اياز سان ملاقات

 اياز سان ملاقات

3 جولاءِ   2021

ڄام شورو

 

ڪو وقت ھو حيدرآباد جي رڪشائن جي غل کان ڏور ڄام شوري جي رومانوي فضا ۾  ڪنهن ادبي اقابر سان ڪچهري لاء يا ھرو ڀرو  به روميو ڏسجڻ لاءِ نڪري وڃبو ھو. سنڌ يونيورسٽي جي ڪنھن به شعبي ۾ زير تعليم رھيل شخص جي زندگي جي تسلسل جو مھور ڄام شورو جي يادن سان مربوط رھي ٿو.

 ايل ايم سي جي اڪيڊمڪ زندگي وارا سال ۽ ان سان لاڳاپيل لمحا ڪنھن کان به ناھن وسريا.

 المنّظر جي سامھون اوڀر واري  ڪپ جي   واري تي ڊسمبر جي ھڪ سرد   رات   سترھن ورھين جي برطانوي ناري ڪيري  پامر پڻ  پنھجي سنڌي محبوب ساڻ ملھايل  ماشميلوز پارٽي  ۽ چانڊوڪي ۾  باھ  جي ان مچ جي عڪس پٺيان ترندڙ    مائي خيري  مھاڻي  جي ڪٽار ڏانھن لوڏيندڙ ھٿ واري ان لمحي کي ياد ڪندي  روئي پوي ٿي ته منھنجي تصور ۾ ان  پل ان ايندڙ لمحي دل دھلايو جڏھن آئون  توکان ڏور ايئن آخري ڀيرو ھٿ  لوڏيندي  ھلي ويندس. پنجٽيھ ورھيھ اڳ ملھايل اھا شام  کيس اڄ به ياد آھي.

سنڌو  پار ڪرائيندڙ  ڄام شوري واري پل تي  ڪلھ پھرين اسپيڊ بريڪر ڪراس ڪرڻ شرط ئي  کاٻي پاسي  86ع  ڏانھن نھاريندي ، نظر اينٽارٽيڪا جي برف جيان فريز ٿي وئي . سيل فون جي رنگ تي غيرشعوري واري ڪيفيت ۾ اسپيڪر آن ڪيم. ڊاڪٽر سنڌو ھڪل ڪئي، آغا آئون پل تي آھيان توھان ڪٿي پھتا آھيو. المنظر تي منھجو انتظار ڪجو. سنڌو  کي اياز سان ملڻ جي جنون   منھنجي اياز لاء بيتاب سڪ کان وڌيڪ پئي ستايو .

رابيلا جو فون بند ھو. اچي پريشان ٿيس. اياز گھر تبديل ڪيو ھو. ڪيئن ڳولھبو. دوست امين ابڙي کي فون ڪري تنگ ڪندو رھيس ان گھٽي ۾ ته امين پھچايو پر نه ڪو بني نه بشر، ڪيترن گھرن جون بيل وڄائجن. ڳولھيان ڳولھيان ملھان ، شال م ملان  ھوت. شاھ سائين جي شعر واري ھيلوسنيشن شروع  ٿي وئي .

  سنڌو جنھن گيٽ آڏو بيٺل ھئي تنھن منجھان نڪرندڙ ھڪ اڇن ڪپڙن ۾ ملبوس نانگا پربت جي برف جيان  ڍڪيل اڇي ڏاڙھي ۾  لڪيل چھري واري شخص کان پئي پڇيائن _بابا توھان کي اياز عالم ابڙي جو گھر خبر آھي؟ مون ڊوڙ پاتي ، سنڌو  وارو اھو بابا  اياز عالم ئي ھو. 

اياز جي گيٽ تي مھنجي سنڌو سان اھا پھرين ملاقات آھي ۽ سنڌو جي اياز سان.




ڏھن ورهين بعد جگري اياز عالم سان روح ريحاڻ ٿي. سنڌس نياڻيون امر ڪلا ۽ رابيلا  اياز جيان ٽئلنٽڊ آھن. ارون ڪنھن اين جي او جي انٽرويو لاءِ  ٻڌايان ءِ  ته خيرپور ويل آھي. اياز ڀاڪر ۾ به الاهي ڪمزور پئي لڳو. اکين تي موتي پاڻي ديد جهڪائي ڇڏي اٿس. پر سنڌس مسڪراھٽ اڄ به باک جيان حسين , پر اميد نئين اڀرندڙ سج جي پهرين ڪرڻ جيان اجالي.  موڪلائڻ مهل لڙڪ احتجاجن حدون پار ڪري ويس. وري ڪڏھن ايندي انعام!!!!

آخري ڀيرو طارق جي وڇوڙي جو ڏک ونڊڙ ويو هو مانس

سنڌ جو هي عظيم ليکڪ پنهنجي معصوميت ۽  خداري ڪارڻ دنيا کان اوجهل آھي.

جت ڄام شوري جي ڇڙواڳ ھوائن پراڻا لٽيل پور اڊيڙي وڌا ساڳي وقت ڪاله 29 ورهين بعد پهريون ڀيرو سنڌو ۽ رابيلا ساڻ ايل ايم سي ۾ سومري جي ڪئنٽين تي اياز ساڻ ڪڏھن نه وسرندڙ حسين شام گزري.




Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI