ڌڪ ڪڍي ويو جت، گو زرداري گو، نو جلسه نو

ڌڪ ڪڍي ويو جت،  گو زرداري گو، نو جلسه نو
ڊاڪٽر آغا انعام الله
3 آڪٽوبر 2014
 پيپزپارٽي جي موجوده قيادت زرداري ليگ ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ وقت ان وقت جي حڪومت ۽ ڀٽا مخالف لشڪر ساڻ ڪلهو ڪانڌي هئي. منظور وٽو ۽ نثار کوڙو اصغر خان جي جلسن ۾ ڀٽي کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئا. ذوالفقار مرزا جي جوه جنهن جي مڙس جي يار زرداري ۽ سنڌن ناتن بابت ڪاليج ڏينهن ۾ گهڻو ڪجه ٻڌاندا هئا سين، محترم فهميده مرزا صاحبه جو والد ضياءُ الحق جي ڪابينا ۾ وزير اطلات هو. بابر اعواڻ ۽ اڳوڻو نامزد وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پڻ مخالف لشڪر جو حصو هئا. نثار کوهڙي ۽ اياز سومري لاءِ ته مشهور آهي ته شهيد ذوالفقار ڀٽي جي ڦاسي واري ڏينهن مٺايون ورهايون هيون. موجوده زرداري ليگ ۾ پيپزپارٽي  ذوالفقار علي ڀٽي جي دور وارن رهنمائن مان موجود رڳو مخدوم امين فهيم هي آهي، جنهن جي به پارٽي ۾ ڪهڙي پوزيشن آهي، اسين سڀ ڄاڻون ٿا، تنهن کان علاوه پيپلزپارٽي سان 70 واري ڏهاڪي کان وابسطا سلطان ڪوٽ جي پٺاڻ آغا غلام نبي جي خاندان پيپلز پارٽي کي اڃان ناهي ڇڏيو، باقي جيڪو موجوده پي پي پي سنڌن هشر ڪيو آهي، ڪنهن کان ڳجهو آهي.
محترمه شهيد جي ذرداري سان مڱڻي بعد هڪ ڏينهن اچانڪ محترم شهيد ڪنهن احم موضوع تي صلاح ڪرڻ مرحوم آغا غلام نبي پٺاڻ جي لطيف آباد نمبر 3 حيدرآباد واري جاءِ تي پهتي هئي. ڪچهري دوران مون کي ياد آهي ته محترمه آغا کان پڇيو، بابا ڪيا آپ ڀي ميري رشتي سي ناخوش هين!! پارٽي جي سينيئر اڳوڻ ۽ ذوالفقار جي پراڻي رفيق هئڻ ناتي کيس بابا سڏيندي هئي. آغا پنهنجي مخصوص پرسڪون انداز ۾ چپن تي هلڪي مرڪ سجائيندي سگار کي ڊگهو ڪش هڻندي چيو، سنڌ ۾ ڪوئي اور تهمهن نهين ملا سنڌي نوجوان، چلو اب ڪيا هي تو نڀائو.
ڪجه وقت سندن شادي بعد، منهنجي ڀاءُ جي سهري ڪوئٽه شهر جي ضياءُ جي دور ۾ ميئر آغا ايوب جان وردڪ جي جاءِ تي ڪوئٽه ۾ هڪ اسلام آبادي انفارميشن سيڪيٽري اقبال صاحب سان سياسي ڪچهري دوران مون کي ياد آهي ته  اقبال صاحب محترمه جي شادي متعلق ٻڌايو هو، سائين يه شادي ضياءُ صاحب ني ڪرائي هي، آگي آگي ديکيئي هوتا هي ڪيا!! تن ڏينهن، پيپلزپارٽي جو هينئر اهم اڳواڻ ۽ آصف ذرداري جو بييڊروم فرينڊ نالي مشهور آغا سراج دراني آمريڪا ۾ ميڪڊنالڊ جي آئوٽ ليٽ تي برگر وڪڻندو هو. ڪجه وقت پي ٽي وي تي ماڊلنگ پڻ ڪيائين. 88ع واري اليڪشن ڪيمپين دوران مون کي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ هڪ ڀڳل 86 ماڊل نيري رنگ واري سوزوڪي ايف ايڪس ۾ آيو هو. صاحب کي پنهنجي حلقي جي پوري ڄاڻ ڪونه هئي، ماما حڪم ڪيو تون سراج خان کي سيلرن واري ڳوٺ ورڪ تي وٺي وڃ. اڄ ڀٽن جي شهادت جي توسط عرب پتي آهي.
ذوالفقار جي ڦاهي بعد پيپلزپارٽي جو زرداري سان سنڀند ۾ ٻڌجڻ بعد جيڪو ايجنسن هشر ڪيو آهي، ڪنهن کان ڳجهو آهي!
تن ڏينهن ايم آرڊي واري جنوني جدوجهد ۾ جيترو سنڌين پاڻ ملهايو انهن قربانين کي ڪير وسارييندو تنهن کان اڳ ذوالفقار جي پلاند سان ٽهڪندڙ رت هو سنڌس وڏي پٽ شهيد مير مرتضيٰ جو جنهن مّذاهمتي تحريڪ الذوالفقار جي بنياد وڌي جنهن جي مالي ۽ عسڪري مدد لبيا ۽ روس واري ڪي جي بي پئي ڪئي. تن ڏينهن پاڪستاني جهاز جي اغوا جو جيڪو واقعو ٿيو، جيڪا دنيا جي تاريخ جي ڪامياب ترين هاءِ جيڪنگ ليکي ويندي آهي. حبيب پبلڪ اسڪول ڪراچي جي شاگرد سلام الله ٽيپو جهاز جي دري مان هڪ لاش هيٺ ڦٽي ڪندي چيو بتادو دنيا والون ڪو هم ني طارق رحيم ڪو مارڊالا، وي آر فائيٽنگ فار ڀٽوازم. پوءِ دنيا، ٽي وي تي ڏٺو ته مرتضيٰ ۽ شهانواز سندن جهاز ۾ ملڻ ويا پر سنڌن هاءِ جيڪنگ ۾ ڪو عمل دخل نه هو. طارق رحيم شهيد مرتضيٰ جي شهادت واري هنڌ جي حدن ۾ مامور ڊي آٰءِ جي شعيب سڊل جو مامو هو. شعيب سڊل سان منهنجي ملاقات لاڙڪاڻي ۾ رکيل لا اينڊ آرڊر تي عام ڪچهري ۾ ٿي هئي. اسان جي اّخر ۾ ساڻنس شڪارپور ۾ وڌندڙ تخريبڪاري متعلق نويڪلي ملاقات رکيل هئي .مان خاص ان قاتل جي اکين ۾ نهارڻ ويو هئس. ان واقعي بعد مرتضيٰ جو پاڪستان اچڻ موت جي کوه ۾ ٽپو ڏيڻ مترادف هو، شايد هن جو هڪ ئي مقصد هو، پلاند، يا شايد پاڪستان ورڻ جي حب ، يا والد جي مرقد کي ڀاڪر پائي ريهٽنن واري آس يا وري پوءِ پارٽي ۽ ڀيڻ جي زردارين جي چنبي مان آزادي، يا اهي سڀ وجوحات . خبر ناهي مرتضيٰ اهو ڇو نه سمجهي سگهيو ته پاڪستاني سياست ۾ ڪردار صرف لنڊن واري الطاف حسين جي طرز اُت ٻاهر لبيا ۾ ويهي سياست ڪرڻ هي ممڪن هو ۽ نه ڪي پاڪستان اچي، خبر ناهي ڪنهن جي صلاح تي وريو هو.
مرتضٰي کي قائد عوام ذوالفقار جي ڦاهي کان وڌيڪ ڪاوڙ سنڌس ڀيڻ بينظير جي ذرداري سان شادي تي هئي. پيءُ جو وارث پاڪستاني مورسي سياست ۾ يقينن پيءُ جو واث هو. شاهنواز کي اڳم ئي فرانس ۾ سنڌس فليٽ تي ماني ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو هو.
مرتضيٰ جي پاڪستان ورڻ بعد پي پي تير وارا پي پي تلوار وارن کان لهرائندا هئا. مرتضٰي کي اهو چئي گهرايو ويو ته پي پي جي اصل قيادت زرداري واري زور سان قابض نّظرين کان بيزار آهي ۽ ڀٽي جي اصل جانشين جي انتظار ۾ آهي ته جيئن نئين سر پارٽي کي سنڌس جي اڳواڻي ۾ آرگنائيز ڪيو وڃي. ڪجه رهنمائن جو خيال هو ته مرتضيٰ ۽ بينظيرجي پاڻ ۾ ڪهڙي ورهائي هئي، چپ ڪلش رڳو مڪر هو، اصل مقصد هو ته اڳتي هلي محترمه پاڻ پڙدي جي پٺيان هلي ويندي ۽ محض هڪ نظرياتي رهنما طور ڪم ڪندي جڏهن ته مرتضيٰ جي عسڪري طاقت الذولفقار ۽ سياسي ونگ گڏجي هڪ مضبوط پيپلزپارٽي جي شڪل ۾ اڳتي وڌنڌي مرتضيٰ کي وزير اعّظم واري سيٽ تي ويهاريو ويندو. پوءِ ڊرامي جي قسطن جي ابتدا ٿي، جنهن جو انت سنڌس شهادت تي ٿيو ۽ تنهن بعد محترم پڻ وچ روڊ شهيد ڪئي وئي ۽ جي ڪجه نه ٿيو ته زرداري کي. ايجنسين جي سڀن مُهرن، ڀٽن جي رت جي پياسن ، پيرن ۽ پڳارن، هندستاني مهاجرن، ليگين، جرنيلن، سڀنن جّتّ جي شان ۾ قصيده پڙهيا. ڇو نه پڙهن!! هاڻ ته چيو ٿو وڃين ته پاڪستان کي اهڙو سياسي ڏاهو ڪڏهن ڪونه مليو هو، کيس سمجهڻ لاءِ پي ايچ ڊي کپي.




محترمه جي شهادت بعد جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو فائدو پهتو آهي ته اهو زرداري هي آهي ۽ سنڌس چمچا. ڀٽي جي اصل وارث فاطمه آهي، جن جي هڪ ويجهي مائٽ مون کي ٻڌايو، ته ادا مار پوي فريال کي اسان جو لاڙڪاڻي مان سڀ ڪجه اگهي کائي وئي، ويندي ڪٽلري تائين چورائي وئي، ذوالفقار ڀٽي کي جيڪي ايران جي بادشاه غاليچا موڪليا سي به ، ڀٽي صاحب جي وفات بعد ڪو وقت سنڌسن گهر جي هڪ هڪ شي کي ماڻهون پيار ۽ عقيدت خاطر ڏسڻ ايندا هئا، ۽ اهو پروگرام هو ته سنڌس لاڙڪاڻي واري گهر کي ميوزيم ۾ تبديل ڪيو وڃين پر جتن ڪجه ڪونه ڇڏيو.
ڪجهه ٻين ويجهن دوستن کان خبر پئي ته زرداري جي ٻارڙن کي خبر آهي ته سندن ماءُ بينظير جو قاتل ڪير آهي، بختاور ته ان صدمي ۾ ته سندن هي پيءُ زرداري سنڌن جي ماءُ جو قاتل آهي، برطانيه جي هڪ مينٽل هاسپيٽل داخل ٿي هئي جت ڳچ وقت سنڌس علاج هليو، زرداري کي ايجنسن چيو ته ملڪ خطري ۾ آهي، تون معاملي کي ٿڌو ڪر ته توکي پريزيڊنٽ ٿا ڪرايون. ۽ پوءِ نعرو لڳو پاڪستان کپي ، مال کپي.
ڪجه پراڻن سينيئر سنڌي اخبارنويسن ٻڌايو ته محترمه پڻ زراداري مان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪري چڪي هئي ۽ طلاق وٺڻ لاءِ سيريسلي سوچي رهي هئي پر پوءِ ڪجه سينئير پارٽي اگواڻن جي مشوري تي خاموش رهي، ڇاڪاڻ جو زرداري جي ڪرپشن ڪارڻ سنڌس پارٽي کي وڏو نقصان رسيو هو. شايد پوءِ زرداري سمجهي ويو هو ته ٻيو طريقو سنڌس مان جان ڇڏرائڻ وارو سنڌس جي موت هي هو. ڌڪ ڪڍي ويو جت.

Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI