مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ

 

مِسا ماما ميٽرنٽي ھوم/ فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ سلطان ڪوٽ

آغا انعام الله

17 جنوري 2022

مٺڙي امڙ جي ناءُ

 

اڄ 17 جنوري منھنجي والده جي ٽين ورثي آھي. امڙ ، مساماما  جي ھٿن ۾ ھي ڄائي ھئي.

 2006 ع ۽ 2007 دوران ڪيل پاڪستان ڊيموگرافڪ سروي ۾  پھريون ڀيرو  ماءُ جي اموات  جي شرح ۽ ان جي مختلف ڪارڻ جي شرح جا انگ اکر شامل ڪيا ويا. تازو 2019 واري ڪيل ان سروي ۾ جيڪي انگ اکر سامھون آيا آھن ،تن ۾ 2006 ۾ ريڪارڊ ڪيل مائرن جي شرح  اموات جنھن کي ايم ايم آر (MMR ) چيو ويندو آھي ، ھڪ لک ويم دوران يا ويم جي 42 ڏھاڙن دوران اموات جو انگ  276 ھو جيڪو 2019 واري سروي مطابق گھٽجي ھاڻ 186 تي آھي. سنڌ ۾ اھا شرح ھڪ لک ويم دوران مائن جي اموات 314 ھئي جيڪا ھاڻ گھٽجي 224 تي آھي.  سنڌ جي ٻھراڙي ۾ انھن اموات جي شرح جو وڏو انگ انھن حاملا عورتن جو ھو جيڪي حمل جي پيچيديگين ڪارڻ يا ته اسپتال ڪونه پھچي سگھيون يا سندن ويجھي ڪا اسپتال ڪانه ھئي . اھڙو ئي ھڪ واقعو  اوڻويھ  صدي جي آخري ڏھاڪي  ضلع شڪارپور جي ٻھراڙي ۾ واقع ھڪ ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ پيش آيو، جيڪو سڌي يا اڻ سڌي ريت ان علائقي ۾ ھڪ ميٽرنٽي ھوم جي قيام جو سبب بڻيو.

احمد شاھ  ابدالي جي پڙ پوٽي بادشاھ زمان شاھ جي ناٺي ، گورنر جلال آباد امير سلطان محمد خان محلاتي سازشن ۽ مسلسل اسرندڙ بغاوتن کان بيزار ٿي سن 1785 ۾ افغانستان کي ھميشھ لاءِ خدا حافظ ڪري سنڌ جو رُخ ڪيو. شروعات ۾ شھر شڪارپور ۽ بعد ۾ شڪارپور کان  اُتر طرف 15ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ھاڻوڪي نيشنل ھاءِ وي جي اولھندي 1798 ع ۾ پنھنجو ڪوٽ ڪڍرائي ويٺو، جيڪو اڄ سلطان ڪوٽ نالي مشھور آھي. سلطان خان پنھنجي اولاد کي پشتو وساري سنڌي ڳالھائڻ تي تنبيح ڪندا رھيا ۽ سنڌ ڌرتي جي تھذيبي ڌارا کي دل سان اپڻائي پشتو وساري سنڌ جي مٽي ۾ رچجي ويا.  اڄ سلطان ڪوٽ جا پٺاڻ ٺيٺ سنڌي آھن، ۽ سياسي ميدان ۾ پڻ ون يونٽ کان وٺي سنڌ جي حقن جي حصول جي جنگ ۾ پيش پيش رھيا آھن.

عيسائيت جي فروغ لاءِ تبليغي جماعتن جا ٽولا دنيا جي مختلف ڪنڊن ڪُڙڇن ۾ پڻ  ڦھليل ھئا. جيڪي پنھنجي دين عيسائيت جي ڦھلاءِ  لاءِ  مفت اسڪولن ۽ اسپتالن جي قيام ۽ اھڙن ڪيترن ئي ٻين فلاحي ڪمن ۾ جاکوڙيندا رھندا ھئا، جيڪي اوھان جي علائقن ۾ مشنري اسڪول يا مشنري اسپتال نالي ڄاتا وڃن ٿا.  انھيءَ سلسلي ھڪ ايونجلڪ مومنٽ جو بنياد 1738ع ۾ رکيو ويو ھو جنھن جا اثرات اٽڪل ٻن صدين بعد سلطان ڪوٽ ۾ پڻ ھڪ واقعي بعد ظاھر ٿيا. بيپٽسٽ مشنري سوسائٽي جو قيام 1792ع ۾ ، تنھن بعد لنڊن مشنري سوسائٽي 1795ع ۾ ۽ آخرڪار چرچ مشنري سوسائٽي 1799ع  ۾ جوڙي وئي.

1839ع کان 1842ع تائين چار سال برطانيه سلطنت ۽ امارات افغانستان وچ خونريز جنگ جاري رھي. شروع ۾ برطانوي سلطنت جي مداخلت سان افغانستان جي امير دوست محمد بارڪزئي ۽ سلطان خان جي سمڌي بادشاھ شاھ شجاع جي وچ ھلندڙ تخت نشيني وارو مامرو حل ٿيو ۽ برطانيه سرڪار 1839ع ۾ ڪابل فتح ڪرڻ بعد واپس شاھ شجاع حوالي ڪيو.

ھيڏانھن سنڌ ۾ 17 فيبروري 1843ع تي مياني جي جنگ ۾ انگريزن ٽالپرن جي فوج کي شڪست ڏني.  تنھن بعد 24 مارچ 1843ع تي دٻوُ  يا حيدرآباد واري جنگ ۾ ڪئپٽن جيمز اوٽريم سان وڙھندي ھوش محمد شيدي پڻ شھيد ٿي ويو. سنڌ فتح ٿيڻ بعد سنڌ کي برٽس انڊيا جي بامبي پريزيڊينسي  ماتحت رکيو ويو، بامبي پريزيڊنسي بامبي ۽ سنڌ تي مشتمل ھئي.

انڊين ڪائونسل ايڪٽ تحت 1861ع ۾ انتظامي امور کي بھتر طور ھلائڻ خاطر انگريز سرڪار کي درڪار مدد ۽ صلاح لاءِ ھڪ مشاورتي پليٽ فارم بامبي ليجسليٽوِ ڪائونسل جوڙي وئي. ڪائونسل جي  غير سرڪاري ميمبرن ۾ بامبي ميونسپل ڪارپوريشن جا نمائدا، بامبي يونيورسٽي جا فيلوز، بامبي چيمبر آف ڪامرس، چيمبر آف ڪامرس ڪراچي، سنڌ جا ناليوارا زميندار، دکن جا سردار، اتر ڊويزن جون ميونسپالٽيون، ڏکڻ ڊويزن جون بلدياتي بورڊ ۽ سينٽرل ڊويزن جا ٽي ميمبر شامل ھئا. انڊين ڪائونسل ايڪٽ 1909ع  سرڪاري طور ڪائونسل جي ميمبرن جي چونڊ جو طريقڪار متعارف ڪرايو. گورنمنٽ  آف آنڊيا ايڪٽ 1919ع لاڳو ڪري ليجسليٽوِ ڪائونسل جي چونڊيل ميمبرن جو تعداد وڌايو ويو. سنڌي ميمبرن جي لسٽ ۾ سلطان ڪوٽ جي باني سلطان خان جي چوٿين پيڙھي مان خان بھادر جان محمد خان 1924ع ۾ بامبي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو.

خان بھادر جان محمد خان جي ان ميمبرشب کان ڪجھ وقت اڳ پھرين گھر واري جو گھر ۾ ويم جي پيچيدگين ڪارڻ انتقال ٿي ويو ھو. علائقي ۾ ڪا اسپتال نه ھجڻ ڪارڻ گھر ۾ ٿيندڙ ويم جي پيچيدگي جو اندازو لڳائڻ مشڪل ھو جيڪو سندس موت جي بائث بڻيو. خان بھادر کي ان جو شديد رنج ٿيو ۽ احساس جاڳيو ته ساڳي طبعي وجوحات ڪارڻ ٻين به ڪيترن عورتن جي جان کي خطرو ٿي سگھي ٿو. خان بھادر ميٽرنٽي ھوم جي قيام لاءِ فيصلو ڪيو ۽ ان سلسلي پنھنجي گھر آڏو سندس ذاتي پلاٽ وقف ڪري ڏنو.

5 فيبروري سن 1936ع جي ھڪ صبح سلطان ڪوٽ ۾ ان پلاٽ تي سنگ بنياد رکڻ لاءِ ھڪ ننڍي تقريب رکي وئي جنھن ۾ سلطان ڪوٽ ۾ معززين کان علاوه ضلع سکر جي ڪجھ آفيسرن، جنھن ۾ ريڊ ڪراس جي پريڊيڊنٽ مسز ڪوٽاوالا مھمان خصوصي ھئي ۽ ان کان علاوه ھڪ انگريز آفيسر مسز ڪوپر پڻ شرڪت ڪئي. جڏھن اسپتال ٺھي تيار ٿي ته ان کي ھلائڻ لاءِ مسز ڪوٽاوالا جي مدد سان ھڪ ڪرسچن مشنري ڪٽنب ”بارنبس“ نالي آڻي اسپتال جي رھائش واري بلاڪ ۾ آباد ڪري اسپتال جو ڪم شروع ڪيو ويو.



 سنگ بنياد تقريب


بامبي ڪائونسل جي ميمبر ھئڻ جي طفيل خانبھادر انگريزن سان لاڳاپن کي استعمال ڪندي ڳوٺ  جي عورتن جي  طبي سھولتن خاطر ان ميٽرنٽي ھوم جي تڪميل ۽ ھلائڻ  ۾ احم ڪردار ادا ڪيو.



1936 واري اڏ اوت


عيسائي ڪٽنب بارنبس تمام محنت، لگن سان نه صرف سلطان ڪوٽ پر ان جي پسگردائي ۾ پڻ ننڍن وڏن ڳوٺن جي ماروئڙن جي  خدمت ڪئي. مسز جي.برنابس ان اسپتال جي انچارج رھندي سلطان ڪوٽ کي پنھنجي زندگي جا 50 ورھيه ڏئي انساني خدمت جو اعلي' مثال قائم ڪيو. سلطان ڪوٽ جا رھواسي کيس ان خدمت عيوَض پيار وچان امان چوندا ھئا ۽ ايئن انگريزي ۾ امان  لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ ”ماما“نالي اھا اسپتال مشھور ٿيندي مسا ماما واري اسپتال مشھور ٿي وئي.

پاڪستان جي ٺھڻ بعد برطانيه جو تسلط  گھٽجندو رھيو ۽ ان جي جاءِ آمريڪي لابي ولاريندي رھي. 1954ع ۾ ڪراچي جي بندرگاھ تي آمريڪي مشنري مشن جو جھاز لنگراندز ٿيو. ھڪ آمريڪي عورت  پالين Pauline  پنھنجي مڙس ريلف  Ralph ساڻ  عيسائي تبليخ جي ان سفر بابت لکي ٿي ته ڪيئن ھزارين جي تعداد ۾ مشنري رضاڪار ساڻ رھيا ۽ پنھنجي ڪتاب ”جارس آف ڪلي “ Jars of clay ۾ سلطان ڪوٽ واري ان اسپتال بابت پڻ لکيو آھي . جنھن ۾ ھوءَ مشنري رضاڪار ھِيو Hue ۽ بيٽي Bettie جي مسز بارنبس Mrs. Barnabas سان ٿيل ملاقات بابت لکي ٿي. مسا ماما بيواه  ھئي ، ۽ کيس جوان نياڻي ملي Milly ۽ انوسينٽ مارٽن Innocent Martin  نالي  ھڪ پٽ ھو جيڪو انو Innu نالي مشھور ھو.



فوٽو؛  کاٻي کان ساڄي ؛  عطا حسين شاھ، ، وڪي، ۽ بيسل بارنبس


Innu ۽ سندس گھرواري Ruby روبي کي ٽي پٽ Vicky ، Tony ۽ Donny ۽ نرگس Nargis نالي ھڪ نياڻي ھئي. سلطان خان جي افغانستان کان سنڌ ڏانھن ھجرت دوران ھڪ سيد گھراڻو  پڻ  گڏ ھو جنھن جي ڇھين پيڙھي جي چشم چراغ  رٽائرڊ پروفيسر سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور سيد عطا حسين شاھ بقول مسا ماما جي پوٽي  Vicky سان گھري سنگت ھئي ۽ ننڍپڻ ۾ سلطان ڪوٽ ۾ 1873ع ۾ قائم ٿيل بوائز پرائمري اسڪول ۾ گڏ پڙھيا ھئا.

 مسزبارنبس (مسا ماما) ان ميٽرنٽي ھوم ۾ مڊ وائف ھئي ۽ سندس نياڻي Milly نرسنگ جو ڪم ڄاڻندي ھئي. اڪثر موڪلن ڏھاڙن سلطان ڪوٽ اچي ويمن ۾ پنھنجي ماءُ جو ھٿ ونڊيندي ھئي. ٻنھن گڏجي سلطان ڪو ٽ ۽ پسگردائي ۾ ھزارين ٻار ڄڻايا. ان ميٽرنٽي ھوم جي قيام جي ٻن سالن بعد مسا ماما سن 1938ع ڌاري منھنجي امڙ جي ڄم ۾ ۽ 27 ورھين بعد پوءِ 1965ع بعد  منھنجي پيدائش سندس ھٿن ۾ ٿي. ميٽرنٽي ھوم جي مينجمينٽ واري ڪم ۾ سھڪار لاءِ مساماما جي ڏير جي پُٽن  ليئو Leo ۽ بيسل Basil پڻ مدد ڪئي. ٻنھي ڀائرن جي ھڪ ڀيڻ نيلي Nelly پڻ ھئي، Nelly  ۽  Leonard ليئونارڊ   ٻنھن شادي نھ ڪئي. نيلي سکر جي ريڊ ڪراس اسپتال ۾ ڪم ڪندي  ھئي. تن ڏينھن سلطان ڪوٽ ۾ نياڻين کي اسڪولن ۾ پڙھائڻ عيب سمجھو ويندو ھو، امير ۽ وچولي طبقي وارن جون عورتون سخت پڙدو ڪنديون ھيون. سلطان ڪوٽ ۾ تن ڏينھن ڪو ڇوڪرين لاءِ اسڪول بھ ڪونھ ھو. ماھ سواءِ چند ماڻھن جي بشمول اسان جي گھر، نياڻيون مساماما واري ميٽرنٽي ھوم ۾ موڪلي سندس ڀاءُ ليئونارڊ جيڪو ليئو ماستر نالي مشھور ھو، تنھن کان انگريزي ٻاراڻي جا سبق ڏياريا ويا.  ليئو جي سخت مزاج کان سڀ لنوائيندا ھئا. پر بھترين استاد ھو. مسا ما ما پڻ تمام اصول پرست، نظم ضبط واري عورت ھئي. ڊگھو پڙو پاتل ،ڪنھن گرجا گھر جي زاھده جيان مٿو اسڪارف سان ڍڪيل، ، نرڙ جا گُھنج نڪ جي پاڙ تي ٽٻي ھنيو، اکين ۾ ٽڪ ٻڌي ڪنڌ روباٽ جيان ڦيريندي ھئي ته ھنياءُ ڏري پوندو ھو. وٽس ھڪ روسي سموئڊ جنس جي اڇي  گھاٽي بج سان ڍڪيل سلوي Sylvie نالي ڪُتي پڻ ھوندي ھئي، جنھن جي ڀونڪ جي ڀوءَ کان اسين ميٽرنٽي واري گھٽي  مان ڊوڙ پائي نڪري ويندا ھئا سين. مون پنھنجا   ڪي جي KG  وارا پھريان سبق ليئو ماستر کان ئي ورتا .


فوٽو__کاٻي کان ساڄي __  عطا حسين شاھ  ،  مساماما (مسز. جي . بارنبس) ، اختر حسين شاھ


مِلي Milly پنھنجي ماءُ جي برعڪس تمام  خوش مزاج ھئي. ڳوٺ جي ھر باشعور مرد توڙي عورت جي مِلي سان عقيدت ،محبت ۽ ھڪ سُٺي دوست وارو رستو ھوندو ھيو. ملي سان ڪچھري ۾ پھّرن جا پھر گذري وڃن، ھنياءُ ڪين ڀربو ھو. کيس سڀ پيار وچان آنٽي چوندا ھئا. ڪراچي شڪارپور ڪالوني ۾ مِنٽن ھال ۽ بعد ۾  پي اي سي ايچ ايس واري گھر ۾ فيروزه بيگم سان وڏو  وقت گڏ گذاريائين. مساماما جي پوري ڪٽنب جو خان بھادر جي پونيرن سان ساٿ ھلندو رھيو . منھنجي ملي سان آخري ملاقات سيون ڊي اسپتال ڪراچي ۾ ٿي جڏھن آءُ طبع پوسي لاءِ ويو ھو سانس. سگريٽ پيڻ ڪارڻ ملي ڦڦڙن جي ڪئنسر وگھي دم ڌڻي حوالي ڪيو.  ملي گرجا گھر جي اُھا ڪنفيشن ونڊو ( Confession Window) ھئي جنھن اڳيان ھر مرد توڙي عورت بيخوف پنھنجي دل جو حال اوريندو ھو. 

فوٽو؛   مِلي آنٽي

بيٽي Bettie حيدرآباد جي ڪنھن يتيم خاني ۾  پڙھائيندڙ استاد ڪيٿرين Catherine  سان بيسل جو سنگ پڪو ڪيو. چندو Chandu ۽ سارا ري  Sara Ray جي پاليل ڌيءَ  ڪيٿرين شادي کانپوءِ  بيسل ساڻ لڏي اچي شڪارپور آيا جت بيسل ماستري شروع ڪئي. بيسل اڪثر ھيو Hue  کي سندس اڙدو  ۾ لکيل بائبل جي خطبن پڙھڻ ۾ مدد ڪندو ھو.  پالين Pauline   پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿي ته بيسل کي اڪثر دل ۾ سور پوندو رھندو ھو، جيڪو پوءِ خبر پئي ته ان جو ڪارڻ رڳو ڪا  ذھني پريشاني ۽ ڊپريشن سواءِ ٻيو ڪجھ نه ھو. پر نومبر 1967ع ۾ بيسل  اچانڪ ھڪ ڏينھن دل جي  دوري پوڻ سبب فوت ٿي ويو. سيد عطا حسين شاھ سند س موت جو ڪارڻ پاڻي واري راڊ سان پاڻي گرم ڪرڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻڌائي ٿو. جنھن ڪمر ي ۾ بيسل جو موت ٿيو ، اھو ڪمرو کيس بنا ڪنھن معاوزي ھڪ ھندو  واپاري رھڻ لاءِ ڏنو ھو  جنھن جي ٻارن کي بيسل شڪارپور ۾ ٽيوشن پڙھائيندو ھو. اھو احساس ڪندي ته بيسل کي روزانه سلطان ڪوٽ کان شڪارپور ايندي تڪليف ٿيندي ، سو بامبي يونيورسٽي جي سوشالاجي ڊپارٽمنٽ جي رٽائرڊ پروفيسر جناب شيوا رام فيرواني صاحب کيس پنھنجي عاليشان گھر ۾ ھڪ ڪمرو رھڻ لاءِ بيسل کي ڏنو ھو.

قسمت ايتري بيرحم به ٿي سگھي ٿي اھو فقط ھڪ يتيم  ۽ بيواه ڪيٿرين  Catherine  کان ئي ڪوئي پُڇي . سلطان ڪوٽ جي اُھا شام ، مساماما اسپتال ۾ ڪنھن خاموش وادي جيان ابدي ننڊ ستل ھئي. بيسل جي گھر وارن غسل جي تياري ۾ چپ چاپ مصروف ھئا. بيسل جا مسلمان دوست تمام گھڻي تعداد ۾ پھتل ھئا. آمريڪي ڪرسچن مشنري  جو سفر ڀلي پاڪستان جي ٺھڻ بعد ستت شروع ٿيو ھجي، پر عيسائيت جي پرچار جون اصلوڪون جڙون سلطان ڪوٽ ۾ گھڻو اڳ جون  ھيون.

ميٽرنٽي ھوم سلطان ڪوٽ مان بارنبس ڪٽنب جي وڃڻ بعد چند مڊ وائفن اسپتال ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪڏھن بارنبس واري جذبي جو مظاھرو نه ڪري سگھيون ۽ ناڪام  ٿي ٿورڙي عرصي بعد ھليا ويا ۽ اھڙي  ريت  ٽيھارو  کن ورھيه  مساماما ميٽرنٽي ھوم ڪنھن ڀوت گھر جو ڏيک ڏيڻ لڳو، ورھين کان خالي پيل اسپتال جون ڀتيون دل شڪسته ٿي آخر ڇت جو ساٿ ڇڏي ڀرُڻ لڳيون ، تنھن مٿان باقي ڪثر 2010ع واري سپر فلڊ پوري ڪئي، ۽ آخر ڪار ھڪ ڏينھن ڇِت ھمت ھاريندي پاڻ ڇڏي ڏنو. اھڙي ريت ھڪ انسانيت جي فلاح سان رومانس جي ديوي ۽ سندس مندر جي اھڄاڻ ڄڻ خودڪشي ڪندي پنھنجي وجود کي پاڻ ايئن دفن ڪري ڇڏيو.

مسا ماما ميٽرنٽي ھوم  پنھنجي طور ھڪ داستان ھو، انسانيت جو علمبردار، ھڪ پرسرار  ڪنفيشن وِنڊوُ Confession Window، ھڪ خان بھادر جي دل جي اڱڻ تي وڇايل تڏي جو ازالو ۽ سلطان ڪوٽ جي مسڪين ڳورھار امڙن جي  ڪُک ۾ پلجندڙ مستقبل جي اُميد ، جا ايئن ھڪ ڏينھن وساريل قيدي جيان جھري وئي.

سپر فلڊ بعد ، ھڪ ڀيرو  وري ، خان بھادر جان محمد خان جي پوٽي سندس ھي پٺيان نالو ماڻيندڙ ، آغا جان اختر ساڳي پلاٽ تي  نئين سر ھڪ شاندار ميٽرنٽي ھوم دوستن ۽ پنھنجي امڙ جي  خواھش ۽ مالي امدا سان  ٺھرائي تيار ڪرائي وزير اعلي ا سنڌ سيد مراد علي شاھ  حوالي ڪيو. 

26 نومبر 2020ع آغا جان جي والده فيروزه بيگم دم ڌڻي حوالي ڪيو.  30 اپريل 2021ع سندس خواھش مطابق وزير اعلي' جي خصوصي حڪم تي ، ميٽرنٽي ھوم،  بيسڪ ھيلٿ يونٽ  فيروز بيگم نالي سرڪاري طور آپريشنل ڪري ، پي پي ايچ آءِ  حوالي ڪيو ويو. مساماما جي پورھيي پنھنجي سچائي ۽ خدمت انسانيت جي جذبي سان سرشار, وري گلاب  جي ھڪ نئين مُکڙي  جيان ”فيروزه بيگم بيسڪ ھيلٿ يونٽ“  طور سلطان ڪوٽ ۾ آپريشنل آھي. 




حوالا 

:References

https://en.wikipedia.org/wiki/First_Anglo-  qAfghan_War

Battle of Hyderabad - Wikipedia

https://en.wikipedia.org › wiki › Battle_of_Hyderabad

https://en.wikipedia.org/wiki/Sind_Division 

https://www.linkedin.com/pulse/sindhi-members-bombay-legislative-council-dr-pathan-pathan

CMS Wikipedia



Comments

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن

BATTLE FOR MEDINA Al SANI