Posts

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

تحرير ڊاڪٽر آغا انعام الله 25 سيپٽمبر 2013 سنڌ جي گهراڻن ۾ جيڪڏهن نرينا اولاد جي ڄمڻ ۾ تاخير ٿي ته گهر جي مرد جي نسبت عورت ڪجهه وڌيڪ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندي آهي، ۽ ان آس ۾ ته ڪڏهن باري تعاليٰ کيس ان نعمت سان نوازيندو، پنهنجي طور جاکوڙ ڪندي هڙئي هيلا بهانا تلاش ڪرڻ جي جستجو ۾ هر دم پريشان رهندي، ڪڏهن ڊاڪٽرن، حڪيمن، يا ڪنهن عاملن جي ور چڙهي پنهنجي سڄي هڙه تاويزن ۽ سندن ٻڌايل دڳ پنڌ تي هلڻ ۾ پورو ڪندي آهي، يا وري پوءِ آسرا پلي سندس عقيدي مطابق ڪنهن الله جي ولي جي مزار تي گڙگڙائيندي التجائن ۾ پاڻ گهاريندي آهي. سندس  پريشاني جي ٻي وڏي وجه، مڙس جي ممڪنا ٻي شادي جنهن سان هن جي محبت جي ظالمانه  جبري وراهست جو ڊرپ ۽ گهر جي اُن سلطنت ۾ پوندڙ ممڪنا ڏار پوڻ جي انديشي کي محسوس ڪندي، هو پاڻ کي ڪا پراڻي بيڪاراخبار سمجهندي، مسلسل موت مار خوف وچان ڀڄ ڊُرڪ ۾ مشغول ڏسڻ ۾ اچي ٿي. کيس ساوري گهر جا تعنا، اوڙي پاڙي کان يا سنگتاڙين جي هر وقت اُن سي اءِ ڊي اسٽائيل پڇا ڳاڇا لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو. اهڙي ئي خوف وچان منهنجي گهر واري پڻ ڪجهه وقت گهاريندي، ٽن نياڻن بعد، 25 سيپٽمبر 2004 تي...

On Bogie No. 8, 13 Up

Image
Bogie No.8, 13 Up Dr. Agha Inamullah Karachi to Jungshai since April 5th 2017 Acknowledgement: I offer my humble gratitude and a big Thank You to  the poor whose helplessness taught me patience. The old crippling routine beggars without a life, or precisely life without a choice whom I encountered on my routine daily journey. A hypo manic elderly who often smiled, and asked for  some money and then always came back with some sweets for me. His favorite was Baalu Shahi. A chat with an 85 years old retired government employed Mid wife who was travelling alone to visit her son in Rahim yar khan. An old beggar on crutches, with one bottle tied to each crutch; one containing water, and the other his medicine. The Shevadari (Priest) from the temple in Jhempir who taught me lessons on humanity qouting verses from Koran. The helpless elderly sleeping in corridors of Bogie, or leaning beside exit doors with no money to buy ticket. The shoe polishers, disabled newspa...

جيسين سنڌ وارو قلندر جاڳي ، روس وارو سيوڻ جاڳي پيو

Image
ڊاڪٽر آغا انعام الله 8 اپريل 2016     هونءَ ته اهو مشهور آ ته ”جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري“ءِ اسان سنڌي هونءَ ئي ٽوٽي، وري جڏهن وقت ۾ ويڙه ٿئي ته سڏ به اهڙي پيرکي ڪيون جيڪو رُڳي عشق، سڪون، شانتي ءِ ابدي ماٺ سواءِ ٻي ڳالهه ئي ناهي. جيسين اسان جي جوڀن ۾ اينٽارٽيڪا واري برف رجي ، جو قلندري جلال جاڳي تيسين جن کي وڙهڻو هو ادا انهن پنهنجو سيوڻ ڌوڏي وڌو. هڪ سيوڻ اڳوڻي روس واري آرمينيا ۾ به آهي، ۽ تازو  فرنگي گلوبل ٿاڻي نيٽو واري صاحب، آرمينيا ۾ سنڌس ٿاڻي جي برانچ کولڻ جي اجازت تي انڪار تان آرمينيا وارن تي مڇرجي پيو آهي. سو تُرڪي جي تازي تُرڪن ۽ آزربائيجان جي بلٽيرن ٻروچڪي بڇ تي ڇت ڪتائي ڪندي آرمينيا ۾ کڏ کوٽيندي روسي رڇ  پُوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پيش پيش آهن. ڪجه مون جهڙا واندا وري فيس بوڪ ، واٽس ايپ ءِ ٽوئيٽر تي ڪجه خاڪي خرڪارن آڏو سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين تي خيالن جي ڏي وٺ جاري رکيو ويٺا آهن ته ٻيلي بس هاڻ گهڻي ٿي يار. کين  اهو سمجهائيندي ته هاڻ ڀُٽاُ ويا مري، ڪاوڙ گهٽ ڪيو، جرنيل راحيل ڀلو جرنيل پيو ڏسجي، کيس به هڪ کليل خط اماڻيو هيم، پر وقت...