اجرڪ خدا جي وجود جو قديم اقراري اھڄاڻ ۽ روحانيت جو عَلم

 

اجرڪ خدا جي وجود جو قديم اقراري  اھڄاڻ ۽ روحانيت جو عَلم

ڊاڪٽر آغا انعام الله

10 نومبر 2021

 

سترھين صدي ۾ گجرات ۾ ايندڙ قحط  انگريزن جي قسمت جا دروازا وڌيڪ کولي ڇڏيا جڏھن انھن تازي خام مال جي واپار کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي. سنڌ ۾ تن ڏينھن مخصوص سنڌي ڪاٽن ۽ نير رنگ جي پيداوار تمام گھڻي مقدار ۾ ۽ موزون قيمت تي دستياب ھوندي ھئي.  نير رنگ بريصغير جي ھڪ خاص نير نالي ٻوٽي منجھان حاصل ڪيو ويندو ھو.


 صوفين ۽ ولين جي ڌرتي سنڌ جي رڳ رڳ ۾ روحانيت ۽ تصوف جو تاثير سمايل آھي.هتان جي لوڪ جي رھڻي ڪھڻي ،  پھرياڻ، کاڌ خوراڪ، ڪاڄ ڪانڌپا، موسيقي، ريتون رواج, مطلب ته ھر عمل  روحانيت جي روغن سان ريٽيل ھو. ھزارين ورھيه پراڻي ھن تھذيب  ۾ اجرڪ کي خاص احميت حاصل آھي. اجرڪ ڪنھن مملڪت جي جھنڊي کان وڌيڪ عظيم، محبت جو ´علم، ڪنھن ولي جي مرقد تي پيل پڙ جيان پاڪ ۽ ڪنھن شھنشاھ جي جسم سان اوڙھيل شانائتي لباس واري حيثيت رکي ٿو . 



ان اجرڪ ۾ جيڪي مک ٻه رنگ ڇريل رھن ٿا، جن ۾ ھڪ نيرگ (Indigo) ۽ ٻيو ڳاڙھو ريٽو (Crimson) تن جي  پڻ روحاني احميت آھي.  قديم بائبل صحيفي ۾ ان ڳاڙھي رنگ  کي خدا جي وجود جي حقيقت ، عاشقن معشوقن جي پاڪ محبت ۽ شھيدن جي رت  جي شان کي اجاگر ڪرڻ جي نسبت  سان جوڙيو ويو آھي. جڏھن ته نير جي احميت روحاني علم، علمِ غيب ۽ انسان جي اندر واري اک، عقل ۽ فھم  سان تشبيح ڏنل آھي.  ڳاڙھو ريٽو رنگ  دراصل ڪرمس (Kermes )رنگ آھي جيڪو ھڪ خاص قسم جي مادي جيت  ڪرمس ورميلو  (Kermes Vermilio ) مان حاصل ڪيو ويندو آھي.



 اھا ڪرمس ورميلو مادي جيت شاھ بلوط (Oak) جي  ھڪ ناياب اڻ لڀ درمياني قد (Shurb )جي وڻ ۾ ملي ٿي. اھي مخصوص شاھ بلوط جا وڻ (Quercus coccifera ) ھماليه پھاڙي سلسلي کان علاوه  ميڊيٽرينين خطي، اتر افريڪي مغرب، موراڪو ۾ ڏکڻ کان اتر، فرانس، پورتگال، سائپرس ، ترقي، اسپين، اٽلي، ليبيا ۽  يونان ۾ پڻ ملن ٿا.

ان کان علاوه  افغانستان ، پاڪستان، جمو ڪشمير، ڀارت ۽  ھماچل پرديش ۾ موجود آھن. ھماليه  پھاڙي سلسلو جيڪو انھن ملڪن ۽ بشمول اوڀر افغانستان وارو اھو ھماليه جابلو حصو جو ڪنھن وقت سنڌ ھو،  انھن شاھ بلوط وڻن جو اصل ديس آھن. ان بلوط ڪاٺي کي پاڪ  سمجھيو وڃين ٿو . انھن  جيتن کي ڳاڙھي ريٽي رنگ لاءِ  زمانه قديم کان مصرين، ميسوپوٽيميا تھذيب وارن ، سنڌو ماٿري جي رھواسين، يونانين، رومين، ۽ ايرانين استعمال ڪيو آھي.

اھا قديم  سنڌ جيڪا ھاڻوڪي افغانستان جو حصو آھي سا  مذھبي اسڪالرن,  بالخصوص پرورفيسر ڊاڪٽر اسرار احمد  جي تحقيق مطابق حديثن ۾  روايت ڪيل مشرق جو اھو علائقو آھي جنھن لاءِ پاڻ ڪريم جن فرمايو ته کيس  خوشبو ٿي اچي ۽ بيان فرمايائون ته اتان ڪارن جھنڊن سان لشڪر ايندو جيڪو عيسي' عليه السلام ساڻ گڏجي دجال سان جنگ ڪندو,  سو اھو ساڳيو اھو  ئي علائقو آھي. ان بلوط ڪاٺي کي خاص طور پاڪ ڪاٺي چيو وڃي ٿو. عجيب اتفاق ناھي ته اھو ڳاڙھو ريٽو رنگ جي ملي به ٿو ته مادي جنس منجهان ۽ نڪي نر منجهان. اهي مادي جيت خوراڪ لاء  ان شاھ بلوط جي وڻ جي ڪاٺي جو ست چوسين ٿا.

ماده جنس زندگي جي تسلسل جي علامت ٿئي ٿي. جي زندگي جي تخليق لاءِ نر ضروري ھجي ھا  ته پوء بيبي مريم جي پاڪائي ۽ معصوم ھجڻ تي قران ڇو ڳالھائي ھا. سائنسي لحاظ سان پڻ اھا ڳالھ واضع آھي. نر جنس ۾ جنسي ڪروموزوس XY جو جوڙو ھجي ٿو، جڏھن ته  مادي جنس ۾ رڳو XX  جو جوڙو. شروع ھڪ کان ٿيندي آھي، پوءِ  ٻه ٿيندا آھن. شروعات XX کان ٿي ۽ Y پوءِ جاءِ ولاري  آھي. عقل ۽ فھم جي ترقي انسان کي  معجزن واري ڌوڪي کان ڌوئي ڇڏي ٿي , شرط اھو آھي ته خدا جي وجود جو انڪاري نه ٿي.




سنڌو ماٿري جي قديم تهذيب جي اهڄاڻ موئن جي دڙي جي کنڊرن جي کوٽائي مان ملندڙ ھڪ مجسمي کي ساڳي اجرڪ طرزجي چادر ويڙھيل آھي. آرڪيالاجي جا ماهر اونهي اڀياس بعد ان نتيجي تي پهتا آھن ته اهو مجسمو ڪنهن عبادت گاه جي پادري, نگهبان يا مذھبي شخص جو آھي. ھزارين ورهيه اڳ زمانه قديم ۾ خدا جي تصور ۽ عبادت گاه جي رکوالي جو پهرياڻ جيڪو تحقيق مطابق ساڳيو اهو اجرڪ ئي آھي ۽ ان مقدص اجرڪ ۾  ورھين کان خاص انهن ٻن  رنگن جي استعمال  سان دراصل روحانيت جي عقس کي اجاگر ڪيو ويو آھي ۽ منھنجي نظر اجرڪ کي عزت ۽ مان ڏيڻ وارا دراصل سڌي ۽ اڻ سڌي طرح خدا جي وجود  کي تسليم ڪندي ان جي عبادت ڪري رھيا آھن. اسان جي اڄوڪي نسلن کي جنھن ايجنڊا تحت اھو رٽايو پيو وڃي ته 17 سالن جي سپھ سالار بن قاسم سنڌ کي اسلام سيکاريو سي ڪڏھن ٽائم ڪڍي جھاني لڳ سکر ۾ مدفن اصحاب رسول جي مرقدن جي زيارت ڪري ڏسن ۽ تلوار ذريعي اسلام جي ڦيلاءُ وارو پروپگينڊا بند ڪن. تلوار رڳي اسلام سان ٿيندڙ زيادتن خلاف استعمال ٿي يا پوءِ  دين اسلام ۾ گھڙي آيل منافق اسلام دشمنن ھٿان جن جو مقصد حوصِ اقتدار  سوا ٻيو ڪجھ به نه ھو.


Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI