نثارکوکر ڇا تو واري سنڌ ۾ اسين سنڌي ناهيون!

ڊاڪٽر آغاانعام الله

چوندا آهن ته موسيقي جو ڪو مذهب ناهي هوندو، ساڳي ريت منهنجي نّظر ٻولي جو به ڪو مذهب يا ذات پات ناهي هوندي، اها ان قوم جي فقط شناخت هوندي آهي، ان قوم جي احساسن جي ترجماني.
شاه عبدالطيف ڀٽائي کانسواءِ سنڌ اڻپوري آهي، جي ڀٽائي کي سنڌ کان ڌار ڪيون ته سنڌ وٽ باقي بچي ڇا ٿو! ڀٽائي تاڃي پيٽي سنڌي نه هو، سنڌس وڏڙا جن ڏينهن مغلن افغانستان کي پنهنجي تابع ڪيو پنهنجو ديس افغانستان جو صوبو حرات ڇڏي سنڌ ۾ پراڻن هالن ۾ سڪونت اختيار ڪيائون.
 مٽياري ۾ شروع کان سڀ کان وڏي درگاه قطب ارشاد حضرت سخي پير رڪن الدين رحه جي مزار مبارڪ آهي. پاڻ مخدوم ساهڙ لنجار رحه جومريد ۽ خاص خليفوهو. جڏهن سنڌ جي ملن مخدوم بلاول رحه کي گهاڻي ۾ پينهي شهيد ڪيو، ته سائين جن جو پيٺل جسم مبارڪ دکي ۾ رکي مخدوم ساهڙ لنجار مدفن ڪيوهو.
سخي پير رڪن الدين رحه کي ٻه فرزند سيد محمد حافظ ۽ سيد ابوبڪرنالي سان هئا. جن جي اولاد کي پيرزاده سڏجي ٿو.
حضرت هاشم شاه رحه مٽياريءَ ۾ پنهنجي وقت جو وڏو قلندر ٿي گذريو آهي. مشهور آهي ته لطيف سائينءَ جو والد شاه حبيب سندن مريد هو. جنهن کي اولاد نه ٿيندو هو، پوءِ سخي هاشم رحه جي دعا سان کين شاه عبدالطيف ڀٽائي رحه جهڙو عالمي سطح تي مشهور معروف شاعر۽ ولي فرزند طور عطا ٿيو، جنهن جي تربيت ۾ پڻ حِضرت سخي هاشم رحه جو حصو رهيو.(سنڌڙي جڏهن تڏهن توکي قنڌارون جوکو)
سنڌ قلندري موج بنا پڻ سرد رِڻ هجي ها، هر سال سنڌس سيوڻ ۾ مرقد تي عرس جي ڏهاڙن پندرهن لک کان وڌيڪ عقيدت مند حاضري ڀرين ٿا. قلندر پڻ افغانستان جي علائقي مروند ۾ ڄائو ۽ مروند کان سنڌ آيو. هي باڪمال صوفي بزرگ فارسي، ترڪي، سنسڪرت، عربي ۽ بعد ۾ سنڌي رواني سان ڳالهائيندا هئا. (وري چئو ادا سنڌڙي جڏهن تڏهن تو کي قنڌارون جوکو)
”جو کيڙي سو کائي “ جو انقلابي نعرو هڻندڙ سنڌ جو پهريون رفارمر جهوڪ شريف وارا صوفي شاه عنايت شهيد جا وڏڙا عراق جي شهر بغڊاد کان اچي ملتان ويجهو اُچ شريف ۾ ويٺا ۽ تنهن بعد ميرپور ڀٽورو لڳ جهوڪ شريف ۾ سڪونت اختيارڪيائون. . سنڌس ٺٽي سرڪار مان اسرندڙ جڳ مشهور مذاهمتي تحريڪ، اتر سنڌ ۾ بکر سرڪار ۽ وچ سنڌ ۾ سيوڻ سرڪار جا مزا ماڻيندڙ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي سياسي اثررسوخ جا ترا ڪڍي ڇڏيا هئا. ٺٽو سرڪار اڃان مغل شهنشاه جي زير اثر هئي. صوفي شاه عنايت ، يار محمد ڪلهوڙي جي سڄي سنڌ تي حڪمراني واري ناپاڪ عزائم ۾ رڪاوٽ هئا، تنهنڪري يارمحمد علاقائي درگاهي پيرن، مُلن ۽ وڏيرن جي ملي ڀڳت سان، مغل سرڪار کي صوفي عنايت ۽ سنڌس مسڪين هزارين جي تعداد ۾ هاري پوئلڳن خلاف ڀڙڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. اهڙي ريت يارمحمد ٺٽي جي مغل شهنشاه فرخسيارکان صوفي شاه عنايت خلاف عسڪري طاقت جي استعمال جو فرمان جاري ڪرايو. ٺٽي جي گورنر جي مغلائي فوج ۽ ڪلهوڙن گڏجي جهوڪ تي ڪاهي ڏنو، جنهن ۾ صوفي شاه عنايت جي هاري تنظيم پاران سخت مذاحمت کي منهن ڏيندي کين پنهجي شڪست جو جڏهن يقين ٿي ويو ۽ جڏهن آخري معرقي جي تياري لاءِ پهرين جنوري سن 1718ع تي صوفي شهيد جي لشڪر سندرو ٻڌو ته ڪلهوڙي يارمحمد هڪ ڀيرو وري چالبازي ڪندي، شهداد خان ٽالپرکي صوفي شهيد ڏانهن قرآن ميڙ ڪري موڪليو ته جيئين کيس ڳالهين لاءِ عاماده ڪري. پوءِ سنڌس دوکو ڪري گرفتار ڪري شاهي فرمان ذريعي 7 جنوري 1718ع تي سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪري شهيد ڪيو ويو. ان معرقي ۾  سنڌس 24000 پوئلڳ شهيد ٿيا.علاقائي ملان، درگاهي پير، وڏيرا، ٽالپر ۽ ڪلهوڙا ڪي قنڌاري ، هنندستاني، يا ايراني نه هئا ، اسان جا ئي پنهنجا سنڌي هئا. (هڪ ڀيرو وري چئو ادا سنڌڙي توکي جڏهن تڏهن قنڌارون جوکو)

درازن جي سرمست سچل سائين جو شجرو نصب ٻئي اسلامي خليفي حضرت عمر رضه سان منسوب آهي، ۽ تاريخ مطابق سنڌس وڏڙا، محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاه ڪرڻ دوران محمد بن قاسم ساڻ گڏ آيا. سنڌس وڏڙن ۾ شيخ شهاب الدين فاروقي، محمد بن قاسم جي سنڌ تي ڪاه ڪرڻ وقت نه صرف گڏ هو بلڪ مشيرِ خاص هو. سنڌ تي ڪيل ڪوس بعد محمد بن قاسم کيس سنڌ جي ڪنهن مخصوص علائقي جو حاڪم پڻ بڻايو. (وري چوان ڇا! سنڌڙي جڏهن  تڏهن توکي قنڌارون جوکو)
سنڌ جو ناميورو اسڪالر 360 ڪتابن جو راقم ، ٽنڊي ٺوڙي ڄائو شمس العلما مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا سنڌي نه هئا بلڪ روس جي اڳوڻي رياست جارجيا جي علائقي ڪاخيٽي کان سنڌ آيا. سنڌس تصنيفون سنڌي لٽريچر جو قيمتي خزانو آهي.
سنڌ ۾ صدين کان آباد سادات ، عباسي خليفن جي ظلم بربريت کان ڀڄي عربستان، عراق، ايران ڇڏي افعانستان رستي سنڌ پهتا ته ڪي پو افغانستان ۾ رهندڙسنڌ آيا. سيد سڳورا عرصي دراز کان سنڌ جي سياسي ڌارا ۾ شامل رهيا آهن، سنڌ کي ان سان ڪيترو فائدو يا نقصان پهتو، اهو الڳ سوال آهي، پر اسان کي اهو ئي رٽايو ويو آهي ته سنڌڙي توکي جڏهن تڏهن قنڌارون جوکو.
حيدرآباد کان هالا طرف ويندي حيدرآباد کان چويهه ڪلوميٽر پري ماضيءَ جو علمي ۽ ادبي شهر مٽياري موجود آهي. مٽياري کان پهرين هن شهر جو نالو متعلوي مشهور هو. A.W.Hughes Gazeteer of Province of Sindh ۾ صفحي نمبر 506 ۽ 507 تي هڪ روايت ڏني آهي ته هي شهر1322ع ۾ هڪ صاحب سمي ٻڌايو هو. دراصل مٽياري ويجهو ڳوٺ صاحب سمه موجود آهي، جيڪو مٽياري کان هڪ سئو سال اڳ جڙيل چيو وڃي ٿو. اهو ڳوٺ دراصل ۾ مرزا باقي خان ترخان جي دور ۾ صاحب سمه نالي جاڙيجي قبيلي جو ٻڌل آهي. جنهن کي مرزا باقي ترخان ڪڇ مان گهرائي سنڌ ۾ آباد ڪيو هو. متعلوي ساداتن جو وڏو ڏاڏو سيد حيدر، جيڪو 801 هجري ۾ سنڌ گهمڻ آيو هو، تنهن هالا قوم جي سردار جي نياڻيءَ سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کيس هڪ پٽ سيد ميرعلي ڄائو. سيد حيدرته واپس هندستان هليو ويو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو باقي سنڌس پٽ مير علي هتي ئي رهيو. اهو پنهجي اولاد سان هالا ويجهو ڳوٺ متعالا ۾ وڃي رهيو. ان جو اولاد ڪجه عرصي بعد اچي مٽياريءَ جي موجود ماڳ تي رهيو. هتي ان وقت چانگ قبيلي جا ننڍا وڏا ڳوٺ آباد هئا. چانگ محمد بن قاسم جي لشڪر ۾ شامل ٿي موجوده سنڌ جي حدن ۾ آيا هئا ۽ مختلف هندن تي رهي پيا هئا. انهن چانگن، سادتن کي هتي رهايو ۽ متعالا مان هتي اچڻ ڪري انهن کي متعلوي سادات سڏيو ويو. انهن ساداتن جي هتي اچڻ کان اڳ پڻ هتي سيدن جي اچڻ جا ثبوت ملن ٿا. چانگ جنگجو هئا ۽ سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ آباد هئا. حڪمران کانئن تنگ هئا، سندن سرڪشي جڏهن ڄام نظام جي دور ۾ برقرار رهي ته هن مٽياري جي سيدن کان ان سلسلي مدد ورتي. سيدن مان ڪافي فردن سنس مدد ڪئي. جنهن کانپوءِ انتقامي ڪاروائي ڪندي چانگن سيد ابراهيم کي شهيد ڪري ڇڏيو. ان ويڙه ۾ ڄام نظام سوڀارو ٿيو ته هن ساداتن جي خدمتن کي نظر ۾ رکندي سيد ابراهيم جي پٽ سيد بدرالدين کي سن شهر جي جاگير عطا ڪئي. ان سيد بدرالدين جو پوٽو سيد حيدر سنائي، مخدوم بلاول باغبانيءَ جو خاص خليفو ۽ اهل الله ٿي گذريو آهي. جنهن جي اولاد مان ويجهي تاريخ ۾ جيئي سنڌ تنظيم  جو باني ۽ رهبرسائين جي ايم سيد مشهور و معروف ٿيو. (سنڌڙي جڏهن تڏهن توکي قنڌارون جوکو)
حضرت شيخ احمد مجدد الف ثاني رحه جي اولاد مان مٽياري ۾ رهندڙ سرهندي خاندان جا بزرگ تاريخ ۾ ڪنهن به تعارف جا محتاج نه رهيا آهن. هي بزرگ اصل قنڌار جا رهواسي هئا. حضرت آغا عبدالرحيم رحه، حضرت ضياءُالحق شهيد جو فرزند هو. جنهن جو نسبي سلسلو حضرت الف ثانيءَ کان ٿيندو حضرت عمر الفاروق رضه سان ملي ٿو. سندن والد سندن نالو عبدالرحيم ۽ لقب شهاب الدين رکيو. جڏهن ته پيارمان کين”آغا صاحب“ جي نالي سان سڏيو ويو. آغا صاحب رحه خلافت جو خرقوته پنهنجي والد جي اجازت سان اڳيئي ڍڪي ورتو هو پر پنهنجي خوبين کي ڪمال جي سطح تي آڻڻ لاءِ بلخ جوسفر اختيار ڪيائين. اتي سيدنا علي مرتضيٰ رضه جي روضي مبارڪ ۾ فجر کان ظهر تائين مراقبي ۾ رهي فيض حاصل ڪرڻ بعد سرهند شريف ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. حضرت آغا صاحب رحه افغانستان ۾ شورش ٿيڻ ۽ حڪومت ۾ تبديلي اچڻ ڪري اتي جي حالتن کان دل برداشته ٿي قنڌار کي هميشه لاءِ ڇڏڻ جوفيصلو ڪيو ۽ نئين وطن طور پاڻ مٽياريءَ کي چونڊيو. سندن مٽياري آمد بعد شهر جي رونق ئي ٻي ٿي وئي. عوام ۽ خواص جيڪي سندن شخصيت کان اڳيئي واقف هئا، تن سندن در تي ملاقات لاءِ قطارون ٻڌي ڇڏيون. ڇا امير، ڇا غريب، هرڪو کانئن فيض وٺڻ لاءِ بيتاب هو۽ مختلف ذاتين جا مشاهير سندن هٿ تي بعيت ڪرڻ لاءِ پڄي ويا. شهر ته شهر پر سڄي سنڌ اٿلي پئي. (سنڌڙي جڏهن تڏهن توکي قنڌارون جوکو).
ٽلٽي واري جنگ بعد ، مُلن جي ڪوڙي فتوا تي ڄام نطام جي ڀائٽي حضرت مخدوم بلاول کي 1451ع سن 929 هجري ڌاري گهاڻي ۾ پيٺو ويو. مخدوم بلاول شاه بيگ ارغون جي حڪمراني کي ٺڪرائيندي سنڌس خلاف تحريڪ پڻ هلائي. مّخدوم بلاول زات جو سمو هو.
 سنڌ جا اصلوڪي ڌڻي سما يا سماٽ هي تصور ڪيا وڃن ٿا. پر مونکي ڪو اهو سمجهائي ته ڪنهن به قوم جي تهذيبي ارتقا ۾ سنڌن ٻولي احم آهي يا سنڌس تخم يا ٻئي. هجي ته ايئن ٿو ته ڪنهن علائقي جي ڪا مخصوص ٻولي سنڌس پهچان هجي ٿي جنهن ۾ پڻ وقت گذرڻ سان لفظن ۽ انهن جي اچار ۾ تبديلي  هڪ فطري عمل آهي پر جيسين ڪا تهذيب ڪنهن ٻي تهذيب سان ٽڪراءُ ۾ نه ٿي اچي تنهن ۾ وقت گذرڻ سان تبديلي ناگزير آهي. جيئين اسان موهن جي دڙي کي پنهنجي تهذيب جو قيمتي اثاثو سمجهون ٿا ۽ پنهنجي تهذيب جون اصلوڪون پاڙون اُت تلاش ڪيون ٿا ۽ دنيا کي اهو ٻڌائيندي فخر محسوس ڪيون ٿا ته قديم عراق ميسوپوٽيميا جيان اسان به دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهيون ته پو کليل ذهن سان اهو تسليم ڪيو ته موهن جي دڙي جي رهواسين جي ٻولي سنڌي ڪانه هئي دراوي هئي. موهن جي دڙي جي اصلوڪي نالي جي ڄاڻ ته ڪنهن کي ناهي پر آسارقديم جي ماهرن جو خيال آهي ته اُتان مليل مُهرن مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته موهن جي دڙي جو قديم دراوي نالو ”ڪوڪوترما“ هو. رما(يعني شهر) ڪوڪو (يعني ڪڪڙ). ڪڪڙ ويڙهائون جوشهر. ڪڪڙن جي ميل کي مذهبي احميت حاصل هئي، ماڻهون گهرن ۾ ڪڪڙ کاڌ لاءِ نه بلڪ مذهبي رسومات جي ادائگي ڪارڻ پاليندا هئا. اڄ سنڌ ۾ چوڌاري نّظر ڦيرائي ڏسو، اسان موهن جي دڙي وارن واري ٻولي ته نه ٿا ڳالهايون پر ڪڪڙ ويڙهائو سو زرور اڄ به آهيون. گهر ۾ اٽي لپ هجي نه هجي، ڪڪڙ جو شوق جاري، ڪڪڙ لاءِ مکڻ ۽ باداميون پني به وٺي اينداسين. 
سما دراصل راجپوت آهن، جيڪي هاڻوڪي پاڪستان جي سنڌ، بلوچستان، پنجاب ۽ هندستان جي راجستان وارن علائقن ۾ آباد آهن. هندستان گجرات جي علائقي ڪاٺياواڙ ۾ پڻ سما گهڻي تعداد ۾ موجود آهن ۽ ڪاٺياواڙي ڳالهائن ٿا. سنڌ ۽ بلوچستان وارا سما سنڌي ڳالهائن ٿا، سنڌي کان پوءِ ٻي نمبر تي سما سرائڪي ٻولي ڳالهائن ٿا. مڪران ۽ ايران ۾ بلوچي ۽ فارسي ڳالهائن ٿا. گجرات وارا سما گجراتي يا ڪڇي ٻولي ڳالهائن ٿا.
 اڄ هر سنڌي جي دل تي راڄ ڪندڙ ڀٽو خاندان اصل پنجاب جا ارائين هئا. يو ٽيوب تي ”ڊاٽر آف پاور“ نالي لڳل وڊيو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو فرمائي ٿي ته اسان جا وڏا عرب هئا جن محمد بن قاسم ساڻ گڏجي سنڌ تي ڪوس ڪيو. پنجاب جي دل لاهور ۾ آباد مختلف پنجابي قومن مان اڪثريت ارائين آهن. پر اهي تمام اقوام ٻين صوبن جي نظرن ۾ پنجابي هي ليکبا جي پنجابي ٻولي ۾ هم ڪلام ٿين. لاهور جا سئو فيصد ارائين توهان کي اهو جواب ڏيندا ته هو 712 عيسوي محمد بن قاسم ساڻ سنڌ آيا. باغبان پوره جي رهواسي ارائين کان پڇي ڏسو هو توهان کي ٻڌائيندا ته اسين محمد بن قاسم جي لشڪر جا حصا هئا سين جن سنڌ تي راتاها ڪيا. شهيد راڻي جي والده جو تعلق ايران سان هو. شڪارپور، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو ڄام يا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڄاول ويٺل ارائين سنڌي ڳالهائن ٿا، سنڌي ٽوپي پائن ٿا ، سي منهنجي نظر سنڌي آهن. بلڪل ايئن ادا نثار کوکر جيئن تنهنجا کوکر پاڪستاني پنجاب کان ۽ اتراولهه هندستان کان سنڌ آيا. پنجاب ايلينيشن ايڪٽ 1900ع تحت توهان کي زرعي قبيلي جو نالو ڏنو ويو. سلطان شهاب الدين غوري توهان جي هٿان هي لوڻياٺي علائقي(Salt Range ) ۾ مارچ 1240ع ۾ قتل ٿيو. سلطان التمش جي نياڻي رضيه سلطانه پنهنجي ڀاءُ مئيزالدين برهام شاه کان شاهي تخت واپس کسڻ لاءِ جنگ ڪرڻ جي خيال سان کوکرن کي ڪرائي جي قاتل طور پنهنجي فوج ۾ شامل ڪيو هو. ڪرائي جا قاتل وارو لفظ استعمال ڪرڻ جي جرئت منهنجي ناهي، تاريخ ٿي لکي. لاهور جڏهن دهلي جي قبضي هيٺ ٻيهر آيو هو ته ويهن ورهين جي عرصي دوران لاهور کي چنگيزي منگولن  پنهنجي کوکر يارن ساڻ گڏجي سٽيو ڪٽيو ۽ لٽييو. مان نه ٿو چوان ادا تاريخ  ٿي لکي. 1428ع ڌاري جڏهن مغلائي فوج قابل جي شيخ علي ساڻ گڏجي حملو ڪيو ته کوکر سندن مدد لاءِ تلواڙه وٽ اچي گڏ ٿيا ۽ سندن حملن کي ڪاميابي سان هممڪنار ڪرائڻ لاءِ کين پيچرا ، گهٽ گهير ڏيکاريا. (هئي سنڌڙي جڏهن تڏهن توکي قنڌارون جوکو)
ڪلهوڙن جي ايامڪاريءَ ۾ نادرشاه سنڌ کي تا راج ڪري ويو. سنڌ اڳي دهليءَ کي ڏن ڏيندي هئي، پوءِ ايران جي تابعدارٿي. ميرن جي حڪومت ۾ وري ڪابل کي ڍل ڏيڻ شروع ڪيائين. شاه شجاع ته رڻ ٻاري ڏنو. مدد خان پٺاڻ ان کان علاوه ماڻهن کي سٽي ڪٽي، ڦري، ماري ويو. پهاڪو ٺهي ويوته، ”جڏهن تڏهن سنڌڙي، توکي قنڌارئون جوکو.“
مون کي ان ڳالهه تي سخت حيرت آهي ته جيڪڏهن تاريخ نويس ۽ اسان جا ناميارا اديب جڏهن اها ڳاله پاڻ لکن به ٿا ته سنڌ اڳي دهلي کي ڍل ڏيندي هئي، پوءِ ايران کي وري ميرن جي ڏنڊي هيٺ ڪابل کي، تنهن بعد برطانيه راڄ دوران انگريز کي ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد نالي ماتر موٽ ملڻ جي عيوض اڪثريتي پنجابي آفيسرن جي  مجموعي وفاق کي ته پوءِ اهو پهاڪو ته سنڌڙي توکي جڏهن تڏهن قندهارئون جوکو، سمجه ۾ نه ٿو اچي. ڪٿ ايئن ته ناهي ته هيڻائي ، سستي ۽ ڪاهلي اسان جي ئي خمير ۾ هجي!
 اها به هڪ حقيقت آهي ته دنيا ۾ هميشه طاقتور ڪمزور تي حڪمراني ڪئي آهي، سڄي دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي. هونءَ به غور طلب ڳالهه آهي ته تاريخ ۽ جاگرا في جي اڀياس مان اها حقيقت مشاهدي ۾ آئي آهي ته اڪثر قابض لشڪر اتر کان ئي يلغار ڪيو آهي. پر بيرحم تاريخ جڏهن انهن واقعن کي دهرائي ٿي، ته مظلوم قومون پادر کائڻ نتيجي پنهنجي صفن ۾ پهريان کان وڌيڪ اتحاد جو سور ڦوڪيندي منظم ٿي قابض جو  مقابلو ڪن ٿيون ۽ پنهنجا کسيل ماڳ ورائي وٺن ٿيون. پر افسوس جواسان کي اهڙي ڪا به قابل تعريف جاکوڙ پنهنجي تاريخ ۾ نٿي نظر اچي ماه سواه چند انفرادي ڪوششن جي، جنهن ۾ حضرت بلاول ٽلٽي وارو ۽ حضرت صوفي شاه عنايت جهوڪ شريف وارن جي مذاهمتي تحريڪون  قابل ذڪر آهن  پر تن ڏينهن پڻ  اجتماعي ٻّڌي جي کوٽ سببان مطلوب مقاصد ڪڏهن حاصل ڪين ٿيا سواءِ شهادتن جي، جن جو ذڪر اسان پنهنجي لبن تي  سنهري باب ۽ جوانمردي جي مثال طور پيش ڪندا آهيون.
ان کان علاوه سنڌي قوم جي حالت زار تي جيڪو حال وري آگري صاحب پنهنجي  ڪتاب،”سنڌ جا بّربحر۽ پهاڙ“ ۾ پش نوست ۾ پيش ڪيو آهي تنهن تي رڳي ڳوڙها ئي  وهائي سگهجن ٿا، ۽ نهايت ادب سان عرض ڪندس ته اسان کي هاڻ اهو پهاڪو ورجائڻ زيب نه ٿو ڏي ته سنڌڙي توکي جڏهن تڏهن قندهارئون جوکو.
آگرو صاحب پهنجي ان ڪتاب جي پس نوشت ۾ لکن ٿا ته دنيا جا اڪثر آڳاٽا معاشرا مذهبي هئا. آثار قديمه جي ماهرن دنيا ۾ موجود اوائل کنڊرات جنهن ۾ ڇهه هزار سال قبل تاريخي نواردات ملڻ منجهان ماڻهن جي رهڻ ڪهڻ ۽ ٻولي کي پڙهي ورتو آهي. رڳو سنڌ پوئتي رهجي وئي آهي. جنهن جي قديم ٻولي کي پڙهڻ لاءِ اڃا تائين ڪا به رٿائتي ڪوشش ڪانه ٿي آهي.
دنيا ۾ ڪاغذ سڀ کان اول چين ايجاد ڪيو ان تي ڪتاب لکيا. ڪتابن انسانن جي زندگيءَ ۾ انقلاب آندا. سنڌ ڪاغذ ته ايجاد ڪونه ڪيو پر ان جي ٺهڻ کان پوءِ به ڪو اهم ڪتاب ڪونه لکيو. ”ري پبلڪ“ افلاطون لکيو. ”المقدمه“ ابن خلدون لکيو. ”القانون“ بوعلي سينا لکيو. ” سياست نامه“ نظام الملڪ طوسي لکيو. ”سماجي معاهدو“ روسي لکيو.” پرنس“ ميڪاوليءَ لکيو. ”ڪئپيٽل“ ڪارل مارڪس لکيو. ” ڪشش ثقل“ جا قانون نيوٽن لکيا. ساهوارن جي جسماني ارتقا تي سڀ کان اهم ڪتابOrigin of Species  چارلس ڊارون لکيو، ۽ اسان جي زماني جو شهڪارTheory of Relativity ”نظريه اضافت“ آلبرٽ آئنسٽائين لکيو. اها به روايت آهي ته اسلام کان پوءِ دنيا ۾ قرآن ڪريم جو پهريون ترجمو سنڌي عالم ڪيو. پر، اهو ڪاٿي آهي، ان جي به ڪا خبر ناهي.” رڳوعجائب الهند“ جي مصنف بزرگ بن شهريار جي ٻڌايل ڳالهه موجود آهي. جنهن ۾ به حقيقت ڪل ايتري آهي ته اهو مترجم تاڃي پيٽي سنڌي ڪونه هو، عربي نسل جو هو. سنڌ جي فتح کانپوءِ عربن جي نئين ٻّڌل شهر منصوري ۾ اچي ائين گهرڙو اڏي ويٺو هوجيئين انگرين جي ڏينهن ۾ پنجابي آبادگار سانگهڙ جي پاسي چڪ ٻڌي گهر ٺاهي وهندا هئا. دنيا ۾ بارود سڀ کان اول چين ايجاد ڪيو ۽ ٻه هزار ورهيه اڳ جنگ جي فن تي ڪتاب لکيا.
يونان دنيا جي نقشي تي گهڻو پوءِ ظاهر ٿيو، يوناني تهذيب سقراط ، افلاطون ۽ ارسطو جهڙيون حستيون پيدا ڪيون. ارسطو لاءِ ته اهو به مشهور آهي ته هن سڪندر اعظم پيدا ڪيو جنهن دنيا فتح ڪئي. سنڌ ڪو به سڪندراعظم پيدا ڪونه ڪيو. نه اڳي نه پوءِ. سڪندراعظم ۽ تهن بعد ايران جي ڪورش اعظم ٻنهي سنڌ کي مطيع ڪيو ۽ مٿس پهنجي حڪومت قائم ڪيائون.
گوبيءَ جي رڻ پٽ  جو رولاڪ خانه بدوش مغل تيموجن جيڪو پوءِ چنگيز خان جي نالي مشهور ٿيوجنهن بنا بارود،  رڳوتيرڪمان،ترار ۽ نيزن سان چين جي جرنيلن ۽ ڪرنلن کي شڪست ڏني ۽ مٿن پهنجي حڪومت ڪئي.
سنڌ نه بارود ايجاد ڪيو، نه بندوق ٺاهي ۽ نه وري جنگ جي فن تي ڪتاب لکيا. ٻيو ته ٺهيو گوبي جي رڻ پٽ جهڙو رولاڪ ڪو بهادر شخص به پيدا نه ڪيو. ڪتابن ۾ سو اسلامي خليفي حضرت عمر رضه جي زماني کان اهي روايتون هلنديون اچن ٿيون ته سنڌ جا چور ڏاڍا بهادر آهن.
تاريخ جي جديد تشريح موجب، چنگيز خان، سڪندر اعظم، هڪ طرح چور چڪار، ڦورو ۽ لٽيرا هئا. پر ايڏا ته دلير هئا، جو پراون ملڪن
۽ قومن کي سٽي ڪٽي ،ڦري لُٽيِ گهڻن تي پنهنجي حڪومت به قائم ڪيائون. سنڌ جي چورن ۽ ڦورن ڪڏهن به اهڙي همت ڪانه ڏيکاري. البت رن زال جي رڍ ٻڪري چورائڻ، غريب جي گهر کي کاٽ هڻڻ ۽ بيوس واٽهڙو مسافر کي ڦرڻ ۾ سو ڏاڍو نالو ڪڍيائون. ڪجه وقت ٿيو جو رڍون ٻڪريون ڇڏي اوڙي پاڙي جا اشراف ماڻهون کڻڻ شروع ڪيائون. اڳي ڀنگ وٺي، ڍور موٽائيندا هئا، هاڻي جو نئون واءُ لڳو ته ماڻهن تي ڀنگ وٺڻ شروع ڪيائون. ڪوشش ڪري غير سنڌي ماڻهوءَ جو نالو ڊ پ ڊاءَ ڪري ڪونه ورتائون وري به سنڌين تي ئي مارو لاتائون،”شيرو ٻلوشاه جو، ڪڪڙ ماري گهر جا.“
يورپ جي سڌريل ۽ ترقي يافته قومن مان پورچوگيزن سنڌ جي سڀ کان وسندڙ شهر ٺٽي تي ڪاه ڪئي ۽ ان کي باهيون ڏئي ساڙي ٻاري ڇڏيو، جنهن جو اصل سبب سنڌين جا پنهنجا اختلاف هئا.
رچرڊ برٽن انهيءَ تاريخي پس منظر ۾ پنهنجي ڪتاب جو نالو”سنڌ ڏکويل ماٿري“ رکيو هو.

منهنجي خيال ۾ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ وٽ رڳو جي ڪجه آهي ته صرف صوفي بزرگن جو اهو محبت ڀريو پيغام جو ڪنهن دين ، ڌرم، رنگ ، نسل ۽ ذات پات جي فرَق کان پاڪ آهي. پر حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته سنڌ جا مڙئي صوفي بزرگ ۽ سنڌن وڏڙا افغآنستان کان ئي لڏي اچي سنڌ ۾ ويٺا، ۽ پوءِ به اسان جي وات تي هڪ ئي رٽ ته سنڌڙي توکي جڏهن تڏهن قنڌارون جوکو. جيڪڏهن اسين ، سنڌ مان شاه عبدالطيف ڀٽائي گهوٽ، سچل سرمست ، سامي، ٻُڍل ۽ شاه عنايت کي  پاسيرو رکون ته اسان وٽ بچي ڇا ٿو. پراسان جي وري به نا احلي جي حد آهي جو انهن جي پاڪ جاين تي چرس ، آفيم، هيروئين، شراب واپرائڻ ۽ عيش عشرت جا اڏا ٺاهي تنهن ۾ هي سرور محسوس ڪيو آهي ۽ ان کي ئي محبت جو پيغام سمجهيو آهي. افسوس! اهڙي افسوسناڪ صورتحال جي پيش نظر، جي عرب، قنڌاري، دهلوي، ايراني ، سڪندراعظم ، ڪورش اعظم، پورچگيز، مغل، ٽالپر،انگريز، ٻروچ ۽ هندستاني اردو ڳالهائيندڙ مهاجرپادر نه هڻن ته ٻيو ڇا ڪن. باقي اسان ان ۾ پاڻ کي دلداري ڏيندي وقت گذاري ڇڏيو ته ادا گروهڙي صاحب چئي ويا هئا نه ته سنڌ قيامت کان چاليهه سال اڳ برباد ٿيندي، سو اجهو قياميت آئي، تنهنڪري اسان جي تباهي اڻٽرآهي، ڪجه نه ڪيو. باقي جڏهن تڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو ۽ گهوڙا ڙي گھوڙا جهڙا پهاڪا سو مشهور ٿي ويا. يا کڻي ايئن چئجي ته اسانجي ڪاهلي، ڪم چوري ۽ ڪم همٿائي جي ڪيمسٽري اسان جي واتان ئي چيل ان ٻن پهاڪن ۾ سمايل آهي. منهنجي ذاتي راءِ آهي ته ڪا به قابض قوم ڪنهن علائقي لاءِ اوسيتائين موتمار ثابت ڪين ٿي ٿئي جيسن ان علائقي جي ٻولي ، لباس، رسمن ۽ ريتن تي حملا آورنه ٿي. اهڙي صورت حال ۾ جي ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ اسلوڪي سنڌي قومون ته نالي ماتر آهن باقي سڀ ٻاهريان اچي سنڌو ماٿري ۾ آباد ٿيا، ان مـٽي ۾ زم ٿيا، سنڌي ٻولي اپنائي، هزارين ورهين پراڻي ٽوپي ۽ اجرڪ پهرڻ ۾ مان عزت ۽ شان و شوڪت سمجهيو. منهنجي خيال ۾ سنڌ کي قنڌارئون نه بلڪ جيڪڏهن علاقائي،سماجي، سياسي،معاشي، ۽ تهذيبي لحاز کان سنڌي ٻولي ۽ تهذيب کي ڪو نقصان آهي ته  سنڌ جي شهرن تي قابض هندستاني اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن کان آهي جن ستر کن سال گذرڻ باوجود به سنڌ جي ٻولي ڳالهائڻ ۾ حڪارت محسوس ڪئي ۽ پنهنجي شناخت هن ڌرتي جو نيمڪ کائڻ بعد به مهاجرئي رکي. ان کان علاوه سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪينسر کان به وڌيڪ خطرناڪ برق رفتار سان قابض ٿيندڙ ٻروچ  جن پڻ ٻروچڪي ٻولي يا لباس اڃان ڪانهي ڇڏيو. نه صرف اهو بلڪ سنڌي کي هميشه پاڻ کان حقيرسمجھو. اڄ به سنڌ، جت قبيلائي جهيڙن، ڌاڙيلن ۽ هٿ ٺوڪين وڏيرن جي چمبي ۾ جڪڙيل آهي، جڏهن ڪنهن خوني تڪرار کي نبيرڻ ڪارڻ فيصلا ڪيا وڃن ٿا ته هڪ ٻروچ جي ڪيل خون جي عيوض سنڌي کي ٻن خونن جي چّٽيِ فيصلي ۾ ڀرڻي پوي ٿي . ڇو! پر جيڪڏهن ڪنهن سنڌي جو ڪنهن ٻروچ هٿان ناحق خون وهي ٿوته رڳي فيصلي ويهارڻ لاءِ جتي گسائڻي پوي ٿي . آخر ڇو!
سوشل ميڊيا اهڙو پليٽ فارم آهي، جت دنيا جي ڪروڙين خلق هر وقت ڪجه لکڻ ۾ محو آهي، ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اسان پنهنجي معاشرتي، اخلاقي، قومي ۽ تهذيبي حدن کي پامال نه ڪيون ۽ اهڙو ڪجهه نه لکون جيڪو ڪنهن جي دل آزاري ڪري يا ڪو اهڙو بم بکيڙو کڙو ڪري جنهن سان لکين جانين جي ناحق ضايع ٿيڻ جو انديشو هجي. نثار صاحب اهو سوشل ميڊيا جو هي ته ڪمال آهي جو عمران خان جهڙو ڪرڪيٽر زري گهٽ پاڪستان جو وزير اعظم ٿيندي ڏسڻ ۾ آيو، ۽ ان ساڳي سوشل ميڊيا جي ڪمال ۽ انٽرنيٽ جي جدت ڪارڻ مون جهڙا وات ڳاڙها به اڄ پاڻ کي تاريخدان ۽ ليکڪ سمجهيو ويٺا آهن.




نثار کوکر صاحب توهان 28 فيبروري تي سوشل ميڊيا تي جيڪا شورش شروع ڪئي جنهن ۾ مٿان پهريان هڪ فوٽو لڳل آهي جنهن ۾ ڪجه همراه ٻٽون ٻڌل ڪلهن تي راڪيٽ لانچر۽ ڪليشنڪو سان ليس آهن جن جي پس منّظر ۾ ڪي ننڍا وڏا پهاڙ پڻ آهن جن مان اهو تاثر ملي ٿو ته اهي افغاني هي آهن جيڪي جڏهن بقول توهان جي هيٺ لٿا تا راتاها ڪندا. آئون توهان جي ان خوف ۾ برابر جو شريڪ آهيان پر مهرباني ڪري سنڌ جي سماٽ قبيلي معرفاڻي جيڪي شڪارپور جي ٻيلن جا بيتاج بادشاه آهن جن سکر کان شڪارپورکان جيڪب آباد تائين واري 90 ڪلوميٽر جي پٽي ۾ جيڪي راتاه ڪيا آهن جن کان ڪو عزت دار رات يا ڏينهن جي ڪنهن به پهر محفوظ ناهي جن جي سنڌي قوم سان ٿيل راتاهن ۾ مدد خان به پٺتي رهجي ويو مهرباني ڪري انهن جا به فوٽو هڻڻ جي ڪڏهن جرئت ڪيو. يا کين مشورو ڏيو ته پنهنجي جوانمردي ۽ مڙسي جي آزمائڻي هي آهي ته هت ڪراچي اچي ٽيسٽ ڪن جت اڙدو ڳالهائندڙن سنڌين کي اڪليت ۾ تبديل ڪري هاڻ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جي گهرج ڪئي آهي. يا اها جرئت به ولي خان بابڙ جهڙن صحافن جي زمي آهي جن کان توهان اڳم ئي خوفزده آهيو. بحرحال توهان ان لڳاليل فوٽو هيٺان جيڪي لکيو سي توهان جي هي لفظن ۾ ڪجه هن ريت آهي.
توهان لکيو آهي ته ” هي جيڪي پهاڙن تان پيارمان لٿا آهن سي سنڌ مان ٽن ڏينهن اندرسائين قائم علي شاه بادشاه جي چوڻ تي پرامن طريقي سان واپس ويندا...؟ اسان جا سنڌي حڪمران ڀلي ته ڪهڙي به خوشفهمين ۾ ڇو نه هجن پر افغاني پٺاڻ سنڌ جي چپي چپي تي پنهنجا چمبا ڄمائي چڪو آهي. اهي ڪٽڪ مون کي صرف ڪنڌڪوٽ ڪشمور ۾ نه پر ننگرپارڪر، ڀڳڙا ميمڻ ۽ چوهڙ جمالي جهڙن ڏورانهن سرحدي شهرن ۾ به ملن ٿا. بدين ۾ ته اسين شوق سان انهن جي چانهن پيون ٿا... انهن همراهن جا پيراڃان به مظبوط ٿيندا ڇوته سنڌ ۾ سندن مذهبي ۽ لساني ڀائر ۽ همدرد موجود آهن... وقت اچڻ تي سنڌ اسيممبلي جو اسپيڪر به دراني پٺاڻ ٿي بيٺو جنهن سلطان ڪوٽ ۾ وڃي پٺاڻن تي حملن خلاف پنهنجي نسلي ڀائرن جوجرگو ڪوٺايو.....جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارونن جوکو وار محاورو ايئن ئي ته جڙيل ناهي...(نثارکوکر)
توهان جي ان پوسٽ کي 256 سنڌي دوستن پسند ڪيو، 86 ڄڻن شيئر ڪيو ۽ 110 ڄڻن تبصرو ڪيو. مبارڪ هجيوّ. توهان جي ڪن دوستن جا چونڊ تبصرا انهن جي لفظن ۾ هت لکڻ زروري ٿو سمجهان.
اسلم لغاري صاحب لکن ٿا”هاڻوڪو اسپيڪر پٺاڻ آهي، ڳاله ٺهي نه ٺهي هرو ڀرو ڪم کي ڇڪي ٿا رکو“
فياض حسين خاصخيلي” يا الله منهنجي سنڌ کي سلامت رک ۽ سنڌي قوم کي سجاڳي ڏي“
نظير احمد نوناري” هاڻي ڪٿي آهن ديشي جو سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ جا نعرا هڻندا آهن؟ اٿو ليڊنگ ڪريو سنڌي قوم جي اسان اوهان سان گڏ آهيون، يا وري کوکلا نارا هڻڻ بند ڪيو. سنڌي پٺاڻ ؟؟؟ سنڌي ته سنڌي هوندو آهي. سنڌي پٺاڻ ڪيئن ٿيندو؟ آغا سراج دراني پٺاڻ آهي اصلي، اسان جي علائقي جي لاڏوُ ۽ پنهاگيرن ڪجه سال پهريان آغا سراج کي پڳ ٻڌرائي آهي سرداري جي. ان جو آهي اوهان وٽ جواب؟ ته ڏيندا باقي پنهنجو پاڻ کي دوکو نه ڏيو“
آغا انعام الله،” محترم نظيير احمد نوناري صاحب..... توهان پنهنجي نالي سان گڏ نوناري ڇا لاءِ ٿا لکو سنڌي ته سنڌي هوندو آهي ، نوناري ڇو؟ ظاهر آهي پنهنجي زات ته لکندا.. جي توهان کي پنهنجي زات لکڻ جي اجازت آهي ته پوءِ سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻ کي ڇو نه؟ سرداري جي پڳ جڏهن توهان غوث بخش مهر، منظور پنهور، بابل ڀيي، مقبول شيخ ۽ انڙن کي ٻڌرائي آهي ۽ اسان کي باوجود ان جي جواسان جي مادري زبان سنڌي آهي ايئن ڌتڪاريو ٿا ۽ توهان جي جملن مان جيڪا ڌپ اچي پئي ته پوءِ مهرباني ڪري پنهنجي قوم پرستن سان ويهي صلاح ڪريو ۽ فيصلو ڪريو ته سنڌي  جي تشريح ڇا هي، ڪنهن کي ٿا سنڌي ڪوٺيو ۽ اسان کي ڪهڙي خاني مان ٿا رکو...شاه عبدالطيف به ته سنڌي ناهي ، افغانستان مان آيا.
ابراهيم صالح محمد..” ديوار ڪيا گري ميري خستا مڪان ڪي ، لوگون ني ميري صحن مين رستي بنا ليئي“
سوفي سچل وليفيئرڪشمور...”ادا نثار هي ٽائم سنڌ لاءِ تمام نازڪ آهي خاص طو جڏهن سيد قائم علي شاه جهڙا حڪمران هجن، سائين کي ڀنگ مان فرست هي ڪانهي.
ارشاد رزاق گوپانگ...”سر مرزا دور ۾ آيل افغانين جا ٺٺي مان ڊوميسائيل ٺهي ويا آهن“
برڪت نوناري....” ڀا نثار کوکر توهان کي جس هجي جو هر وقت قومي ڳالهه ڪندا آهيو، اها به قومي شناسائي آهي، دراني هجي يا شاه، مرزا هجي يا کوڙو، اياز سومرو هجي يا وساڻ، مهر هجن يا شيرازي، يا خان، بلاول هجي يا بختاور، اگر سنڌي قوم هٿن مان وڃي ته ڀلي وڃي، هي ته ڪرسي لاءِ ڪو به قانون ٺاهي به سگهن ٿا ۽ ڊاهي به سگهن ٿا، باقي هڪ ئي نارو قائم رهندو، پاڪستان کپي“
غلام علي کوساڻي...”سڀ ڪم حڪومت ڪري توهان ڇا رڳو ڳالهيون، مطالبا ڪندا، ٻيو مڙئي خير، ادا اياز پليجي بهترين  تجويز ڏني آهي ته سڀني پارٽين جا نوجوان ڪارڪن گڏجي سڏجي سڄي سنڌ جي شهرائن تي چيڪ پوسٽن تي پاڻ ڊيوٽيون ڏيون، غير قانوني افغان يا ٻيا، انهن کي روڪيون، احم قومي سڏ تي سڀنن کي فوري لبيڪ چوڻ گهرجي“
قاضي اياز مهيسر....”صد افسوس،رنج ۽ شديد ڏک پهتو، پيارنثار جي هيءَ پوسٽ پڙهي. جيڪي پٺاڻ سنڌي صدين کان سنڌ ۾ آباد آهن، خاص ڪري سلطان ڪوٽ ۽ شڪارپور جا سنڌي پٺاڻ، جن سنڌي ٻوليءِ، تهذيب ۽ تمدن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون ۽ ان کي ايترو ته اپنايو جو پنهنجي ٻولي به وساري ويٺا... انهن کي ايئن اچانڪ غير سنڌي چئي ائين اجنبي ڪرڻ ڪيڏي ڏُک جهڙي ڳالهه آهي ! ڇا اسان جو اڄ جو صحافي به ڪو تاريخدان ٿي چڪو آهي! جي ها ته پوءِ کيس سنڌ جي تاريخ ٻيهر پڙهڻ جي ضرورت آهي. صد افسوس ته نثار ڀاءُ جهڙي سڄاڻ صحافي ايڏي وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي، سا به بنا سوچي سمجهي. سنڌ ۾ ڀاءَ سماٽ آهن ڪيترا؟ شاه به سماٽ نه هو، نه سچل،نه قلندر، ته پوءِ توهين انهن کي به ڊس اوون ڪريو نه!!!! صد افسوس جو اڄ جو صحافي ايڏي وڏي ڳالهه چئي وڃي ۽ کيس پڇاڻو نه ٿئي!!!!!

نثار کوکر...” قاضي صاحب، آئون سنڌ ۾ صدين کان آباد پٺاڻن جي خلاف ناهيان، نه ئي منهجي پوسٽ انهن جي خلاف آهي، پر افغانين مٿان ٿيل حملن کانپوءِ، سلطان ڪوٽ ۾ سڄي سنڌ جي پٺاڻن جو جرگو ڪرايو هوان ريت خلاف زرور آهيان“
قاضي اياز مهيسر......”هي ايڏا سارا ڪمينٽس پڙهي به ڏاڍو ڏک ٿيو... رومن سنڌي ۾ لکڻ وارا....ان سنڌي پٺاڻ مٿان ٺٺوليون ڪندا نظر آيا جيڪو سنڌي پٺاڻ کين نج سنڌي ۾ جواب لکندي نظر آيو.جرگو جي ڀاءُ ٿيو آهي ته ان جرگي وارن کان پڇيو وڃي...سنڌ ۾ ٻين ذاتن ۾ به جرگا ٿيندا آهن ۽ اها توهان کي مون کان وڌيڪ خبر آهي ڀاءُ..انهن خلاف به لکيو وڃي..پر جي ڪنهن شخص پٺاڻن جو جرگو ڪوٺايو به آهي ته اهو ڄاتو وڃي ته ان جرگي ۾ چيو ڇا ويو هو؟ ڇا ان ۾ سنڌ خلاف ڪا سازش جوڙي وئي هئي؟؟
نثارکوکر....” ادا اياز اهو جرگو جيئي سنڌ ورڪرن پاران افغانين جا دوڪان ساڙڻ وارن ڏينهن ۾ ٿيو هو ان جو بيڪ گرائونڊ نه ڪي ڪارو ڪاري هو نه چوري يا اغوا“
قاضي اياز مهيسر...” نثار ڀاءُ جي سڀاڻي سنڌي هندو به ڪو جرگو ڪوٺائين ته ڇا انهن کي به غلط چوندا؟؟ انهن جي جرگي کي به ڪو لساني يا مذهبي رنگ ڏيندا؟؟ ڪنهن هڪ ڪميونٽي خلاف ايڏو وڏو ظلم ٿئي ۽ انهن کي جرگي ڪرڻ جي اجازت به نه هجي!!!  توهان جي لکيل لفظن کي دهرايان ٿو...پنهنجي نسلي ڀائرن جو جرگو ڪوٺايو.. ڇا اها ٻه اکيائي نفرت جوڳي ڳالهه نه آهي ، ايڏا وڏا لفظ پنهنجي سنڌي ڀائرن خلاف!! ڇا توهان جي خلاف ۾ توهان جي اهي چيل لفظ کين ڌاريو سمجهڻ يا سنڌ کان الڳ ڪرڻ لاءِ ڪافي ناهن!! سنڌ ۾ جن به سنڌي ٻولي ، ادب،  تهذيب ۽ تمدن کي اپنايو انهن کي غير سنڌي چوڻ ۽ سمجهڻ سان اسان جا 80 سيڪڙو ماڻهون غير سنڌي ٿي ويندا تو باقي اسان وٽ بچو ڇا!! اچو ته سلطان ڪوٽ جي سنڌي پٺاڻن سان گڏ شاه لطيف، قلندر، سچل سرمست، صوفي شاه عنايت کي به لڏائي ڇڏيون ڇاڪاڻ جو هو به سلطان ڪوٽ جي سنڌي پٺاڻن جيان سنڌي ناهن.“ سنڌ جا ناهن... ٿينڪ يو نثار ڀاءُ ...ايڪسيلنٽ جرنلزم!!!“
آغا انعام الله....” روئاڙي ڇڏيئي اياز، مهرباني جاني“


نثار صاحب توهان جي جنهن جرگي طرف ڌيان ڇڪائڻ جو ڪوشش ڪئي آهي سو برابر سلطان ڪوٽ ۾ ٿي گذريو پر توهان کي اڄ ڪيئن ياد آيو، تنهن کي پنج سالن کان به مٿي ٿي گذريا ۽ ان ۾ صرف آغا سراج دراني نه بلڪ سنڌ بلوچستان جي مڙني سردارن شرڪت ڪئي هئي. ضلع شڪارپور جي مجموعي  طورآبادي جي تناسب جو 8 سيڪڙو، سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻ آهن جيڪي اڄ ڪلهه پنهنجي نالي سان آغا لقب طور استعمال ڪن ٿا. جي چاهين ته سندن خلاف اڀرندڙ هر سازش جي مقابلي لاءِ سڄي سنڌ مان پٺاڻ قوم جو ڪٺ ڪوٺائي جنگ وڙهي سگهن ٿا پر هنن ڪڏهن ايئن ناهي ڪيو.پنج سال کن اڳ، احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ خاطر، سلطان خان جي ڇهين پيڙي جي چشم چراغ، سنڌي قوم پرست سياستدان آغا ظفرالله شاهين، سلطان ڪوٽ ۾ هڪ لويا جرگي جو سڏ برابر ڏنو هو، جنهن ۾ سنڌ ۾ رهندڙ تقريبن هرقوم جي سردارن کي مدوع ڪيو ويو. هزارن جي تعداد ۾ سنڌي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ پٺاڻن ، ڪيهرن، جعفرين، داين، چنن، سهتن، سنجراڻن، بروهين، مينگلن، ابڙن، انڙن، راهوجن، لوڊرهن، چنن، ڪٽبارن، عباسين، ڪلرن، ۽ ٻين ڪيترن ئي قومن هزارن جي تعداد ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي هئي، جنهن ۾ ظفرالله خان سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻن ۽ عرصي دراز کان محنت مزدوري ڪندڙ پشتو ڳالهائيندڙ خانا بدوش پٺاڻن سان ٿيندڙ زيادتن جي نشانديهي ڪئي. جرگي ۾ اهو باور ڪرايو ويو ته جيئين هر قوم ڏکئي سکئي پنهنجن سردارن جي مدد لاءِ پڪار ڪن ٿيون، پر سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ سنڌي ڳالهائيندڙن پٺاڻن سان ڌارين وارو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي، جنهن تي ، سنڌي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ پٺاڻ قوم کي سخت تشويش آهي. ڇا اهو ڏوه هو، سنڌ خلاف سازش هئي!  سا به هڪ قومپرست اڳواڻ آغا ظفرالله شاهين طرفان! اسان پاڻ سان ٿيل زيادتن جي ڪنهن کي دانهن ڏيون. جت توهان اتر سنڌ ۾ مختلف سنڌي راڄن کي پڳون ٻڌرائي مسئلا حل ڪرايو ٿا ان جرگن کي جائزسمجهو ٿا ته هن جرگي کي لساني رنگ ڇا لاءِ. تازو توهان جي سردارن جي لسٽ ۾ پاڻ  مرادو سراداري پڳ ٻڌڻ واري صاحب مقبول شيخ پٽڪو ٻڌو آهي ۽ چار ڏينهن کن ٿيا جوهڪ فيصلو پڻ نبيريو آهي، توهان کي مسئلو ٻڌائيندو هلان. سنڌس وٽ پاليل دهشت گرد ٽولي جي سرواڻ ڏاڏو شيخ پنهجي ساٿين همراه شڪارپور جي هڪ صدي پراڻي  تاريخي ڍّڪّ بازار ۾ سنڌي مسلمانن ۽ سنڌي هندن جي دوڪانن جي چوڪيداري تي معمور هڪ پٺاڻ چوڪيدار جي گهر ۾ گهڙي هڪ عدد خون ڪيو ۽ سندن ڀائٽو اغوا ڪري کيس اجتماعي زوري زنا جو شڪار ڪيو جنهن بعد سنڌس منهن تي پيشاب ڪري وات ۾ پنهنجا عضوا  وجهي زوري وڊيو ٺاهي يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪئي. تڏهن توهان ته ڪجه نه ڪُڇا يا ڇا هڪ سنڌ واسي کي اهو ظلم ڪرڻ جو اختيار آهي.
درحقيقت ، سندن جي برداشت جي وڏي وجه اها آهي ته جيڪڏهن ٻين قومن جي سردارن جيان هنن به ڏکي ڏينهن يا پنهنجي بقا خاطر حقيقي معنيٰ ۾ آپريشنل لويه جرگو ڪوٺائي جنگ شروع ڪئي ته مونکي يقين آهي ته سندن مٿان ميارن ۽ مهڻن جا وسڪارا ٿيندا ،ته ادا ڌاريا هئا اُهي ڌاڙيل، سنڌ جي انهن کي ڪهڙي سُڌَ. جنهن جو هڪ مثال اها توهان واري زهر آلوده پوسٽ آهي نه ته قسم آ ربِ قائنات جو جنهن جي هَٿ ۾ منهنجي جان آهي، ”بندوق جي نالين منجهان جنت جا دروازا ڏسڻ سندن جو هي شوق رهيو آ“. اهي تاريخي جملا برطانيه جي راڻي وڪٽوريا کي سندس سپه سالار تڏهن چيا جڏهن راڻي اهو چيوته کيس حيرت آ ته جڏهن برطانيه سلطنت جو سج دنيا ۾ ڪٿ لهي ئي نٿو ته پوءِ ڪهڙي وجه ٿي سگهي ٿي جو خيبر جي انهن چند قبيلن تي سندن حڪومت قائم ٿي نٿي سگهي، تنهن تي سنڌس سپه سالار وراڻيندي مٿيون بيان ڪيل جملوچيو.
افسوس آهي کوکر صاحب توهان جي سوچ تي. توهان جي صحافت تي ، توهان جي دورانديشي تي. يعني سنڌ ۾ صدين کان آباد سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻ هاڻ هڪ لساني گروه آهن جيڪي پنهنجي نسلي ڀائرن لاءِ تڙپن ٿا، ادا ڪهڙي سنڌ واسي جي جان ، مال، عزت کي پٺاڻن نقصان پهچايو آهي ٿورڙو مون کي به ته ياد ڪرايو ها باقي سنڌ دشمن اڙدو ڳالهائيندڙ مهاجرن سان جنگ جوٽي چڪا آهن ڇا توهان کين لساني گروه ان بنياد تي ڪوٺيو آهي جي ايئن آهي ته پو کوکر صاحب توهان ته مهاجرن واري ڪئمپ ۾ پيا ڏسڻ ۾ اچو. ڀا تو واري دوستن جي لسٽ ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن کي سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ اوڙهيندڙ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جي آگاهي ڏيندڙ گل آغا به دراني پٺاڻ اٿئي، ڪڍي ڇڏيس سنگت مان. سنڌس پرڏاڏو قنڌار کان سنڌ آيل هيئي، سنڌس جوڏاڏو گل حسن خان به دراني پٺاڻ اٿئي جيڪو سنڌ ۾ ميرن جي راڄ دوران ڊپٽي منسٽر جي عهدي تي فائز هو. سنڌس والد آغا عبدالنبي حيدرآباد جو اڳوڻو ڊپٽي ڪليڪٽراهو واحد شخص اٿئي جنهن 1953ع ڌاري سنڌين سان حيدرآباد ۾ شروع ٿيندڙ ناانصافين ۽ گوڙ ڪندڙ مهاجرن کي ڇوٽي گهٽي تي سڌيون گوليون هڻي سندن جا اڍائي سو مڙس ماري لاش حسين آباد گدو وٽ سنڌو ۾ لوڙهي صدر ايوب خان کي ٽيليفون تي اطلاع ڪري ڇڏيو هو. سنڌس جو چاچو آغا صوفي(غلام نبي) جا ڪلام ۽ ڀڄن اڄ به آل انڊيا جي ريڊيو تان نشر ٿيندا اٿئي جنهن شاه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام تي لکيل شاه جي رسالي جي طرز سچل سرمست تي سڀ کان پهريون سنڌ ۾ ”سچل جو رسالو“ لکيو.
نثار کوکر هڪ ٻئي پٺاڻ ڊپٽي ڪليلٽرمرحوم آغا محمد يعقوب خان بابت ٻڌائيندو هلان توهان کي جنهن قران پاڪ جو انگريزي ترجمو هر آيت جي تشريح ساڻ لطيف سائين ۽ رومي جي شاعري جي روشني ۾ تفسير لکي لطيف ايوارڊ ماڻيو. جنهن پنهنجي زندگي جي فارخ وقت شاه جي شاعري کي سمجهڻ لاءِ شاه جي شاعري ۾ آيل مختلف ٻولين جي ڏکين پنج هزار لفّظن جي معنيٰ ۽ تشريح لکي لطيفي لغات جوڙي جنهن کي اسان جي ڪنهن مهان سنڌي اسڪالر کائنس حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي نالي سان ٽن جلدن ۾ ڇپرائي تاريخ ۾ نالو لکرائي ڪوڙي شهرت ماڻي. ان ساڳي آغآ محمد يعقوب خان وٽ جرمن اسڪالر اين ميري شمل اڪثر چانهن جي ڪوپ تي ڪچهري بهاني لطيفي لات پڙهندي هئي ۽ سنڌس جي شاعري آغا صاحب کان سمجهندي جرمني ۾ ليڪچر ڏيندي هئي ۽ ات پي ايچ  ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي.
 توهان کي کوکر صاحب اهو به ٻڌائيندو هلان ته مائونٽ ايورسٽ کانپوءِ دنيا جي ٻي وڏي چوٽي ڪي ٽو ، سلطان ڪوٽ جي سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻ سنڌ جي واحد ان سنڌي  آغآ امجد ڪاڪڙ سر ڪئي جنهن کي ڊڪٽيٽر ضياءُالحق اسلام آباد تمغا ورهائڻ واري تقريب ۾ تمغائي جرئت سان نوازڻ لاءِ گهرايو جت آغا امجد ڊڪٽيٽر کي چيو” ته اسين سنڌي بک ٿا مرون مون اها ڪي ٽو جي چوٽي ڪنهن تمغي حاصل ڪرڻ لاءِ نه بلڪ ٻچن جو پيٽ پالڻ سرڪئي هئي“. نوڪري ته هند رهي ماڳي زري گهٽ سرٿي ويس. مان سنڌس جوانمردي کي سلام ٿو پيش ڪيان ، توهان ڌاريو سمجهي سنڌ جي تاريخ ۾ اهو معرقو سنڌس رقم نه ڪجو، ڇاڪاڻ جوسنڌس وڏڙا قنڌار کان آيل اٿس. (هئي سنڌڙي جڏهن تڏهن توکي قنڌارون جوکو)

جنهن ملڪ پاڪستان يا سنڌ پرڳڻي ۾ رهزنن کي کليل موڪل مليل هجي ته هو ڪنهن جي به گهر کي کاٽ هڻي، ڪنهن جو به قتل ڪري، ڪنهنجي رڍ ٻڪري، مينهن، گاڏي يار ٽريڪٽر ڏينهن ڏٺي هٿيار جي زور تي ڦري، ماڻهون اغوا ڪري مرضي جي ڀونگ تي موٽائي، جت انصاف ورهائيندڙ ٻن ٽن لکن ۾ وڪامجن، پوليس پاڻ ڏوه ڪري، جت گولين جو گجگوڙ ۽ راڪيٽن جي بارش هجي، جت ڏائڻ هٿيارن جون گوليون ۽ بارود ڪلوگرام حساب با آساني دستياب هجي، جت خد ڪش بمبار موٽر سائيڪل کان سستو ملي ، جت عورت کي چئن ڏوڪڙن ڪارڻ ڪارو ڪري غيرت جي نالي ناحق ماريو وڃي ته ات فيصلا آعليٰ عدالتن ۾ نه ان وسندي جي وڏڙي وٽ ڪنهن نه ڪنهن جرگي ۾ هي ٿيندا . باقي سنڌ جي پراڻن وسندين سلطان ڪوٽ، زڙخيل، مدئجي، گوسڙجي، باگڙجي يا سنڌ ۾ رهندڙ ڪنهن به سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻ کي ڪا تڪليف رسي ٿي ته  جرگي ڪوٺائڻ تي سنڌ ٿرٿلي ٿيو وڃي ، ماڳي مشوره ٿا ملن ته جي سنڌ ۾ رهڻو اٿو ته وڏيرا ٿيو نه ته ٽپڙ ٻڌو وڃو واپس افعانستان، تاريخ گواه آهي، ته قديم وسندين سلطان ڪوٽ ۽ زڙخيل جي پٺاڻن يا سنڌ ۾ موجود سنڌي ڳالهائيندڙ پٺاڻن ڪڏهن وڏيرڪي ناهي ڪئي. ناجائز ڪنهن جي ملڪيت تي قبضا ناهن ڪيا، ڪنهنجي تجوڙي ناهي کوٽي، نجي جيل اڏائي ڪنهن کي قيد ناهي رکيو، ڪنهن کي باندهي ناهي بڻايو، معصوم نياڻيون سنگ چٽن ۾ ناهن ڦريا، قبيلائي جهيڙا رٿي مڙس مارائي سرخرو ناهن ٿيا، ڪنهن جي ٻانهن ناهي کڻائي، ڪنهن مڙس کي اغوا ڪرائي ڀُنگن سان کيسا ناهن ڀريا، ڪنهن جي رڍ، ٻڪري يا مينهن ناهي چورائي. ها باقي  هن ڌرتي خاطرسنڌي ٻوليءَ ۾ پاڻ رَچائي،  پشتو زبان ضرور وساري آ، پر حساب ڪتاب ناهي وساريو. عزت و نفس تي سودا ناهن ڪيا. پٺاڻ هن ملڪ جا باغيرت ناقابل فراموش سنڌي آهن. جيڪڏهن سندن قديم تاريخي پس منظر، دليرانه سوچ ۽ مزاج، جاه و جلال واري پروقار شخصيتن سان ڪنهن کي ساڙ آهي ته اهو پٺاڻن جو نه بلڪ توهان جو مسئلو آهي.
 يار اها ڪهڙي قسم جي منافقت آهي. پٺاڻ ڀلي سنڌي ڳالهائيندڙ هجي پر قبول ناهي، ان کي واپس افغانستان وڃڻ جا مشورا، باقي جيڪي ابڙا ، جتوئي، ڀيا ، ڪماريا يا ٻيان ٽيان ڪجه پئسا ڪمائڻ ۽ ٻه ٽي سئو مڙس ناحق مارائڻ بعد پنهجي نالي سان گڏ هاڻ خان لکرائڻ سواءِ گهٽتائي ٿا محسوس ڪن ، انهن کي  به ته سمجهايو ته  پرائي زات چمبڙائڻ سان مڙسي ۾ اضافو ناهي ٿيندو. جي پٺاڻ سنڌ لاءِ خطري جي گهنٽي آهن ته اها گهنٽي توهان پنهنجي نالي سان ڇا لاءِ ٿا ٻڌو! جهڙوڪ سلطان ڪوٽ ۾ پنهنجي سياسي تعليم حاصل ڪرڻ وارو قبولدار ننڍڙو مهر، جيڪو اڳتي هلي الحاج غوث بخش خان مهرٿيو، ذوالفقارخان ڪماريو، سرادار ابراهيم خان جتوئي، ميربابل خان ڀيو. جي طاقت جو سرچشمو خان لفظ ۾ سمايل آهي ، جي توهان ۾ اصلي خانن کي سيني ۾ جاءِ ڏيڻ يا سنڌ جي رنگ ۾ رنگجڻ لاءِ گنجائش ناهي رکي ته پوءِ ڊڄجو هڪ غريب ڪاٺيون وڍيندڙ گل خان کان به، باقي پٺاڻن کي ڪنهن نثار کوکر يا هٿ ٺوڪي قومپرست کان سنڌي هجڻ جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي.
جنهن مٽيءَ جو ٻن صدين کان وڌيڪ پاڻي پيتو هجي، جتان جي اُپت مان روزي کاڌي هجي، جنهن ڌرتي جو نيمڪ رڳ رڳ ۾ رچيل هجي، جت سندن  وڏڙن جون دفن هڏيون هاڻ ڀاڻ بڻنجو، کبڙ، ڪرڙ، ڪانڊيري، لئي ۽ کجي کي سائو رکيو هجي ،ان ڌرتي سان دغا ڪري پٺاڻ ڪونه ڀڄندو، اُهي مير جعفر، ڪي ٻيا. باقي توهان کي عاجزانه مشورو آهي ته سنڌ خلاف اڳي ئي گهڻا محاز کليل آهن، وڌيڪ ڪنهن سان دشمني جي هاڻ گنجائش ناهي، ٿيڻ ته ايئن کپي توهان انهن ايندڙ افغانين جو ٽريڪ ريڪارڊ زورر رکو پر اجتعمائي طور پٺاڻ کي پنهنجو دشمن نه بڻايو، اهي مهاجرين جت به عارضي آباد ٿين، تن جي ڪئمپن ۾ وڃي کين ٻارڙن کي الف امب، ب بدڪ ۽ ٻ ٻڪر پڙهايو، ڪٿي ايئن نه ٿي جو ڪراچي ، حيدرآباد، ميرپورخاص يا نوابشاه ۾ جت اڙدو ڳالهائيندڙ توهان سان مد مقابل آهن ۽ سنڌ ون ٽو جي ڳالهه ٿا ڪن، ته ڪٿ اهي کين ڏ (ڏال) ڊيڊر نه پڙهائڻ شروع ڪن. باقي هي به ڌاريو هو به ڌاريو، ته پوءِ سڀ ڌاريا آهيون، ڏسو ته سنڌي ٻولي ۽ تهذيب ۾ تڪڙو زم ڪير ٿو ٿي ۽ وقت اچڻ تي سنڌ جي حفاظت ڪير ٿو ڪري.


سائين جي ايم سيد سلطان ڪوٽ وارن پٺاڻن سان گڏ آغا اخترمحمد جي ڪراچي واي بنگلي تي

Comments

  1. I wish I could read this...

    ReplyDelete
  2. ھي ھڪ ڪالم ءي نه پر حقيقتون بيان ڪندڙ ريسرچ پيپر آهي جيڪو تنگ نظري سوچ رکندڙ اٻوجهن لاءِ لاجواب، جواب آهي.

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ