ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

 ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

مجاھد رسول ذوالفقار علي ڀٽو


27 ڊسمبر 2021

ڊاڪٽر آغا انعام اللھ 


نوٽ :

آرٽيڪل ۾ بيان ڪو به مواد فرضي نه آھي  بلڪ  حضرت مدني رحه عليه جي مريدن کان تحقيق بعد تحرير ڪيو ويو آھي. آءُ  سندن بيحد شڪرگذار آھيان، ۽ پڙھندڙن کي عاجزانه  مدني رحه عليه  جي مريدن ۽ پنھنجي حق ۾ دعا لاءِ گذارش آھي . عوام الناس جي آگاھي خاطر الله سائين شل اسان جي اِھا ننڊڙي ڪوشش قبول فرمائي  ۽ سڀني انسانن کي حق ۽ سچ چوڻ، ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي توفيق عطا ڪري .آمين!




1946ع ۾ جناح پنھنجي ڊاريڪٽ ايڪشن پلان جو اعلان ڪري چڪو ھو. سندس پوئلڳن ۾ سھروردي  اشارو سمجھي چڪو ھو ۽ ڊاريڪٽ ايڪشن پلان واري ڏھاڙي ڪلڪتي ۾ منظم طريقي سان احتجاجي مظاھرا ۽ انھن نتيجي جيڪو قتل عام ٿيو، تنھن پٺيان سھروردي جو ھي ھٿ ھو. ھر جاءِ بشمول بمبئي ۾ سخت ڪشيدگي ھئي . شاھنواز پنھنجي پٽ  ذولفي کي چيو پٽ تون ڪنھن بيررون ملڪ جي ڪاليج ۾ تعليم لاءِ ڪوشش ڪر، ھندستان ھاڻ اسان مسلمانن لاءِ  محفوظ ناھي.(1)

اولڊ ڪيٿيڊرل اينڊ ڪونان اسڪول جي  شاگرد، پندرھن  ورھين جي زلفي  ڪنھن روحاني پير جيان پر جذباتي انداز ۾  پنھنجي بمبمئي واسي  محمد علي جناح کي خط ۾ لکيو ته وقت ايندو جڏھن تاريخ لکندي ته ذولفي پاڪستان تان جان قربان ڪري ويو. اھا جزباتي ڪيفيت سندس  ھندو دوست ِپلو مُودي سان ملڻ ۾  رڪاوٽ ڪين بڻي ۽  رات جي پوئين پھر لِڪي پلو سان ملندو رھيو . ذولفي جو بمبئي سان روحاني لڳاءُ ھو. سُندر ڪرڪٽ ڪلب بمبئي پاران ذولفي رائٽ ھينڊ بيٽسمن ڪُڏندو ھو. جڏھن گاندھي قتل ٿيو ته ذولفي پنھنجي يار پلو مودي کي آٿتون دلاسا ڏئي ريجھايو ھو ۽ جڏھن قائد اعظم محمد علي جناح وفات ڪئي ته ذولفي جا ڳوڙھا پلو  جي ھٿڙن اُگھيا.(1)

فرنگي جرنل چارلس نيپيئر 1843ع  ۾  سنڌ فتح ڪئي. ستن سالن جي فرنگي فوجي حڪومت کانپوءِ آخرڪار سنڌ کي سٽي ڪُٽي انگريز وفادار سول بيروڪريسي جي حڪمراني ھيٺ ڏنو ويو. سنڌ جي خدمختاري ختم ڪري بامبي پريزيڊينسي ھيٺ ڊويزن  حيثيت  رکيو ويو. سن 1937ع تائين سنڌ گورنر راڄ ۾ زم ڪري ڪراچي کي سنڌ ۾  انتظامي ڊسٽرڪٽ جو درجو ڏئي ڪمشنري حڪم نامي ھيٺ ”سنڌي “ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏئي روينيو ،  لينڊ ۽ آبادي جي رڪارڊ کي درست ڪيو ويو. ڪمشنر بعد ڪليڪٽر کي ضلعي جي اعلي ا  آفيسر واري حيثيت  حاصل ھئي. ضلعي جي جاگريافيائي حدود، آبادي جي شرح، لينڊ رڪارڊ  کان علاوه ضلعي ۾ رھندڙ ھر بااثر شخصيت جو سڄو رڪارڊ ھڪ مخصوص ڳجھي دستاويز ۾ رکڻ ڪليڪٽرجي  بلي ھوندو ھو. اھي سڀ ضروري معلومات ھڪ ھند جمع ڪري جُلد ڪرائي ڪتاب جي شڪل ترتيب ڏئي رکيو ويندو ھو جنھن کي بلو بڪ             ”Blue Book“      چيو ويندو ھو،  ۽ ان بلو بڪ کي سنڀالي رکڻ ۽  ضروري معلومات درج ڪرڻ ڪليڪٽر جي بلي ھوندو ھو.  ان بلو بڪ ۾ انگريز آفيسر ھميشھ سنڌين کي  دٻائڻ ۽ سختي سان ڪچلڻ جو ھدايتون درج ڪري ويندا ھئا. شاھنواز ڀٽو پنھجي  ڊائري ۾ لکي ٿو ته جڏھن به ڪو نئون انگريز آفيسر لاڙڪاڻو ۾ ڊيوٽي تي چڙھندو ھو ته  سندن دشمن زميندار ۽ وڏيرا ڀٽو خاندان خلاف ان آفيسر جا ڪن ڀريندا ھئا. اھا ساڳي ڳالھ انگريز  ڪالم نويس  سٽينلي وولپرٽ  پڻ پنھنجي ڪتاب ”ذولفي ڀٽو آفي پاڪستان “ ۾ لکي آھي. (4)

سنڌ ڪڏھن به انگريز جي غلامي قبول نه ڪئي ، ۽ پاڪستان جي ٺھڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو. سنڌي مسلمانن سيد احمد شھيد بريلوي جي جھاد  مومنٽ جي پڻ پٺڀرائي ڪئي ۽ انگريزن خلاف 1857ع واري آزادي جي جنگ ۾ جوانمردي سان وڙھيا. ان جي برعڪس  پنجابين ۽ سکن تي مشتمل برٽش فوج جا جٿا برطانوي سامراج جا وفادار سپاھي ھئا.

پير صاحب پاڳاري پنھنجن مريدن کي ھرُ جي لقب سان نوازيو . جڏھن انگريز سامراج کين دٻائڻ شروع ڪيو ته ھُر تحريڪ جنم ورتو جنھن کي برطانيه جي گورنمنٽ آف انڊيا 1871ع جي ڪرمنل ايڪٽ ھيٺ ھُرن تي سچا ڪوڙا ڪيس مڙھي ، جبري جيلّ نيو ۽ کين ڦاھيون  ڏنيون. ھُرن جي ان جوانمردي کان خوفزده  ٿي انگريز سامراج سڄي سنڌ تي 1900ع  کان اھو قانون مڙھي سزائون شروع  ڪيون. ھُر سپريشن ايڪٽ  انھن جبري ايڪٽن مان ھڪ ھو جيڪي انگريزن 1941ع کان 1946 تائين جاري رکيا، ۽ سنڌ ۾ جون 1942ع کان مئي 1943 تائين مارشل لا پڻ ھنيو ويو. پيرصاحب پاڳاري جي ڦاسي کان وٺي پاڪستان جي آزادي تائين ھُرن پنھنجي تحريڪ جاري رکي. ھندستاني مھاجر پاڪستان لاءِ جنھن قرباني جو ذڪر ڪري رھيا آھن ، سي دراصل قرباني لفظ جي معني' کان به  واقف ناھن . جيڪي  ظُلم پاڪستان خاطر سنڌين تڏھن سّٺيا سي  اڄ پڻ  جاري آھن ۽ انگريزن جي وفادارن جي گولين جي نشاني تي آھن. اڳ بنگالين ۽ سنڌين کي ۽ ھاڻ   سنڌين ساڻ بلوچن تي غدار ھجڻ جا ليبل ھڻي کين گولين سان پروڻين لاش ڏنا ويا آھن. 

1965ع واري پاڪ ڀارت جي جنگ ۾ جت پاڪستان جي جوش ۽ ڪاميابن جو ذڪر ڪجي ٿو، ته ات سنڌي ڪئپٽن غازي اربيلو فقير کي ڪير به نه ٿو ساري. جنگ ختم ٿيڻ بعد اعزازت واري تقريب ۾ دنيا ڏٺو ته ٽي شخصيتون اھڙيون ھيون جن لاءِ حال ۾ موجود سڀني اُٿي بيھي تاڙيون پئي وڄايون ۽ انھن لاءِ وڌ ۾ وڌ تاڙيون وڳيون. انھن ٽن شخصيتن ۾ ھڪ ھو ايم ايم عالم، ٻي ميڊم نورجھان ۽ ٽيون ھو ھُر مجارھد غازي اربيلو فقير جنھن کي شروع ۾ ڪمانڊر صاحب ڀرتي ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ھو ته تون عمر ۾ الاھي ننڍو آھين، ڏٻرو آھين، بندوق ئي مشڪل جھلي سگھندي. جنھن تي اربيلي فقير وراڻيو ھو ته ڪمانڊر صاحب ”بت ناھن وڙھندا، غيرت وڙھندي آ، مان جيڪي ڪاروايون ڪندس ان جون خبرون توھان کي ھندستاني ريڊيو ٻڌائيندو“

سنڌ جي بامبي پريزيڊنسي کان عليھدگي پاڪستان جي ٺھڻ ۾ پھريون قدم ھو. جڏھن سنڌي مسلمان الڳ ٿيڻ جي  افاديت مان واقف ٿي ويا ته آل انڊيا مسلم ليگ ، سنڌ کي بامبي پريزيڍنسي کان 1925ع ۾ ڌار ڪرڻ لاءِ  ريزوليشن پاس ڪرايو.  آخرڪار گورنمنٽ آف انڊيا 1935 جي ايڪٽ تحت 1 اپريل 1936ع تي ، سنڌ  ڌار صوبي جي حيثيت پنھنجي الڳ ليجسليٽوّ  اسيمبلي ساڻ نمودار ٿيو. سنڌ پراونشل مسلم ليگ  ڪانفرنس قائداعظم جي صدارت ھيٺ پنھنجو پھريون سيشن ڪراچي ۾ آڪٽوبر 1938ع ۾ منقعد ڪرايو. ان ڪانفرنس ۾ ريزولِيوشن پيش ڪيو ويو جنھن تحت اھا رٿ رکي وئي ته آل انڊيا مسلم ليگ ھڪ آئيني اسڪيم تيار ڪري جنھن تحت بريصغير جا مسلمان ھڪ  مڪمل آزاد رياست  حاصل ڪري سگھن. (3)

آگسٽ 1947ع پاڪستان  بنا ڪنھن ھڪ به گولي ھلڻ جي دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو. 8 سيپٽمبر 1947 ع  تي شاھنواز  ذولفي کي آمريڪا روانو ڪيو.(1) پر جڏھن 1948ع ۾  اڪثريتي آبادين وارن علائقن ڏانھن لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته پھرين ريل گاڏي جڏھن ھندن ۽ سکن جي ڪافلي کي کڻي لاھور اسٽيشن کان امرتسر رواني پئي ٿي ته لاھورين مٿن حملو ڪري قتل عام شروع ڪيو، جنھن جي پلاند ۾ ھندستان پاسي پوءِ مرھٽن، ھندن ۽ سکن گڏجي ھندستاني مسلمان مھاجر جيڪي پاڪستان پئي آيا انھن جو قتل عام شروع ڪيو. گذريل ڪجھ ڏھاڪن کان سياسي برتري جي حصول خاطر پاڪستان جي جدوجھد ۾ پنھنجي قربانين جا ڪوڙا داستان گھڙي ھندستاني مسلمان مھاجرن جي اھا دعوي' ته سندن پاڪستان جي آزادي ۾  وڏڙن جو رت شامل آھي، سراسر غلط آھي. پاڪستان آزاد مملڪت جي حيثيت ۾ بنا ڪنھن گولي ھلڻ جي  جُڙي چڪو ھو جنھن جو اعتراف قائد اعظم محمد علي جناح پنھنجي تقرير ۾ پڻ ڪيو آھي. پاڪستان جي آزادي ۾  دراصل بنگالين ۽ سنڌين جو  رتُ ۽  پگھر شامل آھي . ورھانڱي  دوران وڳوڙن ۽ قتل و غارت پٺيان  برصغير ۾ ھندو مسلمان کي ھميشھ وڙھائي ڪمزور رکڻ جي سازش ۾ رائل برٽش ھائوس ۽ انھن جي ھت موجود ايجنڊن جو ھٿ ھو. ان  حقيقت کي چاڪ ڪرڻ ۾ اقوام متحد جي اڳوڻي سربراھ بانڪي موون جي ويجھي ساٿي ڊاڪٽر ڪشور جي دوست ھيمنت ڪمار وڌواني تفصيلي تحقيق ڪئي آھي. مون سان ان تحقيق بابت وڌواني صاحب 2010ع جي سپر فلڊس دوران ذڪر ڪيو جڏھن آءُ اقوام متحدھ پاران شڪارپور ۾ ڊسٽرڪٽ ڪوارڊينيٽر طور ڊيوٽي سرانجام ڏئي رھيو ھيس. 

عِلم جُوتش ۾  سّياري مريخ کي حڪمران سيارو سمجھو ويندو آھي. توھان جي خصلت ۾ جدت، جوش، ولولو ، جنون ۽ جنگ  ,سياري مريخ جي طلسماتي اثر ھيٺ رھي ٿي .

مريخ جي بُرج جدي ۾ داخل ٿيڻ کان ڏھ ڏھاڙا اڳ بُرج جدي  سان تعلق رکندڙ   وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان کي پھريون آئين ڏيڻ جي جاکوڙ  جي دوران  سندس ڪيبينيٽ  قومي اسيمبلي  جي گھرايل اجلاس ۾   آئين  کي قبول ڪرڻ جي مسودي تي صحيون ڪيون ۽  19 اپريل 1973 تي متفقه راءِ سان پيپلز پارٽي پاڪستان کي پھرين آئين جو طحفو ڏنو. ٺيڪ  پنج سال يارھن مھينا ۽ يارھن ڏينھن بعد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاھي ڏئي شھيد ڪيو ويو.

سيپٽمبر 3،  1977

فيڊرل انويسٽيگيٽنگ  ايجنسي جي تفشيش مڪمل ٿيڻ بعد وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو کي گرفتار ڪيو ويو.

18 مارچ، 1979

صبح جو اٽڪل ساڍي نو´ لڳ ، بظاھر نااميد معذول وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوٽ لکپت جيل جي ڪال ڪوٽڙي ۾ آندو ويو. جيل وارڊن کيس ڪلام پاڪ ھٿ ۾ ڏنو. ذوالفقار جي ذھن تي ھوٽل ميٽروپول ڪراچي واري  ھڪ ڪمري ۾ رسول ڪريم جن جي قاصد سان ٿيل ملاقات ۾ چيل  يقينن اھو جملو واڪا ڪندو ھوندو، ته  شھادت جو رتُبو ماڻڻ ايڏو سولو ته ناھي. جي ڀٽو چاھي ھا، ته سڀ اُلٽ  ٿي پئي سگھيو، آمريڪا سان سمجھوتو ڪري  ائٽمي راز  واشنگٽن کي ڏئي معافي وٺي پنھنجي جان  بچائي ٿي سگھيو.

درحقيقت ان کان وڌيڪ حيرت انگيز ڳالھ ته اھا آھي جو ھڪ عرب کان وڌيڪ آبادي واري مسلمان امت جي مرڪز ”حجاز مقدص“ جي حڪمرانن کي ڇڏي اھو اعزاز پاڪستان جي ھڪ سنڌي چونڊيل وزير اعظم کي مليو ۽ ان شھادت لاءِ  وري اھڙو  حڪمران شخص چونڊيو ويو جھنجو نالو ذوالفقار ھو. نه صرف اھو پر قاصد جي نالي ساڻ پڻ مدني سنڌي لکيو ويندو آھي. اھو محز اتفاق نه پر سمجھڻ وارن لاءِ اشارو آھي. جيڪو ڪم ذوالفقار کان ورتو ويو ، ڇا اھو احسان تمام امت مسلمه  ڪڏھن لاھي سگھندي !!!  اڄ اُھي جاھل جيڪي  سندس نياڻي شھيد محترمه  بينظير ڀٽو جي واتان چيل ان مشھور نعري  ”زنده ھي ڀٽو زنده ھي تي جيڪو تمسخر ڪري رھيا آھن، انھن احمقنن کي ڪير سمجھائي ته اھو تمسخر توھان ذوالفقار دشمني ۾ اُن تي نه  بلڪ رسول ڪريم پاران ڪيل ان واعدي تي ڪري رھيا آھيو جيڪو سندس قاصد ٻڌائي ويو ته ذوالفقار توکي تاريخ ۾ رھندي دنيا قيامت تائين امر ڪيو ويندو.

3 اپريل 1979

جرنل ضياءَ  جي اردلي عابد پنجابي ، مدني رحه عليحه جي مريد کي ٻڌايو ته ميجر طارق محمود، ذوالفقار علي ڀٽو ڏي ڪوٽ لکپت سندس ڪال ڪوٺڙي ۾ ويو  ۽ بنگلاديش جي آزادي جي زمينواري قبول ڪرڻ واري ڪُوڙي ٺاھيل دستاويز تي  صحيح ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. ڀٽو صاحب  ڪاوڙ ۾ اچي ميجر صاحب جي منھن ۾ ٿُڪيو، جنھن تي ميجر صاحب مھيني کان وڌيڪ بُکون ڪاٽيندڙ   ڏُٻرو  ٿي ويل ذوالفقار  کي ھڪ زوردار ٺونشو ھڻي ڳاٽاڙي ڀڃي وڌي. عابد پنجابي ٽي سال اڳ 2018ع ۾ گلي جي ڪينسر وگھي دم ڌڻي حوالي ڪيو. ذوالفقار کي شھيد ڪرڻ بعد ڦاھي ڏيڻ لاءِ  اسٽريچر تي جيل مينيول جي مطابق  ڦاھي لاءِ مقرر وقت کان اڳ اسٽريچر ڦاسي گھاٽ تي رکي جلاد تارا مسيع کي جڏھن گھرايو ويو  ته تارا مسيع اھو چئي جواب ڏئي ڇڏيو ته نه بابا مان ھڪ نيڪ عيسائي آھيان مون کان اھو ڏوھ  ڪونه ٿيندو، مان ھڪ مئل شخص کي ڦاھي نه ڏيندس

4 اپريل 1979

ريڊيو تان اعلان ڪيو ويو ته وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽي کي پنجن ججن جي بينچ جنھن جي سربراھي مولوي مشتاق ڪري رھيو ھو، ان پاران ٻڌايل سزا تي عمل ڪندي کيس ڦاھي چاڙھيو ويو.

 

 

ميٽروپول ھوٽل ڪراچي  7 ڊسمبر 2021

 

محمد علي جناح جي گھر جي آمھون سامھون  ميٽروپول ھوٽل جي چورس بلڊنگ ۾ پوئين پاسي ھڪ پراڻو گيٽ  آھي جنھن جي بنياد  ۽ پاسن کان بيٺل ھيڊرا  پلر مون کي مڪلي جي ڪنھن زبون اوائل کنڊر ۾ ڀُرندڙ ،  ماتمي تاريخ جي عّلم جيان  رت ۾ ريٽيل  ۽ جُھريل پئي لڳا.

ھوٽل جي چوطرف مختلف ڪمپنن جا دوڪان ته آھن پر انھن مٿان اڏيل خالي ڪمرن جي پٽيل کڙڳين ۽ نڪتل دروازن جو ڏيک  بغداد ، شام ۽ غزه   تي  وسندڙ  بارود  جي زّد ۾ تباھ ٿيل ڪنھن ويران اُجڙيل عمارت جيان پئي لڳو .مرڪزي  گيٽ لڳ ھڪ ننڍي  اڌ ٻيڪڙيل لوھي دروازي منجھان داخل ٿيڻ بعد مون ساڻ دوست نويد ڀٽو ۽ مان سيڪيورٽي گارڊن کي اندران  گھمئائڻ لاءِ  التجا ڪئي.   پر ٻڌايائون ته اجازت ناھي . تنھن ھوندي به اسان جي بيحد اسرار تي  انٽرڪام تي ھوٽل جي مالڪ سان ڳالھرايائون, جنھن پھريان ته اھو چيو ته اجازت ناھي ڇاڪاڻ جو ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آھي. پر اسان کين زٽ ھنيو ته ٽوئرسٽ آھيون ۽ اسان جا وڏڙا جن پاڪستان جي ٺھڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو سي به ات اچي قيام پزير ٿيندا ھئا. سو وڏڙن واتان اھي قصا ٻڌڻ بعد تجسس ٿيو ۽ دل سٽ ڏني ته ھوٽل جي اجڙيل لابي ، ۽ خالي ڪمرن ۾ وڃي ان خوشبو ۽ احساس کي محسو س ڪيون.

در حقيقت اسان انھن ويران ڪمرن جي پٽيل در درين  منجھان گذرندڙ سج جي اداس ڪرنن جي روشني ۾ چلڪندڙ  ڀٽڪيل ماتمي مٽي جي انھن ذرن  ۽ جنھن خوشبو کي محسوس ٿي ڪرڻ چاھيو سا رسول ڪريم جي نياپيدار حضرت مدني رحه عليه ۽ حضور جن جي  مجاھد ذولفقار علي ڀٽي جي  ماضي ۾  ات ٿيل ان تاريخي ملاقات ، ۽ سندن  وچ ۾ ٿيل ان گفتگو جي ھئي جيڪا مون ٿوري ڪي گھڻي  حضرت  مدني رحه عليه جي ھڪ مريد واتان ڇھ کن ورھيه اڳ ٻڌي ھئي. الائجي ڪيئن اسان جي ان ٽيليفونڪ گفتگو کي ڪنھن ٻڌو ۽ ڪنھن نياز ي ڪالم نويس ٽوڙي مروڙي  31 ڊسمبر 2017 تي اخبار نواءِ وقت ۾ ڪفن پوش ڀٽو نالي ڪالم ھيٺ شايع ڪرائي.جنھن بعد ان واقعي جي تفصيلي جانچ جي تجسس مون کي سندن موجود حال حيات پراڻن مريدن کي ڳولھي ۽ کائن صحيح تفصيل حاصل ڪرڻ تي دل ڏاڍو بيتاب ڪيو.

ھوٽل جي مالڪ جي اجازت جي انتظار ۾ ھئا سين ۽ اڃان مٿان ڪنھن کان اجازت گھرڻ لاءِ  ڏھ کن منٽ گُھريا ويا. پر پنجن منٽن اندر انٽرڪام تي اھو ٻڌايو ويو ته اجازت ناھي ان شھيد ٿيل احساسن جي مقبري تي عبادت  ڪرڻ جي.  مھرباني ڪري ھليا وڃو.


ھوٽل ميٽروپول

مجبور" ميٽروپول جي اولھندي  پاسي روڊ ڪراس ڪري پري کان ايڊورڊ  بلڊنگ جي ڪُنڊ کي  ٽيڪ ڏئي بيھي نويد فوٽو ڪڍيا. منھنجي نظر ان لمحي سوچ جي سمونڊ ۾ جھوٻيندي  ساڄي طرف  دو تلوار لڳ 70 ڪلفٽن ٻاھر دنگ ڪيو ۽ اچانڪ شھيد مرتضي'  تي وسندڙ گولين جي گجگوڙ  مان ڇرڪ ڀريندي نظر وري کاٻي پاسي  ٽُٻي ھنئي ۽ جّبيس ھوٽل جي ڪنھن کڙڪي منجھان واڪا ڪندڙ شيخ مجيب الرحمان جي رڙين تي واپس وري .

 ادا اھي 6 نڪتا ڪنھن قران جو صحيفو ته ناھن جو تبديل نه ٿيندا، پر آغا اسان سا ڪو ڳالھائي به ته صحيح!! اسان سان جرنل يحيا ڳالھائي به ته سھي يار !! (2) 

ھل !!! وري ڪاڏي ھليو وئين. ھل ادا ھلون سنڌ سيڪريٽريٽ به ڪم آ. نويد پيٽ ۾ رگھو ھڻي بيدار ڪيو.

مون به پنھنجي سيل فون سان فوٽو ڪڍڻ شروع ڪيا ۽  مٿين قطار جي وچين کڙڪين ۾ حضرت  مدني رحه عليه ۽ ذوالفقار تي نظر پئي.

 

 

ميٽروپول ھوٽل ڪراچي  جنوري 1974

 

پاڪستان جي مشھور قانون دان شڪارپور واسي  اي ڪي بروھي صاحب ۽ جماعت  اسلامي  جي اڳواڻ  ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر مولانا ڪوثر نيازي  وزير اعّظم ھائوس رابطو ڪيو.

سر ھڪ نيڪ شخص مديني پاڪ کان آيل آھي ۽ توھان سان ملڻ پيو گھري . ٻڌائن ٿا ته نبي پاڪ محمد صلي الله عليه  واله وسلم جي بارگاھ مان اوھان لاءِ پيغام کڻي آيا آھن. سو  اوھان سان ملڻو اٿن. ڇا حڪم آھي؟

 اُھو ڀٽو جنھن لاءِ اھو مشھور ھو ته ھو ھڪ زاني، شرابي، تمام مغرور شخص آھي. جيڪو زندگي جو بيشتر حصو مغربي تھذيب جي رنگينن مان لطف وٺندو  رھيو. تھنکي مذھبي رسم رواج ۽ ريتن جي ڪھڙي خبر، عالم ارواح ، ديوانِ  اُوليا جي ڪھڙي  سُڌ ، بزرگانِ دين لاءِ  ادب احترام  جي ڪھڙي پروُڙ ۽ انھن کي عطا ڪيل طاقت جي ڪھڙي سُڌ. ان کان علاوه  وقت جو وزير اعظم ۽ ان ڪرسي سان لاڳاپيل ضروري حفاظتي پروٽوڪال. پر جيئن ئي علامه  ڪوثر نيازي ۽ اي ڪي بروھي جن ڀٽي کي اھو پيغام رسايو ته ذوالفقار جي واتان بي ساّخته  اھو جملو نڪتو ته سائين جن ڪٿي رھيل آھن، ٽائم وٺو ته ھلونس. ٻڌايو ويس ته ڪراچي ميٽروپول ھوٽل ۾ قيام پذير آھن. خاص اوھان کي  پيغام پھچائڻ آيا آھن.

حضرت مدني سنڌي رحه عليه 1936ع ۾ مديني پاڪ ھجرت ڪري ويا ھئا پر سنڌ ۾ پڻ پنھنجو آستان موجود ھين. حضرت مدني رحه  عليه ذوالفقار آڏو  نبي پاڪ صلي الله واله وسلم جن جو  پيغام ورجائي  ٻڌايو.

ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه واله وسلم فرمائن ٿا ته اسان گذريل ستر ورھين کان قاديانين کي امت ۾ برداشت ڪيو آھي. ھاڻ وڌيڪ نه ! لحازه  اوھان لاءِ اھو حڪم آھي ته توھان قانوني ۽ آئيني طور قاديانين کي ڪافر قرار ڏيو. جي توھان کان اھو ڪم نه ٿيو ته پوءِ توھان جي جاءِ  تي ڪنھن ٻي کي آڻي ان کان ڪرايو ويندو. اھو ھر حال ۾ ٿيڻو آھي.  ڇا ٿا چئو!!!

ذوالفقار ھاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيندي ، پريشان لبن ٿڙٿڙائيند ي  ڀُڻڪيو ، سائين ھا! ڪندس.

ذوالفقار تي حضور جن جي پيغام  جي دھشت طاري ھئي . اڃان ان ڪيفيت مان نڪتو ڪونه ھو ته  حضرت مدني رحه شيطان جي ڪنھن ممڪنه حملي يا ورغلائڻ جي ڪوشش کان پھريان فرمايائن  ته ڀُٽا !!! دين ٿو کپئي يا دنيا !!! شھادت کپئي !!!

ذوالفقار اُت مسڪرائيندي وراڻيو  ھا سائين کپي. حضرت مدني سنڌي رحه فرمايو ته اسان کي اھو اختيار ڏنو ويو آھي جي توھان ان ڪم لاءِ  راضي ٿيو ته جي بدلي ۾ شھادت کپي ته ھاڪار ڪيون. پو جيئن چئو؟

ذوالفقار ھن ڀيري پختا ارادي سان  خواھش ظاھر ڪئي ته جي سائين ھا شھادت کپي.


ڪٿ مھر علي ڪٿ تيري ثنا، گستاّخ اکيان ڪٿي جا اڙيا

 

اسلام آباد جي حدن ۾ ھڪ ننڍي وسندي گولڙا شريف به آھي. جيڪا ويھين صدي جي چشتيه سلسي جي صوفي اسڪالر ۽ بزرگ حضرت  پير مھر علي شاھ سان منسوب آھي. ھڪ ڏينھن سائين جن پنھنجي حياتي ۾  ڪنھن خاص مريد  کي حڪم ڪيو ته قاديانين جون تصنيف ڪيل جيڪي به اشاعت آھن تن جو جلد پھريون ھٿ ڪري صندوق ۾ بند ڪري رکو . سائين جن ٿورڙي عرصي بعد يارھين مئي 1937ع  ۾ خالق حقيقي سان وڃين مليا. سائين جن جي موڪلائن بعد مريد پريشان ٿيو ته انھن ڪتابن جمع ڪرڻ واري ڪم جو ڇا ڪجي !! ھڪ ڏينھن ان مريد کي مرشد مھر علي شاھ جي خواب ۾ زيارت نصيب ٿي ۽ کين حڪم ٿيو ته بابا توھان پنھنجو ڪم جاري رکو ۽ اسان جي ٻي حڪم جو انتظار ڪيو، جڏھن اھو وقت آيو ته ٻڌائبو ته ڪتابن جو ڇا ڪرڻو آھي. سچو حڪم سمجھندي فوري تعميل ڪندي ڪو ڪتاب پٺتي نه ڇڏيو ويو ۽ صندوق ڀرجندو رھيو.

ميٽروپول ۾ ٿيل ڪچھري بعد حضرت مدني رضه الله تعالي' پنھنجي شھر موٽي آيا ھئا. جت سندن آستان پنھنجي مرشد جي مرقد کان اٽڪل 40 گزن تي آھي. ڪجھ عرصو گذرڻ  بعد وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان فون تي رابطو ڪيائون.

ڀٽو صاحب توھان ڇا ڪيو اُن ڪم جو!!

سائين مان پريشان آھيان ، ڪم ڏاڍو ڏکيو آھي

بابا ته شھادت جو رتبو ماڻڻ ڀلا ڪو سولو ڪم آھي ڇا!!!

جي سائين بلڪل ڪيون ٿا، قانوني نڪتا پيو ڳولھيان.

توھان اسان جي ميٽنگ جو بندوبست ڪيو ، اسان توھان جون قانوني پيچيدگيون آسان ڪيون ٿا.

حضرت مھر علي شاھ جي مريد خاص کي ھڪ ڀيرو ٻيھر مرشد جي زيارت نصيب ٿي ۽ ھن ڀيري حڪم ٿيو ته صندوق کڻي حضرت مدني رحه  تائين پھچايو. اھو وقت اچي پھتو جنھن لاءِ سائين مھر علي مريد خاص کي چيو ته توھان ڪم جاري رکو. 37 ورھين بعد آخر اھو حڪم صادر ٿيو جنھن جي ڪڙي ذوالفقارعلي  ڀٽو ۽ حضرت مدني رحه وچ ھوٽل ميٽروپول ۾ ٿيل اُن ملاقات سان ملي ٿي.

بحڪم مُرشد مھر علي ھُوڏانھن 107  ورھيه جي ڄمار رکندڙ خوشنصيب مريد خاص صندوق کڻي ريل رستي سنڌ روانو ٿيو،  ۽ ھيڏانھن بِنا ڪنھن اطلاع ملڻ جي ولي الله حضرت مدني رحه پنھنجن خاص موجود مريدن کي حڪم ڪيو ته ھڪ ضعيف العُمر شخص  ڳّرو صندوق کنيو  اچي رھيو آھي تنھن ڪر ي توھان سندس  باعزت استقبال لاءِ ريلوي سٽيشن روانا  ٿيو.

حضُور محمد مصطفي' صلي الله عليه واله وسلم جي حڪم جي تعميل ۾ وزير اعظم پاڪستان ذوالفقار علي ڀٽو ، حضرت مدني سنڌي رحه جي مشوري مطابق قانوني پيچيدگيون دور ڪرڻ خاطر اِجماع اُمت جو سڏ ڏنو  جنھن ۾ ھر فرقي  ۽ فقه جي جّئيد عُلمائن  مشائخن شرڪت ڪئي .

 ۽ پوءِ  صندُوق کليو....................

باوجود ان حقيقت جي ته حضرت مدني رحه ڪڏھن ان صندوق کي کولي ڪونه ڏٺو ھو. تنھن ھوندي بج اُت  موجود عُلمائن کي صندوق مان نڪرندڙ  قاديانين جي تحرير ڪيل ڪتابن بابت  صفحا نمبر ۽ ھاشيه حوالي طور پڙھڻ لاءِ ھدايتون ڏيندا رھيا. انھن تحريرن جو بخوبي مطالعو ڪرڻ بعد، بيان ڪيل مواد جي روشني ۾ اھا ڳالھ سڀني موجود عالمن سامھون  روز  روشن جيان عيان ٿي وئي ته قاديانين جي اُمت ۾ ڪا به گُنجائش ناھي رھي. ان باوجود پارليامينٽري ڪميٽي قاديانين کي پنھنجي صفائي بيان ڪرڻ لاءِ پندرھن ڏينھن جو وقت ڏنو.

 پارليامنٽ قاديانين پاران ڪنھن به قسم جو جواب نه اچڻ بعد  حتمي فيصلي جو ڊرافٽ  تيار ڪرائي وزير اعظم ڏي صحيح لاءِ  اماڻيو. 7 سيمپٽمبر1974ع  رات جو اٽڪل يارھين بجي  ذوالفقار علي ڀٽو حضور پاڪ جن جي حڪم جي تعميل ڪندي ان ڊرافٽ تي صحيح ڪرڻ دوران مسڪرائيندي فرمايو ته مان اڄ پنھنجي ڊيٿ وارنٽ تي صحيح ڪري رھيو آھيان. ڀٽي صاحب کي يقينن رسول ڪريم جن کان عنايت ٿيل شھادت ملڻ وارو تحفو ياد  اچي ويو. 

تمام عُلما ۽ پوري امت مسلمھ  وٽ عيد جو سما ع  ھيو .


بعد نماز فجر، حضرت مدني سنڌي رحه عليه جي جڏھن نظر صبح واري اخبار جي ان سُرخي تي پئي ته  قاديانين کي آئيني طور تي ڪافر يعني غير مسلم اقليت قرار ڏنو ويوآھي ته حضرت مدني سنڌي رحه عليه  ھڪدم ذوالفقار علي ڀٽو کي مبارڪ جو فون ڪيو. بيحد خوشي جو اظھار ڪرڻ بعد ڀُٽي صاحب  کي فرمايائون ته بابا شھادت جو واعدو توھان سان اڳ ئي آھي، جي توھان چاھيو ته توھان کي تا قيامت تاريخ ۾ امر ڪيو وڃي!! ھاڻ ٻڌايو توھان کي ڇا کپي ؟ تاريخ ۾ امر ٿيڻ ٿا چاھيو! يا شھادت جو رُتبو!  اڄ اھو ڏينھن آھي جو توھان جيڪي ڪجھ گھرندا اُھو پورو ڪيو ويندو. ذوالفقارعلي ڀٽو  معصومانه انداز ۾ التجا ڪئي ، سائين ٻئي کپن. ھڪ ڀيرو ٻيھر سائين مدني رحه عليه مسڪرائيندي  فرمايو  بابا اھي ٻئي توھان کي ڏنيون، ان کان علاوه جيڪي کپي ، اڄ گھرو!!!!!!!!! جنھن تي ذولفي وراڻيو سائين مان انتھائي گناھ گار  انسان آھيان ، ھڪ گناھ گار شخص کي ان ٻن نعمتن بعد ٻيو ڇا کپندو!!!

۽ پو تاريخ گواھ آھي، پنجن ورھين بعد ذوالفقار علي ڀٽي کي ھڪ آمر ڪوڙي ڪيس ۾ آمريڪا جي سازش سان شھيد ڪري ڇڏيو. اڄ سندس جي شھادت کي 42 ورھيه گذري چڪا، ڪنھن کان وسريو آھي ڀُٽو!!!!!

 اڄ به سندس مرقد تي ميلا آھن ۽ قران جو ورد ، جڏھن ته جج مولوي مشتاق جي جنازي تي مکين جو حملو توھان ڏٺو.

 ضياءُ جو حيبتناڪ موت توھان کي ياد ھوندو، سندس قبر تي ڪُتا ٿا اُونھائن ۽ ٽڪيسي واري کان رستو پڇو ته جبڙا چوڪ چوندو. 


ميجر طارق محمود جنھن ڀُٽي کي ٺونشو ھڻي سندس ڳاٽاڙي
  ڀڳي سو برگيڊيئر جي عھدي تي ته پھچي چڪو ھو، پر ذولفي جي پنڪي شھيد محترمه بينظير جي 1988ع ۾ اقتدار ماڻڻ کان سال بعد 29 مئي 1989ع ڏھاڙي پروردگار پنڪي کي ذولفي جو پلاند سندس اکين آڏو ڏيکاريو.   جڏھن  محترمه راھ والي گجرانولا ۾ ايس ايس جي ڪمانڊوز پاران منقعد ڪيل فري فال شو ۾ وزير اعظم پاڪستان ۽ مهمان خصوصي طور شرڪت لاء ويل هئي ته جهاز مان ٽپو ڏيڻ بعد برگيڊيئر جي ڇٽي ڪانه کُلي ۽ ڳاٽھاڙي ڀر پٽ تي ڪري دم ڏنائين.

اڄ ڪالھ جي واٽسيپي دور ۾ اڪثر ڀٽو خاندان سان منسوب ان نعري ”زنده  ھي ڀٽو زنده  ھي“ جو تمسخر ڪيو ٿو وڃين، جنھن ۾ پھنجا  ڪجھ سنڌي پڻ پيش پيش آھن. عوام بک مري وئي ڀٽو اڃان زنده آھي, يا جيسين ڀٽو نه ٿو مري قوم  خوشحال نه ٿيندي، وغيره  وغيره.

انھن احمقنن کي ڪير سمجھائي ته اھو تمسخر توھان ذوالفقار دشمني ۾ اُن تي نه  بلڪ دانسته يا غير دانسته رسول ڪريم پاران ڪيل ان واعدي تي ڪري رھيا آھيو جيڪو سندن قاصد ٻڌائي ويو. ته  ذوالفقار رسول جي دل آزاري ڪندڙ انهن قاديانين کي ڪافر قرار ڏيڻ جي بدلي توکي شھادت جي رُتبي سان گڏ تاريخ ۾ رھندي دنيا  تا قيامت امر ڪيو ويندو. پر افسوس !!!! احسان فراموش ھي قوم !

 

                                                              ................................................................

 حوالا

References:

1.   The curious legal case of Zulfiqar Ali Bhutto - Bar and Bench

https://www.barandbench.com › Columns

 

 

2.   سياسي جوار ڀاٽا

مينر احمد منير

3.   Sindh`s role in Pakistan movement - DAWN.COM

https://www.dawn.com › news › Sindh-s-role-in-Pakistan...

 

4.   Who has destroyed the Blue Book? - The Nation

https://nation.com.pk › 05-Dec-2015 › who-has-destro...

 










 



















Comments

Popular posts from this blog

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI