اجرڪ خدا جي وجود جو قديم اقراري اھڄاڻ ۽ روحانيت جو عَلم
اجرڪ خدا جي وجود جو قديم اقراري اھڄاڻ ۽ روحانيت جو عَلم ڊاڪٽر آغا انعام الله 10 نومبر 2021 سترھين صدي ۾ گجرات ۾ ايندڙ قحط انگريزن جي قسمت جا دروازا وڌيڪ کولي ڇڏيا جڏھن انھن تازي خام مال جي واپار کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪئي. سنڌ ۾ تن ڏينھن مخصوص سنڌي ڪاٽن ۽ نير رنگ جي پيداوار تمام گھڻي مقدار ۾ ۽ موزون قيمت تي دستياب ھوندي ھئي. نير رنگ بريصغير جي ھڪ خاص نير نالي ٻوٽي منجھان حاصل ڪيو ويندو ھو. صوفين ۽ ولين جي ڌرتي سنڌ جي رڳ رڳ ۾ روحانيت ۽ تصوف جو تاثير سمايل آھي.هتان جي لوڪ جي رھڻي ڪھڻي ، پھرياڻ، کاڌ خوراڪ، ڪاڄ ڪانڌپا، موسيقي، ريتون رواج, مطلب ته ھر عمل روحانيت جي روغن سان ريٽيل ھو. ھزارين ورھيه پراڻي ھن تھذيب ۾ اجرڪ کي خاص احميت حاصل آھي. اجرڪ ڪنھن مملڪت جي جھنڊي کان وڌيڪ عظيم، محبت جو ´علم، ڪنھن ولي جي مرقد تي پيل پڙ جيان پاڪ ۽ ڪنھن شھنشاھ جي جسم سان اوڙھيل شانائتي لباس واري حيثيت رکي ٿو . ان اجرڪ ۾ جيڪي مک ٻه رنگ ڇريل رھن ٿا، جن ۾ ھڪ نيرگ (Indigo) ۽ ٻيو ڳاڙھو ريٽو (Crimson) تن جي پڻ روحاني احميت آھي. ...