Posts

مرحوم ان باڪس

Image
مرحوم ان باڪس ڊاڪٽر آغاانعام الله 21 آگسٽ 2009ع يارهن وڄي اڪيتاليهه منٽ رات طارق مرحوم جو ميسج پڙهيم ”آغا جاني رمضان جون وڌايون، منهنجو نمبر آهي 03313650873 “ 6 آڪٽوبر2009ع ٻه وڄي سترهن منٽن تي مون مرحوم طارق عالم ابڙي ڏانهن  يوٽيوب تان اپ لوڊ ڪري هندستاني بليڪ اينڊ وائٽ فلم خاموشي جو گانو”هم ني ديکي هين اُن آنکون ڪي محڪتي خشبو،پيارڪو پيار هي رهني دو ڪوئي نام نه دو“، ان باڪس ڪيو. 6 آڪٽوبر2009ع ڏهه وڄي ٽييٽيه منٽ طارق لکيو”ابول ابو!!! آغا واه ماري وڌئي، پيار ڪو پيارهي رهني دو ڪوئي نام نه دو“ واه واه !!! ڇا ٻڌائي ڇڏيئي. سندس چيل ان جملي ۾ ماتم سمايل هو، مان وراڻي وري ڪجه نه لکي سگهيو هيو مانس. بس رڳو سندس لکيل ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ قلمبند ڪيل هڪ جملي مسلسل منهنجي وجود اندر وڇايل تڏي تي ريهٽ پئي ڪيا ”سنجها ڇڏي ڏنئي نه!“ مون کي گهڙي کن لاءِ لڳو ڄڻ طارق به شدت سان ڪنهن اهڙي جملي ٻڌڻ جي خواهش رکندو هجي، اڻپوري خواهشن  جي پورن مان گهايل وجود جي خمار جي طلب، وري لٽجڻ جي طلب. ڪو ٻڌائي وري ساڳي ڪا آتم ڪٿا، در وٺي هلي اُن دوزخ، وري ڪا اهڙي چيچ جهلڻ جي خواهش. آخر...

سنڌي ڌاڙيلن سان به سمجهوتو ڪيو يار

ڊاڪٽر آغا انعام الله ڪو زمانو هو جڏهن سنڌ ۾ دوران سفر ڪنهن ڌاڙيلن جي جٿي جي ور چڙهڻ تي، پهرين ڌاڙيل پڇندا هئا، ڪهڙو!!.... ادا الف ڏنو شاه..... هل سيد هل روزي خراب نه ڪر...... سيد کي معافي ملندي هئي.... پر پوءِ جڏهن سومري، ٻروچ، ديوان، الف ۽ بي کي خبر پئي ته ڌاڙيل، سعادتن جو مڙئي خيال ڪن ٿا، ته واٽهڙون ڦاسجڻ تي سيد سڏائڻ شروع ڪيو... ڌاڙيل به سمجهي ويا ته ڌنڌي ۾ نقصان ٿو پوي... پوءِ ته حقي سعادات نياڻن جي ٻانهن مان سونيون ڪنگڻيون ۽ ڪنن مان سونيون واليون زوري ڇڪي ٿي لاٿائون. اڳ وڏيرا به ايڏا چالاڪ نه هئا... پير حسام الدين شاه راشدي واري ڪتاب ”اُهي ڏينهن اُهي شينهن “ ۾ انگريز جي خوشنودي حاصل ڪندڙ جنهن سادي وڏيري جو ذڪر آهي جيڪو صلاح لاءِ اڌ اکري مختيارڪار کي نعمت سمجهندو هو، سو هينئير پاڻ سوٽ بوٽ پائي گٽ مٽ سکي ويو آهي ۽ غيرملڪي سفارتڪارن سان ياري نڀائي رهيو آهي. اڳ هزارين ايڪڙ زرعي زمين جو مالڪ وڏيرو جت مختيارڪار جو محتاج هو، اڄ پنهنجي ضلعي جو مالڪ آهي، ۽ حد جو ايس ايس پي سنڌس اڳيان يس سر نوسر پيو ڪري ۽ ڊپٽي ڪمشنر سنڌس گاڏي جي دري ٿو کولي. مون اِهو لڪاءُ پنهنجي گنهگار اکين سان ڊي ...

باءِ باءِ ايل ايم سي قسط2

تحرير  ڊاڪٽر آغا انعام الله قسط 2 توکي هندستاني فلمون ڏاڍيون وڻنديون هيون، تقريبن هر فلم اسٽوري، ڪردارن سميت توکي رٽيل هوندي هئي. تن ڏينهن تنهنجن پسنديده گانن ۾ هڪ هو،” سوچين گي تمهين پيار ڪرين ڪي نهين“ ۽ ٻيو هو،” يارا سلي سلي برها ڪي رات ڪا ڍلنا“. مان يارا سلي سلي کي فني ري مڪس ڪري جهونگاريندو هئس،” يارا ڍيلي ڍيلي الاسٽڪ ڪي شلوار ڪا گرنا “، پوءِ ٻئي ٽهڪن سان پيٽ ڀريندا هئاسي. تون پنهننجي والده کي ممي ۽ والد کي ڊيڊي چوندي هئينءَ. تون پنهنجي ماسي کي امان ۽ ماسڙ کي ابو چوندي هئينءَ. بقول تنهنجي تون انهن وٽ هر سال گرمين جي موڪلن ۾ لاهور ٽڪڻ ويندي هئينءَ. تن ڏينهن تنهنجي ابو جي فلم دريا خان جنهن ۾ سنڌس مين ڪردار هو، سڀني دوستن ساڻ نيو ميجسٽڪ سينما ۾ ڏسڻ ويو هئس. هڪ ڀيري تنهنجي امان جڏهن حيدرآباد آيل هئي، تنهن کان منهنجي فرمائش تي سنڌس ئي ڳايل مشهور سنڌي ڪلام هارمونيم تي،” ننگڙا نماڻيندا جيوين تيوين پالڻا“ ڳارائي فون تي ٻڌو هيم. تنهنجي امان توکي پيار ۾ ميزوو (Meezu)  سڏيندي هئي. پر تو چيو هو ته توکي منهنجي واتان ميزوو ٻڌڻ ڏاڍو مٺو لڳندو هو. تنهنجي امان جي اها خواهش هئي ت...

باءِ باءِ ايل ايم سي

باءِ  باءِ   ايل  ايم سي تحرير  ڊاڪٽر آغا انعام الله قسط پهرين 4 نومبر 2008 بابا ٿرٽي رپيس پليز، اينڊ هري اپ، گيٽنگ ليٽ فور اسڪول اڙي پتڪڙي تون به ٽيهه رپيا وٺندينءَ! ها ڇو مان انسان ناهيان!! نه تون صرف جيننيس آهين. ماءِ لٽل سئيٽ هارٽ شي هيز ٽيڪن 96% مارڪس. جينيس به ته انسان هوند آهن بابا، ڇا ٿيو آهي، نيرن ڪونه ڪئي آهي نه!! ٽهڪ. چڱون سائين هاڻين وڃڻ ڏيون، دير پئي ٿي اسڪول کي. اڙي علي ڊرائيور کي چئوته واپسي تي ڇهه کن بيدا ۽ هڪ وڏي ڊان ڍٻل روٽي وٺي اچي. هاشم کي چئو محمد خان جي اسڪول ۾ اڃا ٿورو ٽائيم آهي، جلدي هن کي اسڪريمبلڊ ايگ سينڊ وچز ٺاهي ڏي. سائين! جي سائين. ڀلا منهنجي نيرن کان پهرين واري نيرن!! ڇڏيو سائين، نوڪر بيٺا هن سامهون، سڌرو نٿا! ان ۾ سڌرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، زال آهين منهنجي. ته پوءِ ڇا لائيو ٽيليڪاسٽ ڪندا، فضيلت ڪريو. چڱو ڀلا چانهه پيار، اڇا ٻڌ ٽي وي کي ڌڪ هڻندي وڃجان. ڇا ڏسدوّ؟ تنهنجو بي واچ جو موڊ ناهي ته ڀلي هلائي وڃ ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ. ٻڌو ڀوتار سائين، چئني ٻارن جا فيس چالان آيا اٿوّ. ڊرائيور به پگها...