باءِ باءِ ايل ايم سي
باءِ باءِ ايل ايم
سي
تحرير ڊاڪٽر آغا انعام الله
قسط پهرين
4 نومبر 2008
بابا
ٿرٽي رپيس پليز، اينڊ هري اپ، گيٽنگ ليٽ فور اسڪول
اڙي
پتڪڙي تون به ٽيهه رپيا وٺندينءَ!
ها
ڇو مان انسان ناهيان!!
نه
تون صرف جيننيس آهين. ماءِ لٽل سئيٽ هارٽ شي هيز ٽيڪن 96% مارڪس.
جينيس
به ته انسان هوند آهن بابا، ڇا ٿيو آهي، نيرن ڪونه ڪئي آهي نه!!
ٽهڪ.
چڱون
سائين هاڻين وڃڻ ڏيون، دير پئي ٿي اسڪول کي.
اڙي
علي ڊرائيور کي چئوته واپسي تي ڇهه کن بيدا ۽ هڪ وڏي ڊان ڍٻل روٽي وٺي اچي. هاشم
کي چئو محمد خان جي اسڪول ۾ اڃا ٿورو ٽائيم آهي، جلدي هن کي اسڪريمبلڊ ايگ سينڊ
وچز ٺاهي ڏي.
سائين!
جي
سائين.
ڀلا
منهنجي نيرن کان پهرين واري نيرن!!
ڇڏيو
سائين، نوڪر بيٺا هن سامهون، سڌرو نٿا!
ان
۾ سڌرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال آهين منهنجي.
ته
پوءِ ڇا لائيو ٽيليڪاسٽ ڪندا، فضيلت ڪريو.
چڱو
ڀلا چانهه پيار، اڇا ٻڌ ٽي وي کي ڌڪ هڻندي وڃجان.
ڇا
ڏسدوّ؟
تنهنجو
بي واچ جو موڊ ناهي ته ڀلي هلائي وڃ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ.
ٻڌو
ڀوتار سائين، چئني ٻارن جا فيس چالان آيا اٿوّ. ڊرائيور به پگهار ٿو گهري. هاشم به
چوي ٿو ته ڳوٺ منشي کي فون ڪيو ته سنڌس گهر هزار رپيا کن ڏي. بئنڪ الفلاح، اسٽينڊرڊ
چارٽرڊ، سٽي بئنڪ جي ڪريڊٽ ڪارڊن جا به بل رکيا اٿوّ توهان واري ٽيبل تي. مان کي
به پنهجا پنجٽيهه ڏيو جلدي.
جاني
تون في الحال ويهه هزار وٺ.
نه
سائين نه، مان کي پنهنجا پورا ڏيو.
اڙي
چري ! هي روز ٽي وي تي ريهٽ ٻڌين نه ٿي، سارين وڃي ترو ورتو آ چار سئو روپئي مڻ،
ڪيئن پورت ڪندس. بس ڏهن پندرهن ڏيهن جي ڳالهه آهي، ريٽ چڙهندا، حال في الحال ڪڻنڪ
جو ٻج ۽ ڀاڻ وٺڻو اٿم سڀاڳي.
مان
سڙي پورت ڪيئن ڪيان، سمجهايو نه! مان کي مهرباني ڪري اِهي راڳ نه ٻُڌايو.
راڳ
نه ٻڌايونس، ته پوءِ ڪلهه جذباتي ڇو ٿينءَ! ، سٽ ڏئي هزار رپيو ڪڍي ڏنئي ته ڏئي اچ
وڃين زيارت ۾ آيل زلزلي متاسرين جي لاءِ لڳايل پيپلزپارٽي وارن جي ڪئمپ. مان به
ڪونه ڏنا اٿمانءِ.
الا!
ڏسو قهر، امانت ۾ خيانت!
کاڌا
ٿورئي هن. اهي جيالا کائي وڃني ها، پٺاڻن کي هونءَ به ڪئمپن ۾ سياري ۾ نسوار ئي
نصيب ٿيندي. اُت نارا جيل تي هڪ قيدي کي لڳايل مشقت ۾ ڏه ڏينهن لوڙهڻو آ يا وري ٻه
هزار جمع ڪرائي ته ضامن ٿيندس، تو واري هزار ۾ پنهنجو هزار ملائي سڀاڻي آزاد
ڪرائيندس. اها به ته سنت آ.
3
آگسٽ
1992
مون
پنهنجو پاڻ کي صليب تي چاڙهڻ کان اڳ، پنهنجي آخري خواهش مطابق پنهنجو لکيل نوٽ "Escaped"
پڙهي ٻڌائڻ بعد ڊائري ويهاڻي هيٺ رکي ڇڏي هئي.
ESCCAPED
The day you find me there
Forever fallen asleep
I want you to smile
Tell others not to weep
Celebrate for I am free
Standing here at my destiny
I have escaped pain
I have defeated life
I do not regret, for what I did was insane
I had my dreams, safe in my heart
For now that I have gone
And part of your past
I am happy and I could be wherever I want
No restrictions of time and space.
(June 6th 1991)
مون
تنهنجي نالي واري پليٽ، جيڪا مون تنهنجي ايپرن لاءِ ٺهرائي هئي، تنهن کي چمڻ کان
پوءِ، ڊائزيپام جون گوريون پهرين هڪ هڪ ڪري ۽ پوءِ ٽي ٽي کن نڙيءَ هيٺ ڳڙڪايون
هيون. مون وري تنهجي نالي واري پليٽ ميزوو ڏانهن نهاريو هيو. دل جوڌڙڪو تيز پئي
ٿيندو ويو. ان مهل مون واچ ڏانهن نهاريو هيو جيڪا تون مون کي پنجين اپريل تي
منهنجي سالگره جي تحفي ۾ ڏني هئي، ان مهل شام جا ساڍا چار ٿيا هئا، ٺيڪ اهو ئي وقت
جو اڄ کان ستاويهه سال اڳ سن 1965 ڌاري منهنجي هن دنيا ۾ وجود جي حقيقت بڻنجي چڪو
هو. هوريان هوريان اکيون ڇِپون محسوس ٿيڻ لڳيون هيون، ۽ نرڙ منجهه ٻنهي لوندڙن وچ
ڪو ڳوڙهو وڌنڌو ٿي محسوس ٿيو هيم. خبر ناهي ڪنهن گهڙي سڀ ڪجهه سانت ٿي وئي هئي.
الاءِ جي ڪيتري دير کان پوءِ نڪّ، نڙي ۽ پيٽّ منجهه ڪجهه محسوس ٿيڻ لڳو هو. پر
ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو هو.
ڪامران................................ڄڻ
ڪنهن کاهيءَ منجهان پڙلاءُ ڪنن تي پيو هيم ۽ وري کن لاءِ سڀ ڪجهه بليڪ آئوٽ ٿي
ويو. وري الاءِ ڪڏهن هوش وريا هئا!
منهنجي
پيراندي ڪا تمام قدآور ايڪسٽراٽيرسٽيل شيءَ بيٺل هئي، سمجهه ۾ نه آئي هئي پرگهڙي
کن کانپوءِ اکين آڏو سحيح فوڪس ٿيڻ بعد مون اسٽينڊ تي اٽڪايل ڊيڪسٽروز سيلائن جي
ڊرپ سڃاتي هئي. مهنجي ساڄي پاسي منهنجا دوست ڪامران ملاڻو۽ ڊاڪٽر عبدالرقيب بيٺل
هئا. ڪامران اڄ ڪلهه سعودي عرب ۾ گهرواري سوڌو ڊاڪٽري ڪندو آهي. ڊاڪٽر عبدالرقيب
شايد سول اسپتال ڄام شوري ۾ پوسٽيڊ آهي. عبدالرقيب مون کي گيسٽرڪ لواج سان گڏو گڏ
نصيحتون پڻ ڪري رهيو هو. نّڪ منجهان ٽپايل اين جي ٽيوب، ڌنڌلا چٽا ۽ وري ڌنڌلا ٿي
ويندڙ منهنجي مٿان جهڪيل انهن جا چهرا منهنجي اکين اڳيان ميگنيفاءِ ٿيو وري غائب
ٿي پئي ويا. مون کي ان وقت اُهي جوڳي پئي ياد آيا جيڪي نّڪّ منجهان نانگ ٽپائي
واتان ٻاهر ڪڍندا آهن ۽ مان هميشه انهن کي ڪرڀ ڪارڻ ڏسڻ کان لوائندو هوس. سراندي
کان امڙ جو آواز ٻارهن ٿي ويا آهن ۽ اڃان ڊاڪٽر صديق ته ڪونه آيو.....
ڪجهه
سال ٿيا جو ويچارو ڊاڪٽر صديق هيپاٽئٽس سي ۽ پوءِ پينڪرياٽئٽس ڪارڻ دم ڌڻي حوالي
ڪيو.
ڊاڪٽر
صديق ميڊيڪل يونٽ 2 سول اسپتال حيدرآباد ۾ پوسٽيڊ هيو ۽ مان به ساڳي وارڊ ۾ انهن
ڏينهن هائوس آفيسر هئس. تڏهن مون کي پڪ ٿي ته مون کي پنهجي هي وارڊ نيو ويو هو.
وري
سيراندي کان ايندڙ امڙ جو پريشا آواز، جنهن جي پريشاني جو سبب شايد منهجي ممڪنا
مري وڃڻ کان وڌيڪ اهڙي طرح مري وڃڻ ڪارڻ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ممڪنا خواري سبب هو.
ڊاڪٽر
صديق ته ڪونه آيو پٽ ڪامران، جلدي ڪر، ٻارهن ٿي ويا آهن وري فون ڪيوس، جلدي ڪر
ڪامران، وارو ڪر پُٽّ.
ٻارهن
ٿي ويا آهن، ٻارهن، ٻارهن......... ٻارهن، ڪنهن غار ۾ ڪوڪ ڪندي جيئين پڙلاءِ واپس
ڪنن جي پڙدي تي ڄڻ جنگ جو نڪارو وڄائندو هجي. زندگي ۽ موت جي جنگ.
يايايايار
اااااااس ڪي ڪي ڪي ڪي پلس ديکو، آئي!!!
بلڊ
پريشر ڊراپ هو رها هي.
ٻارهن
ٿي ويا هن، ٻارهن.........ٻارهن....... ٻارهن جو انگ مختلف ڪارٽون شيپ ٽي وي تي
ايندڙ پروگرام سيسمي اسٽريٽ جيان گول گول دائرن ۾ پئي ڦريو،گلن جي ورکا، موسيقي جو
آواز، تاڙيون، مستي، ٽهڪ، ڪڏهن پري کان ته ڪڏهن ويجهي، جين هوا جي رخ تي آواز ڇڙواڳ
هجي، ڪڏهن ويجهي ته ڪڏهن پري. ماربل جي اها سر جنهن تي اُڪريل هو 12 آگسٽ 1991 ، ڊاڪٽر
وسيم انصاري جي هٿن ۾ جهليل ياد آئي ،ساڻ دوستن جا فوٽو سيشن جڏهن اسين اُهو
فائونڊيشن اسٽون ڪاليج اينٽرنس وٽ لڳل مورتي جي وٽ ۾ اوساري هئي.
12 آگسٽ 1991
اهو
ايل ايم سي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو هو جو ڪنهن پاس آئوٽ ڪري ويندڙ بيچ بجاءِ
انتظاميان طرفان ڪنهن ڏنل فيرويل دعوت جي پاڻ پنهنجي طور هڪ اوپن ايئير فنڪشن جو
احتمام ڪيو هجي، اهو ٻڌائڻ خاطر ته ادا اسان وڃون پيا وري الاءِ ڪٿ ملون الاءِ نه.
اسان
جي ان بيچ 1985ع ۾ داخلا
ورتي هئي. شاگرد توڙي شاگردياڻن سياسي، تدريسي، مذهبي، راندين، مريضن جي فلاح
بهبود، ڪاليج ۽ اسپتال ۾ ٿيندڙ ناجائز سرگرمين جي روڪ ٿام، ڪاليج اندر سامراجي
قوتن ذريعي اجايو ماحول کي ٽينس ڪري جهيڙا ڪرائي ڪاليج اڻ ڄاڻايل مدي تائين بند
رکڻ واري سياست خلاف احتجاج ڪندي اهڙين ڪنهن به منصوبن کي ناڪام بڻائي نه صرف
ڪاليج کليل رکايو، بلڪ تنهن سان گڏو گڏ سنڌ سان هر شعبي ۾ ٿيندڙ ناجائزين خلاف
ٽوڪن احتجاج پڻ ڪيا. ريسرچ، مستي مزاح، شاعري، ادب، آرٽ، ۽ تقريبن هر شعبي ۾ جيترو
هن بيچ پنهنجو پاڻ مڃرايو، منهنجي خيال ۾ ايل ايم سي جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪا اهڙي
بيچ اڳتي هلي سامهون اچي سگهي جنهن ستن
سالن جي طئي ڪيل ان سفر دوران هڪ اهڙي ماحول ۾ جت ضيا جهڙي ڊڪٽيٽر جي حڪومتي
ڪارندن جي بندوقن منجهان ڪنهن به وقت گولي هلڻ جو امڪان هر سيڪنڊ رهيو هجي، تنهن
جي باوجود مختلف پروجيڪٽس کي بنا خوف جي دليري سان جاري رکيو هو. انهيءَ بيچ جي
شاگر، سنڌ جي ڏتڙيل علائقي ٿر جي ننڍڙي شهر مٺي واسي، هاسٽل ۾ رهائش پذير ڊاڪٽر
محمد مبارڪ اٺ گولڊ ميڊل کڻي، شهرن ۾ رهندر هر سهولت سان آرستا شاگردن ۽ سنڌ جي
ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪائونسل کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيوهو.
ياد
آهن، رحمان رند جون سلجهيل ۽ طاهر قريشي جون جذباتي تقريرون ياد آهن.
شاهد
ڀٽي جو ٽپيڪل آمريڪي اُچار ۽ سنڌس هيڊرن ۽ نارنگي پينٽن تي ڪاسني ۽ گلابي شرٽيون
پائڻ ياد آهن.
ياسمين
پنهنجي ننڍڙي قد ۽ خوبصورتي ڪارڻ ۽ سبينا نقوي پنهنجي تمام ڊگهي قد ۽ خوبصورت فگر
ڪارڻ مشهور هئي. ان کان وڌيڪ خاص هو انهن ٻنهن ساهڙين جو هڪ ٻئي سان گڏ گهمڻ، جنهن
تي ٻنهن کي الف نون جو لقب پڻ مليو هو.
فوزيا
جا مفيد مشوراجنهن جي عقلمند مشورن کي مد نّظر رکندي کيس ناني ڪوٺيندا هئاسين.
سميرا
جو سنهڙو آواز، فرحين خان جي مغرور ادا، سونيا عرف ڪوڪو جي بيڊمينٽن، بينا اقبال ۽
طاهر قريشي جي ناڪام ڪوشش، ڪامران ملاڻا ۽
سبينا نقوي جي محبت، هما ۽ الطاف جي تڪڙي شادي، امين ڀاگسروالا جي سوا ٻه فٽ
ڏاڙهي، ملان عبدالرقيب جو ڳالهه ڳالهه تي اهو چوڻ ته او حيا ڪر حيا ڪر، مليشينن
ڇوڪر زيلي جا پڙا پائڻ، نيپالي ڇوڪري درگا ٿاپا ۽ فلسطيني حسين جو سائبيريا جي
پکين جيان هڪ ٻئي کي چنبڙي ويهڻ، وحيد شيخ جو نڪ منجهان غنو ڳالهائڻ، عامر سليم جو
سينو ڪڍي هلڻ، ڊاڪٽر عامر قاضي جا ڊسيڪشن هال ۾ مزاحيه ليڪچر، مجاهد قائم خاني جو
ارم خان سان لڪي ملڻ ۽ سبينا ۽ ڪامران تي نّظر رکڻ، نفيس دّ ڊارلنگ بواءِ آف گرلس،
موئز بوهري جي ذهانت ۽ طنز مزاح، سعيد وئري جون نعتون، سلام دائود پوٽي ۽ رحمان
رند جا سريلا سنڌي ڪلام، عثمان سرويچ جا تقريرن دوران شعر چوڻ، رحمت الله وستڙي جي
سوبر سلجهيل ليڊرشپ ۽ اين ايس ايس سو(پنجابين) سان تنّظيمي جهيڙا مشهور هئا. ايل
ايم سي جي ان بيچ کي دّ ڪريزيسٽ بيچ آف ايل ايم سي جو لقب پڻ مليو.
25 مارچ 1985ع جو ڏينهن
منهنجي زندگيءَ جي اُن ست سالن واري خوبصورت ڪڏهن نه وسرندڙ دوءُر جو پهريون ڏهاڙو
هو. انهن ڏينهن ۾ ايل ايم سي جو ڏيک هاڻي واري سينٽرل جيل واري ڏيک کان گهڻو مختلف
هو ۽ ڄام شوري جي ڇڙواڳ هوائن وانگر ايل ايم سي جو شاگرد تمام آزاد هو. فقط ڊپ
جيڪڏهن هو سو ٿورو گهڻو مون جهڙي ڪنهن نئين آيل اجنبي شاگرد کي مختلف شاگرد
تنّظيمن اندر چند مفاد پرست ۽ بليڪ ميلر قسم جي دهشتگرد ٽولي کان هو، جن کان هر
وقت نّظرون بچائي هلڻ ۽ انهن جي شهپر وڪوڙ ۽ گهوري نهارڻ واري مڙسي کي تسليم ڪندي
سلام ڪندي اڳتي نڪري وڃڻ ضروري هوندو هو. ان جي باوجود مون کي عزت سان اهي ست سال
گذارڻ لاءِ ٻه ٽي پنهنجا پراوا جهيڙا ڳيچي پيا هئا. ايل ايم سي ۾ منهنجو پهريون
ڏينهن بائڪاٽ جي نظر ٿي ويو هو. اڳتي هلي اسان جي بيچ مڪمل بائڪاٽ واري رسم کي ٽوڙيندي
بائڪاٽ کي ٻه ڪلاڪ جي ٽوڪن بائڪاٽ ۾ تبديل ڪيو هو ۽ سنڌ جي حقن جي آواز سان گڏو گڏ
پنهنجي تدريسي عمل ۾ بائڪاٽ ڪارڻ پيدا ٿيندڙ رڪاوٽن واري سياست کي سمجهندي ان کي
محدود بڻائي ڇڏيو هو.
ايل
ايم سي ۾ داخلا کان اڳ مان بائڪاٽ لفظ کان بلڪل اڻ واقف هئس. شروع وارن ڏينهن ۾
بائڪاٽ ۾ الاهي انجواءِ ڪندو هئس ۽ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ڊاڪٽر همايون قاضي جي اڳواڻي
۾ اينيٽمي هال کان وٺي مختلف ڪلاسن جو
بائڪاٽ ڪرائيندي، بي ڊي ايس واري بلڊنگ وٽ دنگ ڪندو هوس. اڳيان هلندڙ ليڊرن
ساڻ ڳلو ڦاڙي اُڀ ڏاريندڙ مختلف نعرا هڻندو هئس.
نه
کپي نه کپي......... نه کپي
فلاڻِي
کي آزاد ڪيو
ڪالا
باغ ڊيم نامنظور
پنو
عاقل ڇانوڻي نامنظور
......
ڪتن تي لعنت
نارائي
سنڌ.....جيييييييييييييييييييييييييييييئي سنڌ
ڊاڪٽر
همايون، مون کي ۽ ڪامران جي جوش کي جانچي ورتو هو. بعد ۾ ڄڻ بي ڊ ايس بلاڪ جي
بائڪاٽ جو ٺيڪو اسان کي مليل هجي. پوءِ مون محسوس ڪيو هو ته انهن سلسلن ۾ گهڻو
اڳتي وڌڻ کان اڳ پنهنجي حب الوطني واري جذبي کي وقتائتي ڪنگڙيون پارائي ڪلاس ۾ ئي
رهجي تي بهتر آ.
ست
سال اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽ ياد رهجي ويو ته ايڪڊمڪ لائف جو اهو ڪاليج ۾ گذارڻ وارو
آخري ڏينهن 12 آگسٽ 1991ع، جنهن
منهنجي زندگي کي رنگي ڇڏيو.
جڏهن
ياسمين منهنجي ايپرن جي ساڄاي سليوّ تي فيئيرويل نوٽ لکي رهي هئي، ۽ مان ان ڪوشش ۾
ڪنڌ ورايو هو ته ڏسان ڇا پئي لکي، تڏهن منهنجي نظرپنهنجي ڪلهي تان ترڪندي پهريون
ڀيرو تنهنجي چهري تي اٽڪي هئي. ان وقت اسٽيج تي شاگرد ڊانس ڪري رهياهئا، ٺيڪ ان
لمحي جڏهن منهنجي نظر توڏانهن سلام ڦيريو هو تنهن مهل بيڪ گرائونڊ ۾ وائٽل سائنز
جومشهوراڙدو ڪلام ”سانولي سلوني سي محبوبه تيري چوڙيان شڙنگ ڪرڪي“ هلي رهيو هو.
تنهنجا نيڻ مون کي ڄڻ پنهنجا لڳا هئا. تون ٿر جي ڇاتي تي ٽڙيل روئيڙي جي گل جيان حسين
پئي لڳينءَ. تنهنجا چپ جنيد جمشيد جي اُن سانولي سلوني محبوبه جيان جامني، ٽپيڪل
ملتاني هئا. توکي پوءِ تنهنجي ڪزن نوشين شيخ سان سرائڪي ڳالهائيندي ڏاڍو مٺو
لڳوهيم. توکان هڪ ڏينهن ”چوڙيان شڙنگ ڪرڪي“ جو مطلب پڇيو هيم. تون پنهنجي مخصوص
مسڪراهٽ سان پنهنجي ساڄي ٻانهن ۾ پاتل سڀن ڪنگڙين کي هڪ آڱر سان پياني جي ڪيز
وانگر هڪ لهر ۾ کڙڪائي ٻڌايو هو. تنهجن اکين ۾ معصوم شرارت هئي، جيڪي مون کي اها
دعوت ڏئي رهيون هيون ته،” مون ڏانهن ڪونه نهاريندي!!!“
اهو
تنهنجو ڪاليج ۾ اڪيڊمڪ لائف جو پهريون ڏينهن هو ۽ منهنجو آخري. واه ڙي زندگي واه.
آئون
ان لمحي ئي تنهنجي حسن جو ديوانو ٿي چڪو
هئس. حواس ڪنهن ڪاٽا ٿيل لغڙ جيان اڻ ڄاڻ ڇتن مٿان پنهنجي ڪريش لينڊنگ جي انتظار ۾
هئا. تون پنهنجي ڪزن نوشين شيخ ۽ ڪجه ساهڙين جي جهرمٽ ۾ پوپٽ جيان ٿي لڳينءَ. توکي
هلڪي سائي رنگ جو وڳو پاتل هو. تنهنجو مٿو اڇي نيٽ واري رئي سان ڍڪيل هو. تنهنجي
پيرن ۾ ملٽي ڪلرڊ ڪارن، ڳاڙهن ۽ سائن پٽين وارا سنيڪرز پاتل هئا. تنهنجي ڳيچيءَ ۾
الله لفظ وارو پينڊنٽ چين ۾ پاتل هو. ساڄي ٻانهن ۾ ٽي سونيون ڪنگڙيون، ڊگها چيلهه
تائين لڙڪيل وار، موتين جهڙا ڏند، ڀريل ڳِلّ، گول چنڊ جيان چهرو، معصوم ٻار جيان
محبت جي طلبگار نظر ۽ تنهنجن ٽهڪن منهنجي هڪ هڪ انگ ۾ جادو پئي رچايو. جهلي ڪونه
سگهيس.
مون
کي اچانڪ سڏ ٿيو هو. تون اسان جي گروپ فرينڊ سبينا ۽ انهن جي سڀن دوستنن کي ٽريٽ
ڏيڻ هاسپيٽل سامهون ساڄي پاسي واري ميدان ۾ ٺهيل ڪئنٽين ڏانهن وٺي وئي هئينءَ.
اسان ساڻ وڊيو ڪئيمرا پڻ هئي.
ڪئينٽين
تي..........
نوشين
هيءَ توهان سان گڏ ڪير آهي.
ادا
انعام هيءَ منهنجي ڪزن آهي مونا
مونا
ئي انعام اي، ميڏي دوست اي نه، پڇي مين ٻڌايا ڪونه ها، اوندا ڀا اي.
سلام
ليڪم
واليڪم
سلام
مون
ڪامران کي چيلهه ۾ ٺونٺ هڻندي چيو، يار ڪامران ڇا ته اکيون اٿس. وڊيو ٺاهيانس؟
مان
وري ٽڪ ٻڌي ڏانهس نهاريندي پڇيو، توهان جو نالو ڇا آهي مونا؟
زوردا
ٽهڪ ڏنا هيئي
اکين
۾ خمار تري آيا هئا. مون ڪڏهن ڪنهن کي زندگي ۾ ايتروخوش ڪونه ڏٺو هو. يڪدم وراڻيو
هيئي.
منهنجو
نالو منيزا آهي، گهر وارا مونا سڏيندا آهن.
وري
ٽهڪ ڏنا هئا سين.
مون
موقعو تلاش ڪندي تانيا جي پٺيان ڪرسي سرڪائي ڇڏي، تانيا ذپ ڪري هيٺ ڪري هئي. وري
ڏاڍا کليا هئا سين. مان بار بار تنهنجن ٽهڪن کي ڄڻ تسبيح جي داڻن وانگر پڙهندو
هجان ۽ هر بار توکي کلائڻ جا موقعا تلاش ڪندو هجان.
دوست
امين کي چيم، يار مُلا وه تو ديک ڪيا تو آنکين هي يار! اڇا سُن تو اس ڪي ڪزن ڪو
بزي رک تو مين مونا ڪي آنکون ڪي وڊيو بنالون. اُف ڪيا آنکين هين يار!!!!! مار ڊالا
سُڌر
سُڌر انعام، تهنجن انهن چلولائن جي ڪا حد به آهي يا نه! سبينا منهنجي کاٻي ڪن ۾
ڀڻڪيو.
سڙين
ڇو ٿي، تون ڪامران کي ريجهائي.
منهنجي
ساڄي پاسي ڪامران، تانيا، نفيس، نديم، ياسمين، فوزيا، سميرا، آدم، موئز، افضال ۽
امين ويٺل هئا.
ڪيا
ارادا هي خان صاحب ڪا ڦِر، ڪنٽرول ڪر بابو ڪنٽرول ڪر ، پشتائي گا.
اڙي
يار سبينا ماٺ ڪرو تم، انجواءِ ڪرو
انعام،
حد ۾ يار
نه
سبينا، عشق دنيا جو اهو واحد جذبو اٿئي جنهن کي قائنات ۾ ڪٿ محدود نه ٿو ڪري
سگهجي.
ها
سمجهي ويم
سبينا،
ڪامران سان عشق جي ديوانگي ۾ اڙدو سپيڪنگ هوندي به سٺي سنڌي ڳالهائيندي هئي.
ها
سمجهي ويم خان صاحب تو واري آڪشواڻي شروع آ، ڀلي بسم الله
مونا
توهاه جون اکيون ڪمال جون هن، ڪڏهن ساوا ته ڪڏهن ناسي شيڊ پيون ڏين
ته
پوءِ سُڌر نه! ڏسينس پاڻ ٿو ته هاڻي سان ئي شيڊ پيون مٽائن، اڳتي الائي جي ڇا!
سبينا رڙ ڪندي ، کلندي چيو هو.
وري
ٽهڪ نڪري ويا هئا اسان سڀنن کان ۽ سبينا وري مون کي هڪ چونڊي وجهندي چيو هيءَ
توکان ڪونه ڦاسندي
اڙي
چري ته ڦاسائيس ڪير ٿو!! مان ڪو ڇُڙڪ هنيو ويٺو هان ڇا! يا وري هوءَ ڪا بُربل آ !!
اٿئي
ته بُربل خانّ!
ٽهڪ
اسان
اييئن کلندي کلندي موڪلايوهو سڀنن کان
اسان
جو وقت ته ويو، ڪاليج کان ٻاهر هاڻي، توهان جوشروع مونا، ايل ايم سي ڏسون توهان کي
ڪٿي ٿي پهچائي.
کلندي
چيئي جي ها.
خير
هيڙو مزو ڪونه ايندئي.
يڪدم
خاموش ٿي وئي هئين، پر ظاهر ٿيڻ نه ڏنو هئيئي. مون کي لڳو ته توکي به ڪا ڪتڪتاڙي
زرور ٿي آهي.
شام
جو پڪي قلعي امين جي گهر سگريٽ دُکائي پڇيو مانس،” يار امين، آدمي عشق ۾ ڪيسا دکتا
هي؟“
ٽي
وي تي نظر پئي هئي يڪدم.
امين!
بلڪل ايسا هوجاتا هي وه ديک ٽي وي ۾
ابي
يي تُو هي تو هي، تيري اوپر ڪئمرا سيٽ ڪرڪي بيٺا هون.
ڏاڍا
کليا هئاسين.
ٻئي
ڏينهن موئز کي جلد اها وڊيو ايڊٽ ڪرائڻ لاءِ موڪليو هيو سي، پر مون پنهنجي ڪاپي
ودائوٽ ايڊٽنگ گهري هئي. صبح ساڻ مان ۽ موئز وري هنٽ مونا ايڊوينچر تي ڄامشوري،
ايل ايم سي ڏانهن روانا ٿي ويا هئا سين. اسان جلد توکي ۽ ادي نوشين کي به ڳولهي
ورتو هو. توهان به شايد پنهنجي پهرين سال جا پهريان سبق اسان کان ئي پڙهڻ تي گهريا
سو جلدي ٻاهر نڪري آيون هون ۽ وري ساڳي ڪُنڊ ۽ ساڳيون مستيون.
ان
ڏينهن مان شايد ٿورو اُووّر ري ايڪٽ ڪري ويو هئس ۽ تنهنجي مٿي تي پاڻي جو سڄو ڀريل
جڳ هاريو هيم. تنهنجي چهري تي ڪنهن به قسم جي ڪاوڙ يا نرڙ تي گهنج ڪونه ڏٺو هيم پر
تنهن هوندي به مون توکي سئاري ڪئي هئي. گهڙي کن ۾ پوءِ پڪ ٿي هيم ته تون به منهنجي
ڪچهري مان ايترو هي لطف اندوز ٿي رهي هئينءَ جيترو مان، بلڪ تنهنجي دل ۾ پنهنجي
جاءِ جو پڪو آسرو ٿيو هيم جڏهن هيٺ پيل ڪنهن سيون اپ جي بوتل جي تّري جو ڀڳل شيشي
جو ٽڪر توڏانهن اڇلايو هيم جيڪو تنهنجي ساڄي گوڏي ۾ لڳوهو، توکان رّڙ نڪري وئي هئي
پر هن ڀيري مان توکي سئاري ڪانه ڪئي هئي. منهنجي دل ۾ ڄڻ ڪتڪتاڙيون ٿيون هجن جڏهن
مان اهو ڏٺو ته ڳالهين ڳالهين ۾ تون اُهو شيشي جو ٽڪر پنهنجي پرس ۾ رکي ڇڏيو هو.
مون کي ٺيڪ اُن مهل زندگي جي نئين ڪرڻ ڏسڻ ۾ آهي هئي. مسلسل ڏيڍ سال کان بابا ساڻ
بابا جي بيماري ڪارڻ مُلڪ اندر ۽ آمريڪا ۾ ڊاڪٽرن جي ڪّڍّ ڀڄ ڊرڪ ۽ پوءِ بابا جي
وفات کانپوءِ مسلسل ڊپريس رهڻ بعد تنهنجي ڪمپني ڄڻ ڀوڏيسر ۾ پوندڙ مانسون جي پهرين
مينهن جيان لڳي هئي. ڌرتي کان مٿي اڏامڻ لڳو هيم. خوشي ٿي هيم ڏاڍي اهو محسوس ڪندي
ته تنهنجي معصوميت کي يقينن ڪنهن ڏينهن ساه
۾ سانڍڻ جو موقعو ملندو.
اڄ
موئز پنهنجي باءِ باءِ ايل ايم سي واري فنڪشن جي وڊيو کڻي آيو هو. چيو مانس ته
مونا کي وڊيو ڏئي اچ، گهر جي لوڪيشن به ڏسي اچ ۽ ٿي سگهي ته فون نمبر وٺي اچجانس
پر خيال سان ته ڪٿ مائنڊ نه ڪري. هرامي بُل ڏيندي چيو ته هينئر ئي ٿو وڃان، تنهنجن
ٽهڪن ۽ اکين تي ڄڻ هو به فدا هجي. فون ڪري تنهنجو نمبر ڏنو هيائين. اسان جا اُهي
ٺيڪ ٻارهن مهينا فون تي هي گذريا، ماني کائڻ، ٽي وي ڏسڻ، ميڊيڪل اسٽيڊيز، مستيون،
ڊسڪشنز، فيوچر پلاننگ، روئڻ، کلڻ ۽ وري روئڻ وري تنهجو فون رکڻ کان جواب جيسين
منهنجو موڊ صحيح ٿي، دنيا جي هر مسئلي تي پنهجن خيالن ۾ حيرت انگيز هڪ جهڙائي هوندي
هئي، پنهنجي پسند يا نا پسند ۾ ڪو واضع فرق ڪونه هو، ۽ اڪثر تون جهونگاريندي
هئينءَ،” ڪتني ملتي هين خيالات هماري.“
عجيب
ڳالهه آ، ماضي جي ڀوڳنائن کي وڌيڪ ڀوڳڻ جي ڀوءَ مون کان اُهي سڀ واسطا کسي ورتا
جنهن ذريعي توسان وري ملڻ،ڳالهائڻ يار صرف پري کان ئي نهارڻ جو ڪو رستو رهيو هجي.
تن ڏينهن منهنجو فون نمبر هو 82173 ۽ تنهنجو هو 27205 .
موئز
جي نمبر پڄائڻ بعد مون همٿ ڪري پهريون
ڀيرو توکي شام جي پهر فون ڪيو هو.
اسلام
عليڪم
واليڪم
سلام
هائو
آر يو
فائن،
ٿينڪس
توهان
کي منهنجو فون ڪرڻ خراب ته نه لڳو؟
نه
بلڪل نه
وڊيو
ڏٺي؟
ها
زبردست، منهنجي ته کل بيٺي ڪانه ٿي.
سڀاڻي
ويندا ايل ايم سي؟
جي
ها
هڪڙي
ڳالهه چوان!
ها
ها
مائنڊ
ته نه ڪندا؟
توهان
پهريان چئو ته سهي
مان
بلڪل اسٽريٽ قسم جو شخص آهيان، مون ۾ ڪا ٺڳي ناهي، ۽ مان توهان سا ڪو فلرٽ به ڪونه
ٿو ڪيان پر اهو به ٻڌائڻ زروري ٿو سمجهان....................ته............ ڪيئن
چوان........................
ٻڌان
پئي
مونا
توهان سان بار بار ملڻ لاءِ دل ٿو ڪري ، خدا جو قسم ڏاڍا ٿا وڻون.
گهڙي
کن لاٰءِ سانت ٿي وئي هئي.
مائنڊ
ته نه ڪيو؟
نه
بلڪل نه ، توهان جون فيلنگس هيون، توهان ٻڌايون
ٻيهر
فون ڪري سگهان ٿو؟
ٻه
ڏينهن هيڏي حجت ڪرڻ کان پوءِ، اڄ اجازت پيا گهرو!!
اڄ
ڪجهه ماحول الڳ ٿو لڳي.
نه
بلڪل سڀ ساڳيو آهي، کلندا رهندا ڪيو، سٺا ٿا لڳو
يعني
ييس
ته
پوءِ ٻيهر فون ڪڏهن ڪيان؟
جڏهن
دل ڪري ۽ ٻيو اهو يو ڊو مي اّ فيور
ها
مونا چئو
توهان
مان کي پليز ”توهان“ چئي مخاطب نه ٿيندا
ته
پوءِ؟
صرف
مونا يا تون، توهان نه
۽
توهان جو...........سئاري.......تون جو مونا مون کي توهان توهان پئي ڪرين! ڇا اهو
حجاب ناهي؟
نه
اهي منهنجا جذبات آهن، انهن کي في الحال ڊسڪس نه ڪريو.
اوڪ
سو ٽومارو اِن ايل ايم سي؟
نو،
ٽونائٽ اوون فون
يا
ديٽ ٽوو
باءِ
باءِ
باءِ
سڄي
رات ڳالهايو هيو سي، رات نوين بجي کان صبح
ساڍي پنجين بجي تائين جيستائين ملان آذان ڪونه ڏنوهو.
اڪويهه
سيپٽمبر 1991ع تي پهرين
ڪجهه لکيئي پئي پنهنجي ڊائري ۾ جيسين منهنجي فون جي گهنٽي وڄي ، يا توکي ڪرڻ جو
موقعو ملي. پوءِ ٻئي ڏينهن ڊائري مان پڙهي ٻڌايو هيئي.
آڌي
رات جو انعام
توکي
وري ڊائل ڪرڻ جي خواهش
مجبور،
بيڪرار هڪ جنبش
الاءِ
جي ڇو اڄ پهريون ڀيرو زندگي يار
تڙپي
ڪنهن لاءِ بار بار
ڪيئن
ڪيان اها جرءَت، ڪيئن ٻڌايان جگر کي
توهان
جي سِڪ روئاڙيو رات مونا کي
تون
ڪجهه ڏينهن کن مون کي فون گهٽائڻ لاءِ چيو هو.
بابو
فائنل ايئرآهي، ڪجهه پڙهيو به آهي يا رُڳي پيپر ۾ مونا مونا لکڻو آهي.
پيپرکوڙ
مونا! پيا ڏبا، هي حسين لمحا جي انهن ۾ فائنل لکيل هجي ته پوءِ هي تياري ڇونه!
ٻڌو،
مون ميڊم قمرشاه سان توهان لاءِ ڳالهايو آهي.
اها
وري ڪيرآ؟
توهان
جي گائني جي واءِ واءِ جي ايڪسٽرنل سائين! مون کي توهان لاءِ ايتري پريشاني پئي ٿي
۽ صاحب کي فڪر ئي ڪونهي. ٻڌايو اٿمانس ته انٽيليجنٽ آهيو، پر بابا جي وفات ڪارڻ
تياري ايتري ڪونه ڪري سگهيا آهيو.
مون
کي ياد آهي، اگزيمنشن هال ٻاهريان اسٽوڊنٽس جي لائن لڳل هئي، جيڪي ڪجهه روائز ڪري
رهيا هئا ۽ آئون پنهنجي نمبر جي انتظار ۾هئس، ۽ ڊاڪٽر فرزانا قاضي مون کي پنهنجي
هٿن سان پليٽ منجهان بند ڪباب ۽ پوءِ ڇولا کارايا هئا. جڏهن چپن کان هيٺ ٿورڙو
ڪريو هو، ته پنهجي پرس منجهان ٽشوپيپر ڪڍي منهنجي کاڏي کي صاف ڪيو هيائين. پر
منهنجو ذهن تنهنجي طواف ۾ رُڌل هو. ڊاڪٽر فرزانه گائني ۾ رجسٽرار هئي، سايون
اکيون،۽ جسم ٿورڙو ڀريل هئس، ڏاڍي فرينڊلي، سوشل ۽ غريب نواز ڊاڪٽرياڻي هئي. مون
کي ڏاڍو ڀائندي هئي ۽ هن به منهنجي لاءِ ميڊم قمرشاه کي پارت ڪئي هئي.
بس
وڌيڪ موڊ ناهي
بابلو
کائيندي نه ته امتحان ڪيئن ڏيندين! مون کي اڳم ئي ڦڪو پيو لڳين، بس کاءُ، وڌيڪ ضد
نه! امتحان جي ٽينشن ۾ هائپوگلائسيميا ٿيندي آهي، کائي وٺ ٿورڙو.
ڊاڪٽر
فرزانه منهنجي واءِ واءِ دوران ايڪسٽرنل ميڊم قمرشاه پٺيان بيهي مون کي سوالن جا
جواب اشارن ۾ پئي سمجهايا. پر پوءِ جڏهن لاڳييتو ٽن سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيس ته
ڊاڪٽر قمر شاه تو واري ساڳي معصوم انداز ۾ مسڪرائندي چيوهو
مونا
ته چيو پئي توهان ڏاڍو پڙهندا آهيو.
جواب
۾ رڳو مرڪيو هئس
چڱو
وڃون پاس آهيو توهان، منهنجي مونا کي ٻڌائجو.
امتحانن
جي ٿيوري وارن ڏينهن ۾ پيپرن جو ٽائم شام جو هجڻ ڪارڻ تون منهنجي لاءِ پنهنجي
گهران لنچ ٺاهي ايندي هئينءَ. تون اڪثر منهنجا ڪاٽن جا وڳا پڻ پنهنجي گهران ڌوئي
قلف لڳائي کڻي ايندي هئينءَ. ان کان اڳ مان ڪڏهن قلف لڳل ڪاٽن نه پائندو هئس.
امتحان
۾ پاس ٿيڻ تي تون مان کي سونو ڇلو گفٽ ڪيو هو. جيڪو مون کي ڏيڻ لاءِ اسين بي ڊي
ايس جي ڪلاسن جي آخري ڪنڊ اڳيان ميدان ۾ هڪ نوڙيل وڻ هيٺ ملڻ جوارادو ڪيو هو.
ڏه
کن ورهين بعد مان ۽ منهنجو جگري اياز مهيسر، دوست اياز عالم ابڙي سان يونيورسٽي
ڪالوني ۾ ملڻ بعد مان اياز کي ان وڻ واري جاءِ هلڻ لاءِ چيو هو.
اياز
هن وڻ هيٺان مليا هئا سين، اياز هي ڇا جو وڻ آهي؟
اهو
نڀاڳو وڻ آهي، هل گاڏي هلائي انعام.
مان
مين روڊ تان ڦري اُت پهتو هوس ۽ تون وارڊن جي اندران ڊگهي واڪ ڪندي آخري وارڊ نمبر
13 جي ايگزٽ
مان نڪري پهتي هئينءَ. تون مون کي ڇلو کاٻي چيچ ۾ پارايو هو، جيڪو توسان ناتو ٽٽڻ
بعد اٽڪل سورهن ورهيه اڳ مون پنهنجي ڳوٺ ويجهو بزرگ حضرت عبدالغفورهمايوني رح جي
مرقد مبارڪ جي سراندي رکي آيو هئس. اڌ ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي هئي، توکي پوائنٽ مس ٿيڻ
جي ڊپ ڪارڻ جلد اٿڻو پيو هو ۽ هونءَ به اسان پنهنجي محبت جو تماشو ٺاهڻ جي خلاف
هئاسين پر ان معاملي مان ڪسو هئس.
جڏهن
مون تسمان کولي پنهنجا سنيڪرس لاهڻ لاءِ هٿ وڌايا هئا، يڪدم تننهجي چهري تي مُرڪ
تري آئي هئي ڄڻ بکايل هرڻي کي گاه مليو هجي. توچيو هو......
ٻڌو
مان کوليان؟
مون
کي عورتن هٿان بوٽ لاهرائڻ عجيب لڳندو آهي، مان عورتن جي عزت ڪندو آ مونا
منهنجي
اها ننڍڙي خواهش مان کي پوري ڪرڻ ڏيو نه سائين.
نه
مونا
پلييج،
تون ايئن ٻاتوڙي التجا ڪندي چيو هو. پوءِ مون پير توڏانهن وڌائي ڇڏيا هئا. تون
منهنجا ٻئي پير پنهنجي هنج ۾ رکي ڇڏيا هئا، پير جي وزن سان تنهجي شرٽ هيٺ ڇڪجڻ
ڪارڻ تنهنجي شرٽ جو هڪ ٻيڙو کلي پيو هو، تنهنجي جوڀن ڏانهن ديد پئي هيم،اکيون هيٺ
نوائي عاجزانا چيو هيم
مونا
شرٽ جا بـٽڻ
ڪنا
آهيو گندا بچا ، ڪيڏانهن نظر پهتي اٿوّ، تنهن مهل تنهنجن اکين ۾ خمار ڏٺو هيم،
پوءِ اسين جلد اُٿي کڙا ٿيا هئاسين.
تون
پهريون ڀيرو ملڻ جي ٽين ڏهاڙي ايل ايم سي ۾ نوشين هٿان هڪ چٽ تي هڪ اڙدو شعر لکي
موڪليو هو.
”
مت ٽوٽ ڪر چاهو اس آغاز سفر مين
بڇڙو
گي تو اڪ اڪ ادا ياد آئي گي“
........................ باقي
آئنده.....................
ma pori dairy parhi tamam behad behtren bilkul jamshore jhero
ReplyDeletejamshoro shar na hik kefeat jo nalo ae .