Posts

Showing posts from December, 2021

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

Image
  ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو مجاھد رسول ذوالفقار علي ڀٽو 27 ڊسمبر 2021 ڊاڪٽر آغا انعام اللھ  نوٽ : آرٽيڪل ۾ بيان ڪو به مواد فرضي نه آھي   بلڪ   حضرت مدني رحه عليه جي مريدن کان تحقيق بعد تحرير ڪيو ويو آھي. آءُ   سندن بيحد شڪرگذار آھيان، ۽ پڙھندڙن کي عاجزانه    مدني رحه عليه    جي مريدن ۽ پنھنجي حق ۾ دعا لاءِ گذارش آھي . عوام الناس جي آگاھي خاطر الله سائين شل اسان جي اِھا ننڊڙي ڪوشش قبول فرمائي   ۽ سڀني انسانن کي حق ۽ سچ چوڻ، ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي توفيق عطا ڪري .آمين ! 1946 ع ۾ جناح پنھنجي ڊاريڪٽ ايڪشن پلان جو اعلان ڪري چڪو ھو. سندس پوئلڳن ۾ سھروردي  اشارو سمجھي چڪو ھو ۽ ڊاريڪٽ ايڪشن پلان واري ڏھاڙي ڪلڪتي ۾ منظم طريقي سان احتجاجي مظاھرا ۽ انھن نتيجي جيڪو قتل عام ٿيو، تنھن پٺيان سھروردي جو ھي ھٿ ھو. ھر جاءِ بشمول بمبئي ۾ سخت ڪشيدگي ھئي . شاھنواز پنھنجي پٽ  ذولفي کي چيو پٽ تون ڪنھن بيررون ملڪ جي ڪاليج ۾ تعليم لاءِ ڪوشش ڪر، ھندستان ھاڻ اسان مسلمانن لاءِ  محفوظ ناھي.(1) اولڊ ڪيٿيڊرل اينڊ ڪونان اسڪول جي  شاگرد، پندرھن  ورھين جي زلفي  ڪنھن روحاني پير جيان پر جذباتي انداز ۾  پنھنجي بمبمئي واسي  م