Posts

Showing posts from March, 2015

نثارکوکر ڇا تو واري سنڌ ۾ اسين سنڌي ناهيون!

Image
ڊاڪٽر آغاانعام الله چوندا آهن ته موسيقي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، ساڳي ريت منهنجي نّظر ٻولي جو به ڪو مذهب يا ذات پات ناهي هوندي، اها ان قوم جي فقط شناخت هوندي آهي، ان قوم جي احساسن جي ترجماني. شاه عبدالطيف ڀٽائي کانسواءِ سنڌ اڻپوري آهي، جي ڀٽائي کي سنڌ کان ڌار ڪيون ته سنڌ وٽ باقي بچي ڇا ٿو! ڀٽائي تاڃي پيٽي سنڌي نه هو، سنڌس وڏڙا جن ڏينهن مغلن افغانستان کي پنهنجي تابع ڪيو پنهنجو ديس افغانستان جو صوبو حرات ڇڏي سنڌ ۾ پراڻن هالن ۾ سڪونت اختيار ڪيائون.  مٽياري ۾ شروع کان سڀ کان وڏي درگاه قطب ارشاد حضرت سخي پير رڪن الدين رحه جي مزار مبارڪ آهي. پاڻ مخدوم ساهڙ لنجار رحه جومريد ۽ خاص خليفوهو. جڏهن سنڌ جي ملن مخدوم بلاول رحه کي گهاڻي ۾ پينهي شهيد ڪيو، ته سائين جن جو پيٺل جسم مبارڪ دکي ۾ رکي مخدوم ساهڙ لنجار مدفن ڪيوهو. سخي پير رڪن الدين رحه کي ٻه فرزند سيد محمد حافظ ۽ سيد ابوبڪرنالي سان هئا. جن جي اولاد کي پيرزاده سڏجي ٿو. حضرت هاشم شاه رحه مٽياريءَ ۾ پنهنجي وقت جو وڏو قلندر ٿي گذريو آهي. مشهور آهي ته لطيف سائينءَ جو والد شاه حبيب سندن مريد هو. جنهن کي اولاد نه ٿيندو هو، پوءِ سخي هاشم