Posts

Showing posts from October, 2014

ڌڪ ڪڍي ويو جت، گو زرداري گو، نو جلسه نو

Image
ڌڪ ڪڍي ويو جت،  گو زرداري گو، نو جلسه نو ڊاڪٽر آغا انعام الله 3 آڪٽوبر 2014  پيپزپارٽي جي موجوده قيادت زرداري ليگ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ وقت ان وقت جي حڪومت ۽ ڀٽا مخالف لشڪر ساڻ ڪلهو ڪانڌي هئي. منظور وٽو ۽ نثار کوڙو اصغر خان جي جلسن ۾ ڀٽي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا. ذوالفقار مرزا جي جوه جنهن جي مڙس جي يار زرداري ۽ سنڌن ناتن بابت ڪاليج ڏينهن ۾ گهڻو ڪجه ٻڌاندا هئا سين، محترم فهميده مرزا صاحبه جو والد ضياءُ الحق جي ڪابينا ۾ وزير اطلات هو. بابر اعواڻ ۽ اڳوڻو نامزد وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پڻ مخالف لشڪر جو حصو هئا. نثار کوهڙي ۽ اياز سومري لاءِ ته مشهور آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽي جي ڦاسي واري ڏينهن مٺايون ورهايون هيون. موجوده زرداري ليگ ۾ پيپزپارٽي  ذوالفقار علي ڀٽي جي دور وارن رهنمائن مان موجود رڳو مخدوم امين فهيم هي آهي، جنهن جي به پارٽي ۾ ڪهڙي پوزيشن آهي، اسين سڀ ڄاڻون ٿا، تنهن کان علاوه پيپلزپارٽي سان 70 واري ڏهاڪي کان وابسطا سلطان ڪوٽ جي پٺاڻ آغا غلام نبي جي خاندان پيپلز پارٽي کي اڃان ناهي ڇڏيو، باقي جيڪو موجوده پي پي پي سنڌن هشر ڪيو آهي، ڪنهن کان ڳجهو آهي. محترمه شهيد ج