انسان جي جان جي مّٽّ ناهي. تنهن
تي پوءِ هيلٽ منسٽر چيو توهان هاڻي پنهجو پاڻ ڳالهايو، مان توهان جي پئسن واري
معمالي کان ٻاهر آهيان.
ٽهڪ،
جائي!! واه ڙي منشٽر واه
واٽ
هيپن داڪتر، توهاه ڇو پيا کلو
ماءِ
ڊيئر، هيلٿ منسٽر پاڻ، سرداري ڪهول جو آ، آئي ڏينهن سنڌس بنگلو فيصلي لاءِ آيل
ماڻهن سان سٿيل هوندو اٿس، عادت ڪيڏانهن ويندي! سرداري حصو به ته ڌار ڪبو، فيصلي بعد
دعا لاءِ آيل مولوي جو حصو، پيراڻي دڙي،پجارو جي ڊيزل، مهمانن جي چانهه بسڪوٽ
وغيره وغيره.
آءِ
ڊونٽ انڊرسٽينڊ، واٽ يو آر سيئنگ
هل
ٺيڪ آ، پوءِ ٻيو ڇا چيائون.
داڪتر
ايمبسي وارن خاطري ڪرائي آهي ته معاملو هڪ ملين، يعني ڏه لکن ۾ ٿي ويندو. هونءَ به
شروعات ۾ ايمبيسي وارن پاڪستان گورنمنٽ کي اها ئي آفر ڏني هئي جيڪي ٺاه ۾ رُڌل
هئا.
محمد
توهان جي ڪرنسي جي پاڪستاني ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ ڇا ويليو آهي هن وقت؟
داڪتر
هڪ اڙدني دينار برابر آهي سئو روپيا پاڪستاني.
ته
پوءِ ڏه هزار دينار برابر ٿيندا ڏه لک پاڪستاني رپين جي، اڙي محمد! ته پوءِ اهو ته
ڄڻ تنهجي پيءُ جي هڪڙي پگهار جو شايد هائوس رينٽ کان به گهٽ هجي!
کلندي
چيائين ها، نو پرابلم
داڪتر
تنهنجي خيال ۾ شگفته جو ڇا ٿيندو؟
في
الحال ته سينٽرل جيل ۾ ليڊيز وارڊن کان نسواني فنِ حرب سکندي
محمد
حيرت وچان مون ڏانهن نهارڻ لڳو.
کلندي
چيو مانس مذاڪ پيو ڪيان. پرٿي سگهي ٿو انهن کان به پئسا وٺن يا وري پئسن جي جاءِ
تي هڪ ڇوڪري سنگ ۾ چٽي وٺندا. اهي هو جنهن سان به پرڻائي ڇڏن.
پر
داڪتر اهو ظلم آهي.
هِڪ
هٿ ۾ ٻه ٻه گدرا جهلڻ به ته ظلم آهي. بلڪ اڄ ڪلهه ته ڇوريون ٽي ٽي ، چار چار......
ڄڻ ڪرتب پيون ڪن.
مون
سمجهيو ڪونه داڪتر!
تون
سمجهي سڀ ويو آن، پّڪ پيو ڪرين. توسان سڄي رات فون تي ۽ نويد سان به، ڳولهيو متان
ٽيون به هجي.
محمد
سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو.
سنگ
چٽي ظلم آ داڪتر، ظلم
توهان
عرب به ته اسلام کان اڳ نياڻيون زنده دفن ڪندا هئا، ماٽيلي ماءُ سان شادي ڪندا
هئا، اگهاڙو ڪعبي جو طواف ڪندا هئا، ۽ جيڪا وڻي وڃي، اُت ڪعبي پاڪ ۾ شروع ٿي ويندا
هئا.
پر
داڪتر نويد جو پيءُ ته پڙهيل لکيل آهي، ڪورٽ ۾ ڊپٽي رجسٽرار آهي.
ظالم
هجڻ جو تعليم سان ڪهڙو تعلق! آمريڪا جو لٽريسي ريٽ سو فيسد آهي، توهان عربن جو ڇا
هشر ڪيو اٿائين. حوس انسان کي انڌو ڪري ڇڏيندي آهي محمد. نويد وارا به ته توهان
سان پنهجي لاش جو سودو ڪري ويا نه ! شگفته به نويد کي پاڳل ڪيو ۽ توکي به انگيج
رکيو ۽ تون........ تون ٻڌاءِ تنهجو مڳڻو وغيره ٿيل آهي يا نه؟ يا ڪا گرل فرينڊ!
اُت اڙدن ۾ محمد؟
اچانڪ
ڪنهن سوچ جي ڀنور مان ٻاهر نڪري وڏو ساه ڦوڪيندي چيائين....جي داڪتر منهنجو مڱڻو
ٿيل آهي.
ڏس
ته پوءِ هر هڪ ڪٿي نه ڪٿي کٽل آهي، ظلم ڪنهن سان به ناهي، هر هڪ پنهنجي اعمالن جو
حساب پيو ڏي. سمجهئي عرب سڳورا! جانچ ڪر
تو واري مڱيندي به متان ڪٿي ٺهڪيل نه هجي اُت اڙدن ۾، معاف ڪجانءِ يار،
ٿورو کّرو ۽ کُورو ڳالهائڻ جي پِٽّ اٿم، امان به جهليندي آهي، پر مون ۾ اهو جينٽڪ
ڊفيڪٽ آهي.
ٽّهّڪّ............
پوءِ محمد ٿورو وڌيڪ کُليو.
هڪ
ڏينهن داڪتر رات جو ٽين بجي شگفته مون کي فون ڪري چيو ته مون کي توکي ٽچ ڪرڻو آهي. چيو مانس ته مان ڪو نبي يا
وّلي ته ناهيان جو تو مين ڪا برڪت ٽرانسفر ٿئي.
نه
پر آءِ جسٽ وانٽ اّس ٽو ٽچ، هيٺ لهي اچ ٿرڊ فلور تي.
هون....
پوءِ!! همبستري ٿي!!!
نه
چميون
۽ وغيره وغيره؟
ها
بلڪل....... هڪ ڏينهن داڪتر، فون ڪري ٻڌايائين ته نويد جو رّويو ڏاڍو انسلٽنگ پيو
ٿيندو وڃي، گار گند ٿو ڪري، تنهن ڪري مان اهڙي ڪنهن ماڻهون ساڻ زندگي نه گذاري
سگهندس. شگفته عيد الفطر کان ٽي ڏينهن اڳ سکر هلي وئي، مون پنهجي موبائيل جي سِم 03331353420 شگفته
کي ڏني هئي ۽ هڪ سِم پاڻ وٽ هئي.
سو
تو چارسو ويهه پئي ڪئي شگفته سان ۽ شگفته وري نويد سان.
مان
نه سمجهيس داڪتر
چار
سو ويهه ، عام مهاورو آهي، اڙدو ۽ سنڌي ٻوليءَ جو، جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان ڪنهن به قسم
جو دوکو يا فراڊ ڪري، انڪري به ياد آيو، جو محظ هڪ عجيب اتفاق آهي عرب سڳورا ، تون
جيڪا سِم شگفته کي استعمال ڪرڻ لاءِ ڏني، تهنجو آخري ڊجٽ 420 آهي.
بٽ
بليوّ مي داڪتر آءِ واز ناٽ دوئنگ ايني چارسو ويهه وِٿ هر.
اڇا
سِم ڏيڻ کانپوءِ؟
شگفته
هڪ ڏينهن منهنجي هن کي ڏنل سِم تان نويد شيخ کي ايس ايم ايس ڪيو، هلو هائو آر يو.
منهنجي ٻي سِم تي مون ڏانهن هڪ ايس ايم ايس آيو، آءِ ايم فائن ٿينڪيو، هائو آر يو؟
اهو مون کي سمجهه نه آيو داڪتر.
تنهنجي
سِم جڏهن شگفته وٽ هئي، ڇا اها ساڳي هئي جنهن تي نويد توکي پهريون فون ڪيو هو؟
ييس
داڪتر
ته
پوءِ شگفته کي ڏنل تو واري ان سم تان شگفته نويد کي هلو هائو آر يو ، ٽيڪسٽ ڪيو
هوندو، هن جي تو تي ٿيل ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ، پوءِ واپسي ۾ نويد تنهنجو نمبر
سمجهندي توکي جواب ۾ آءِ ايم فائن ٿينڪ يو، ٽيڪسٽ ڪيو. ۽ توکان به حال پڇيو...
جيڪو توکي شگفته فارورڊ ڪيو.
يار
وري پوءِ توهان ٻئي نويد جو ري ايڪشن چيڪ ڪرڻ لاءِ، هن کي ٽيڪسٽ ڪري رهيا هئا. يا
وري شگفته تو واري سم تان وڌيڪ ٽيڪسٽ پڻ ڪيا هجن، ته جيئن هو بيزار ٿي شگفته مان
هٿ ڪڍي. يا جيڪڏهن تون ان سڄي راند جو حصو ناهين، ته پوءِ شگفته ، نويد مان جان
ڇڏائڻ لاءِ هڪ اهو طريقو استعمال ڪيو، يا وري هن ڪو نويد سان ڊرامو ڪيو، پنهنجو
نمبر بند رکي جنهن تان هو نويد سان ڳالهائيندي هئي، پوءِ اها تو واري ڏنل سم تان تون
سان چل ولايون جاري رکيون.... يا وري هن پنهنجي اصلي فون تان نويد سان ڳالهائڻ
جاري رکيو، ۽ توسان ٻي فون تان تو واري ڏنل سِم تان ۽ ايئن غلطي ۾ نويد کي ڪرڻ
وارو ميسج توڏانهن فارورڊ ٿي ويو، ٻه گدرا کائيندي ڪڏهن ذائقو مڪس ٿي ويندو آهي.
جي ايئن ناهي ته تون منهنجو اوپينين وٺڻ ڪارڻ پيو ڪرين.
مان
نه سمجهيس داڪتر
گهٻراءِ
نه، نويد مري ويو، سودو ٿي ويو، ڪيس وڌيڪ ڊريگهه نه ڪندو، ۽ نه ئي هي آمريڪا يا
يورپ آهي جو توهان جي ميسج هسٽري چيڪ ڪري، نويد جي خودڪشي جو اصل ڪارڻ معلوم ڪجي.
نه ئي وري تون ڪو القائده جو خاص ڪارڪن هجين جو فون هسٽري کي ڪنسيڊر ڪيو وڃي. جيڪو
مري ويو هتي ، وسري ويو. هت لاشن ۽ قبرن جا سودا ٿيندا آهن بابلا.
داڪتر
مون کي وري نويد شيخ فون ڪيو هو۽ هن ڀيري نرم لهجي ۾ پئي ڳالهايائين ۽ انگلش ۾.
ڇا
ٿي چيائين؟
چيائين
مون کي خبر آهي ته تون شگفته سان نه پيو ڳالهائين ڇو جو هوءَ اعتڪاف ۾ ويٺل آهي.
پر ڳالهه ٻڌ محمد، شگفته تنهنجي لائق ناهي. هن جي خاندان وارا ايڏا ڪي چڱا ماڻهون
ناهن.
”يعني گدڙ ڊاک نه چري آکي ٿُو کٽا“
ڇا
داڪتر؟
مهاورو
آهي
داڪتر
چيائين تون سٺو ڇوڪرو ٿو لڳين، مان شگفته سان همبستري ڪري چڪو آهيان، مان هن جي
جسم جي هر گهنج، هر تر، وار ورار مان واقف آهيان.هوءَ سٺي ڇوڪري ناهي محمد. هن جي
جاءِ بازارِ حسن ۾ آهي، تنهنجي گهر نه، تون سياڻو ٿي.
شگفته
عيدالفطر جي پنجين ڏينهن تي موٽي آئي هئي. مون ٿورو اڳيان هڪ فليٽ ڳولهي ورتو هو.
مان هونءَ هن جي فليٽ جي لڳو لڳ هيس. شگفته فليٽ نمبر 7 ۾ ۽ مان
فليٽ نمبر 8 ۾.
نويد
فليٽ تي مون سان صبح جو ٻه ڪلاڪ سٺي ڪچهري ڪري ويو ۽ وري پوءِ فون ڪري گارگند
ڪيائين. مون چيو مانس ته نويد تون ڪنهن مهل ڪيئين ته ڪنهن مهل ڪيئن، تنهنجو دماغي
توازن ٺيڪ ڪونهي، وڃي پنهنجو علاج ڪرائي، ويتر مڇرجي پيو ۽ فون بند ڪري ڇڏيائين.
ٻئي
ڏهاڙي سومر واري ڏينهن 27 آڪٽوبر تي
صبح...................
اڇا...
محمد مان هاڻ هلندس، ٽائيم اور ٿي ويو آهي، مون کي اڄ ٿورا ڪم به آهن، وري سڀاڻي
حوال ڪنداسين.
مان
ڪجه ڏينهن ۾ موڪل تي وڃڻو هوس شڪارپور...سو سوچيم ته هي يار مون کان پوءِ ۽ بنا
فون رابطي، وري پريشان ٿي ويندو.... سو مون ........ کي راضي ڪيو... ته جيترا
ڏينهن ڳوٺ وڃان، محمد کي موبائيل فون ڏيڻي آهي، انهن ئي ڏينهن مهنجي محمد کي ڏنل
ان سهولت تي جيل عملو پريشان هو، ڇاڪاڻ محمد مان هو ٺيڪ ٺاڪ مال ٿي ڪمائي سگهيا،
جيڪو منهنجي هن سان ويجهو ٿيڻ بعد ممڪن نه هو. ڪجهه ٻيو سمجهه ۾ ته نه آين، سو جيل
سپرينڊنٽ ڪو شيخ صاحب هو، نالو وسري ويو اٿم، رول پاس ڪيو ته ڊاڪٽر پڻ فون هاڻ
ماڙي تي جمع ڪن.
ٻئي
ڏينهن جيل ڊيوٽي تي پهچڻ بعد، مون اعتراض ڪندي فون پنهنجي اندر کڻي ويس.. يڪدم
محمد کي احوال ڪيو، ته پنهنجي پيءُ کي هڪ عدد فون جو بندوبست ڪرڻ جي هدايت ڪري،
مان ڳوٺ وڃڻ کان پهريان محمد کي فون هٿن ۾ ڏئي ٿي وڃڻ چاهيو. محمد ان وقت ئي پيءُ
کي ميسج ڪري سمجهايو، ۽ مهنجي نمبر تي باقي هدايت وٺڻ لاءِ ڊيوٽي بعد رابطو ڪرڻ
لاءِ چيو.
گهٻرائي
نه محمد سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
ييس
داڪتر انشاءَ الله
ٽهڪ
ڇو
داڪتر کلو پيا.
محمد مون اڪثر مسلمانن کي پنهنجي فائدي جي
انتظار وقت اهو لفظ انشاءَالله چوندي ٻڌو آ... يا وري جڏهن ڪنهن سا ڪو واعدو ڪن ته
پوءِ شڪ واري حالت ۾ چوندا انشاءَ الله... جڏهن به ڪو مسلمان انشاءَالله چوي پڪ
ڄاڻ ته نيت ۾ خلل اٿس. باَقي انشاءَ الله پنهنجي لغوي معنيٰ جي حيثيت يقينن جڏهن
الله جيئن چاحي ٿي پوندو، پر نيت اسان جي ۾ مڙئي کوٽ شرط اهو لفظ اسين استعمال
ڪندا آهيون. محمد مسڪرائيندي ڪالهوڪي اڌ ۾ رهيل احوال ٻڌائڻ لاءِ بيتاب هو.
داڪتر
ٻئي ڏينهن سومر واري ڏينهن 27 آڪٽوبر تي صبح جو مان
۽ روم ميٽ علي پنهنجي ٻي فليٽ ۾ اسپلٽ ايسي فٽ ڪري رهيا هئاسين ته نويد جو فون
آيو. آواز ڳرو هئس. مون کي هيٺ اچڻ تي اسرار پئي ڪيائين. مان انڪار ڪندو رهيس. وري
بار بار فون پئي ڪيائين. علي چيو محمد تون ڇڏ مان ٿو وڃي ملي وٺانس. تنهن تي مون
علي کي چيو ته پوءِ ٻئي گڏ ٿا هلون ڀلا. اسين جيئين هيٺ لهي آياسين ته نويد شيخ
ڪجهه فاصلي تي بيٺل هو ۽ ساڄو هٿ چيلهه پٺيان لڪايو بيٺو هو. منهنجي دل جو ڌڙڪو
تيز ٿيڻ لڳو، لمهي اندر اهو خوف کائڻ لڳو ته متان ڪو پستول لڪائي بيٺو هجي ۽ متان
اسان کي ماري وجهي، مون کي خوف پيرالائيز ڪرڻ لڳو، نڙي خشڪ ٿي ويئي، وات ڦاٽي ويم،
هٻڪندي پڇيم چئه نويد.
علي
به مون ڏانهن نهاري ساڳيي اندازي جو خوف اکين جي اشاري سمجهائڻ لڳو ته پڪ پٺيان
پستول اٿس. نويد اسان کي اشاري سان اڳتي اچڻ لاءِ چوندو رهيو ۽ اسين لنوائيندا
رهياسين، اسان کي پڪ ٿيڻ لڳي ته هي چريو ماريندو. اسان جو شڪ يقين ۾ تبديل ٿيو ۽
نويد هوريان پنهنجو ساڄو چيلهه پٺيان لڪايل هٿ امپورٽيڊ پسٽل سوڌو نروار ڪيو، ۽
اسان کي عزرائيل جا توڏا سنڌس پسٽل جي نري وچان چٽان پئي ڏسڻ ۾ آيا. يڪدم نويد
پسٽل پنهنجي ساڄي لوندڙي تي رکيو ۽ اهو چئي فائر ڪري ڇڏيو ته، ” ٽيڪ ڪيئر آف شگفته
پليز، ڊو ناٽ ايور هرٽ هر“
اسان
جا هوش اڏري ويا، جيئن ڪو ٽوٻو ڊگهي ٽٻي بعد پاڻي جي مٿاڇري تي ساه ڦوڪڻ لاءِ الر
ڪندو هجي، پر ساڳئي وقت ٻيو شاڪ اهو ته هي ڇا ٿي ويو، هي هن ڇا ڪري ڇڏيو.
ڇا
ٽائيم هوندو محمد! ۽ توسان علي کان علاوه ڪو ٻيو هو اُت؟
اٽڪل
ساڍا يارهن ٿيا هئا صبح جا، منهنجو نوڪر عطامحمد به هو.
ڪُل
شاهد گهڻا اٿئي ڪيس ۾ ته ِاها خد ڪشي آهي؟
داڪتر
ڇهه ڄڻا، ٽي پاڪستاني به آهن انهن ۾
هون...
اڇا
محمد
تنهنجي ڪيس ۾ جڏهن فارين منسٽري آف پاڪستان ۽ اڙدن پڻ رُڌل آهن ته پوءِ تون بند
وارڊ ڇو هئين؟ ۽ ان کان اڳ سينٽرل جيل تي توسان رويو ڪيئن هين.
سينٽرل
۾ داڪتر مان بي ڪلاس ۾ هئس. يو نو داڪتر شيخ عمر
شيخ
عمر؟
داڪتر
شيخ عمر يو نو، برٽش ريذيڊنٽ!
اڇا
اڇا، ها ها جنهن برطانوي صحافي ڊينيئل پرل کي ڪٺو هو.
جي
داڪتر اُهو.
ها
ڇا هي اُن کي؟
داڪتر
شيخ عمر به اُت سينٽرل جيل تي جهليل آهي. اُن سان گڏ اُت چار جوابدار ٻيا به ساڳي
ڪيس ۾ جهليل آهن.
ڪهڙا؟
فهد،
هاشم، عادل ۽ سلمان
اڇا
منهنجي
سلمان سان سٺي سنگت ٿي وئي هئي.
خيال
ڪر محمد، اڳم ئي تو عربي شيخ جو سنڌي شيخ سان الجهڻ توکي ذري گهٽ ڦاسي گهاٽ رسايو
آهي، ۽ وري تون.... توکي به لڳي ٿو نانگن جي ٻرڙن ۾ هٿ وجهڻ جو عشق آهي ڪو.
داڪتر،
شيخ عمر اُت سنٽرل جيل تي قيدين جو الاهي خيال ڪندو آهي. اڪثر جيل انتظاميا سان
پيو جهيڙا ڪندو آهي، قيدين جا پنهنجن پئسن سان زامن ڪرائندو آهي، نماز، قران جي
تلاوت پابندي سان ڪندو آهي. غريب قيدين جي مدد ڪندو آهي. گهڻن کي ته پئسا ورهائي
ڏيندو آهي. ڪنهن جو خوف نه اٿس. هڪ ڏينهن سلمان کيس مون مطعلق ٻڌايو، سو سلمان کي
چيائين ته محمد جي ساڻنس ملاقات جو بندوبست ڪيو وڃي.
هڪ
ڏينهن سوير صبح جو فجر جي نماز بعد، مون کي خاموشي سان هڪ جيل وارڊن جي مدد سان ۽
سلمان وٺي ويا شيخ عمر ڏانهن، داڪتر سنڌس چهري تي نور پي وسيو. مون سان ڪلاڪ کن
ڪچهري ۾ پنهنجو عاشق ڪري ڇڏيائين.
شڪر
ٿيو جو پو تون هت پڳين پُٽّ، ڪچو زهن آهي تنهنجو، جيترو وقت رهين ها اُت ، مون کي
لڳي ٿو ته پڪ تون به پوءِ القائده جو جهادي ٿي نڪرين ها.
داڪتر
شيخ عمر اُت تقريبن هر قيدي ۽ انتظاميا بابت وڏي ڄاڻ رکندڙ آهي. هڪ ڏينهن مون
ڏانهن اُت سلمان هٿ نياپو ڪيائين.
محمد
، شگفته ڪٿي آهي؟
داڪتر
اُها به اُت سينٽرل جيل تي جهليل آهي.
يعني
شيرين فرهاد هڪ هنڌ ئي واڙيل هئا!
داڪتر،
سلمان مون کي هڪڙي ڏينهن شيخ عمر ذريعي ٻڌايو ته محمد هوشياري ڪر مون کي ڊپٽي
سپرينڊنٽ جيل ، نعيم غوري ٻڌايو آهي ته منسٽر فار جيل، گل محمد جکراڻي فون ڪري چيو
ته توهان محمد کي ايڏيون سهولتون هت ڇا لاءِ ڏيو ويٺا آهيو. هو هڪ قاتل آهي ۽ اسان
جو ڌرتي ڄائو سنڌي ماريو اٿس، هن سان ڪا به رعايت ٿيڻ نه کپي، توهان وري ٺوڪي هن
کي ”بي ڪلاس“ ۾ رکيو آهي. سو چيائين ته تون پنهنجي پيءُ ڏي يا وڪيل ڏي ڪو اطلاع
ڪري ڇڏ. ٻئي ڏينهن مون کي نعيم غوري پنهنجي آفيس ۾ گهرايو ۽ ڪنهن معنيٰ خيز انداز
۾ مسڪرائيندي مهنجي ڪنڌ تي هٿ رکندي چيائين، محمد اسان توکي هاڻي اڃان سٺي جاءِ تي
موڪلي رهيا آهيون. مون کي ان جو اُهو انداز بلڪل نه وڻيو. پوءِ يڪدم مون کي هت
نارا جيل تي اُماڻي بند وارڊ ڪيو ويو. جنهن تي جج پڻ ان ڳالهه جو نوٽيس وٺندي
ايڪسلپلنشن ڪال ڪئي ته بغير ڪورٽ جي آرڊر هڪ جيل کان ٻئي جيل ڪيئن ڪنهن کي ايئن
منتقل ڪيو ويو. پوءِ هڪ ڏينهن بند وارڊ رهڻ بعد داڪتر توهان سان ملاقات ٿي، ۽
توهان جي وڏي مهرباني، مون کي توهان گهر وانگر رکيو آهي.
محمد
مان سڀاڻي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڳوٺ ويندس، مان هاڻ اٿان پيو، ڪرنل ڊواري صاحب کي ٽائيم
ڏنل آهي. سمجهايل آهي. توڏانهن ٻه ڪلو کن صوفن جي ٿيلي وچ رکيل هڪ موبائيل فون
پهچي ويندو. منهنجو ماڻهون کڻي ايندو اندر توڏانهن، پر خيال سان ، فون کي مس يوز
ناهي ڪرڻو، ڪنهن ٻئي قيدي کي ناهي ڏيڻو، مان به نه هوندس تنهنڪري لڪي هورڙيان
ڳالهئجان.
ٿينڪيو
داڪتر
محمد
مون کي ٿينڪ يو لفظ ناهي وڻندو... سو آئنده احتياط پليز
مسڪرائيندي
چيائين اوڪي برادر
مان
محمد سان موڪلائڻ بعد، نارا جيل ٻاهر سي اين جي پمپ تي پڄي محمد جي پيءُ ڪرنل ڊاوري
کي فون ڪيو. پنج کن منٽن ۾ ڊاوري صوفن واري ٿيلي کڻي پهتو. جنهن بعد مون
............... کي فون اندر پڄائڻ لاءِ هٿيڪو ڪري ڏنو.
ڳوٺ
اڃان رستي تي هئس ته محمد جو ميسج آيو، ”هيوّ سيف جرني داڪتر، آءِ مس يو“. مون کي
دلجاءِ ٿي ته محمد وٽ فون پهچي ويو. مون يقدم پنهنجي محسن کي مهرباني جو فون ڪيو،
چيائين نه ڊاڪٽر صاحب اسان کي توهان جي اکين کي ڏسڻو آهي، ياري ملهائبي. ٻڌايائين
ته محمد کي فون قيدي اقبال هٿيڪو ڏنو آهي. مون محمد کي اقبال جو خاص خيال رکڻ لاءِ
هدايت ڪئي، کيس سگريٽ خرچ وغيره لاءِ پڻ تاقيد ڪيو.
پوءِ
محمد مطعلق ٽيڪسٽ ميسج ذريعي معلومات ملندي رهي.
1.12.2008
مان
جيئن ڊيوٽي تي پهتس، ماڙيءَ تي معمول مطابق رجسٽر ۾ پنهجو نالو درج ڪري سائن ڪرڻ
بعد سلام ڪندي ساڄي پاسي جيلر فيروز جي ڪمري ۾ ٻه عرب ڇوڪرا ويٺل ڏٺا. مان يڪدم
پوئتي موٽيس، سپاهي رمضان چانڊيي کان پڇيم، ٻڌايائين ته محمد جي ملاقات آهي.
محمد
ڪٿي آهي؟
محمد، سر صاحب جي ڪمري ۾ ويٺو امتحان پيو ڏي
امتحان!!
جي سر
مان جيل سپرينڊنٽ جي ڪمري اندر گهڙي ويس، محمد سلام ڪيو
مان اُت ميڊم شگفته کي ڏسي حيران به ٿيس ۽ خوشي پڻ ٿي. ڊاڪٽر شگفته اسان کي 1986 _ 87 دوران فرسٽ پروفيشنل ۾ ايل ايم سي ۾ اينيٽمي جي
ڊمانسٽريٽر حيٽيت پڙهايوهو. ميڊم سان تقريبن ارڙهن سالن بعد ملاقات ٿي هئي. ٿورو
حوال ڏنو هيو مانس محمد مطعلق. ميڊم ٻڌايو ته کيس ڪافي معلومات اڳم ئي بريف ڪيل
آهي. چيائين پئي ته جيل سپريڊنٽ کيس ٻڌايو هو ته محمد ، ڊاڪٽر انعام سان الاهي
اٽيچ ٿي ويو آهي، سو چيو هيائينس ته ڊاڪٽر کي چئو ته سمجهائيس.
سو اُن انٽرٽيننگ امتحان دوران محمد کي ٺيڪ ٺاڪ ليڪچر
ميڊم شگفته به ڏنا، پر ميڊم شگفته جي لفظن جي پڙلاءُ ۾ گم سم محمد کي پنهنجي شگفته
جا پور ياد پيا هوندا.
ٿورڙو ڇرڪ ڀريو هئائين، جڏهن ميڊم کيس سمجهائيندي هدايت
ڪئي ته هتان جڏهن آزاد ٿي وڃين ته هن ڇوڪري سان ڪنهن به قسم جو ڪو ڪانٽيڪٽ نه
رکجان، محمد هن ڇوري توکي ڦاسايو آهي.
ميڊم کي مون امتحان ۾ محمد جي مدد ڪرڻ لاءِ پارت پئي
ڪئي.
ان شام ۽ ساري رات مهنجن ڪنن تي ان لفظن جا پڙلاءَ
ڇرڪائنيدا رهيا، مون کي ايل ايم سي ۾ دفن اُهي انيڪ رومانس پئي ياد آيا جن ۾ ڪنهن
به وات ڳاڙهي روميو کي جڏهن سنڌس جوليٽ مطعلق ڪنهن قريبي ساٿي يا دادلي دوست جڏهن
ساڳيا لفظ چيا هئا،” توکي هن ڇوري ڦاسايو آهي“.
ٻاهر نڪري محمد جي پيءُ ڪرنل ڊاوري سان رسمي گفتگو بعد
کيس هدايت ڪيم ته ڊپٽي جيل سپرينڊنٽ جو کيسو ٿورڙو گرم ڪري. ٻڌايائين پئي ته کيس
اٽلي جا چاڪليٽ ڏنا اٿائين. ٻڌايو مانس ته چاڪليٽ پاڻ وٺندو تون قائداعظم هلائي بابا،
اڃان محمد جي زمانت ۾ ٿورڙو وقت آهي.
پوءِ ٻئي ڏينهن ٻڌايائين ته کيس ڏه هزار کن قيدين جي
فلاه لاءِ ڏنا اٿئين.
عشق جي چماٽ جي دٻ شل ڪو جهلي، محمد شروع ۾ جيڪي احوال
ڪيا، جنهن مان لڳو ته شگفته ڏاڍي چالاڪي سان ڦاسايو ۽ نويد مان جان ڇڏائي، پر پوءِ
مون کي باه ٻنهن پاسن دکيل لڳي جڏهن محمد مون کان امتحان بعد اهو پڇيو ته داڪتر،”
ڇا اهو پاسيبل آهي ته منهنجو ڪو پيغام يا خط شگفته ڏانهن سينٽرل جيل پهچائي
سگهجي؟“
ڪو مسئلو ناهي، ٻڌايو مانس.
پڇائين پئي ته ڪيئن؟
مان سينٽرل جيل تي ڊاڪٽر امجد ڀٽو کي چوندس ته منهنجي
ملاقات ڪرائي شگفته سان، تون گھٻرائي نه.
پوءِ هڪ رات محمد پنا ويهي پئي ڀريا، ٻئي ڏينهن مون کي
ڏيندي چيائين داڪتر تون پاڻ ملاقات ڪري سگهين ته ڏجانس، ڪنهن ٻئي جي هٿان نه.
ٺيڪ آ، مان پاڻ ملاقات ڪري وٺندس، تنهنجي ته اسٽوري جو
پارٽ خبر پئجي ويو، ڏسندس ته هوءَ ڪهڙي مُرلي ٿي وڄائي.
محمد مون کي هڪ عدد بلينڪٽ پڻ ڏنو شگفته لاءِ ۽ اڍائي
هزار پاڪستاني روپيه ڏنا ۽ سامان جي لسٽ جيڪو شگفته لاءِ خريد ڪري وڃڻو هو. مون
لسٽ ۽ بلينڪٽ ورتو پر پئسن وٺڻ کان انڪار ڪيو. پر پوءِ محمد جي تمام گهڻي اسرار تي
مون کي وٺڻا پيا.
لسٽ ۾ چاڪليٽ(گليڪسي، سنڪرز، مارس وغيره)، چپس پرنگلزهڪ
دٻو، ليز چپس چيزي چيز واريون ٻه ٽي ٿيليون، بسڪٽ، سلائيس چيز، چيئنگ
گم(ايڪسٽرا)،ٽشو پيپرز، منرل واٽر جون بوتلون، جوس(نيسلي ريڊ گريپس)، ريڊ بُل جا
ٽن، ٽوٿ برش(اورا سافٽ)، ٽوٿ پيسٽ، ڍٻل روٽي، ٽافي،فروٽ، کيرڪانسٽريٽڊ هڪ ٽن. مون
لسٽ ، بلانڪٽ هٿيڪو ڪري محمد کان موڪلايو. محمد مون کي نارا جيل تان ڪنهن قيدي کان
ٺهرايل هڪ سڳي پڻ ڏني.
گهر اچي مون محمد جي لسٽ دراز ۾ رکي، خط جي لفافي ڏانهن
نهاريو، لکيل هو پليز ڊو ناٽ اوپن. مون ويهي سچيو اگر جي کوليان ٿو ته اها حرڪت
اخلاقيات جي دائري کان ٻاهر هوندي، جي ڏيان ٿو وڃي ته باقي سامان جو ته خير آهي،
پر جيڪر خط ڊپريسنگ آهي ۽ شگفته هن سڄي جنجال مان بيزار ٿيدي جي خد ڪشي ڪي ناڪام
ڪوشش به ڪئي ته ڳالهه منهنجي ڳيچيءَ ۾. سامان ڏيندو سانس، پر خط نه ٿو ڏيانس، نه
خط پڙهي ٿو وٺان جي ڪا اهڙي ڊپريسنگ ڳالهه
ناهي لکيل ته ڏئي وٺندو سانس. الله سائين ان چوري ته معاف ڪندو.
پر مان ايئن نه ڪيو، مون خط پڙهيو، خط ۾ ڪا اهڙي ڊپريسنگ
ڳالهه لکيل نه هئي، پر مون خط شگفته تائين نه پهچايو ۽ نه هي ساڻنس ملاقات ڪئي. نه
ئي مون سامان ورتو، مون اُهي پئسا، محمد جي پيءُ ڊاوري کي ڏيئي ڇڏيا ۽ سڄو حوال پڻ
ڪيو، پر سڳي ۽ خط متعلق ڪجه نه چيو، مان هڪ پيءُ کي وڌيڪ پرِيشان ڪرڻ نه ٿي چاهيو.
ڪجه ڏينهن بعد محمد جي زمانت ٿي......... مون کان اهو
موبائيل فون وڃائجي ويو جنهن ۾ محمد جو ڪانٽيڪٽ هو.
Comments
Post a Comment