غريب سالگره ڇونه ملهائيندا آهن


تحرير ڊاڪٽر آغا انعام الله
25 سيپٽمبر 2013

سنڌ جي گهراڻن ۾ جيڪڏهن نرينا اولاد جي ڄمڻ ۾ تاخير ٿي ته گهر جي مرد جي نسبت عورت ڪجهه وڌيڪ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪندي آهي، ۽ ان آس ۾ ته ڪڏهن باري تعاليٰ کيس ان نعمت سان نوازيندو، پنهنجي طور جاکوڙ ڪندي هڙئي هيلا بهانا تلاش ڪرڻ جي جستجو ۾ هر دم پريشان رهندي، ڪڏهن ڊاڪٽرن، حڪيمن، يا ڪنهن عاملن جي ور چڙهي پنهنجي سڄي هڙه تاويزن ۽ سنڌن ٻڌايل دڳ پنڌ تي هلڻ ۾ پورو ڪندي آهي، يا وري پوءِ آسرا پلي سنڌس عقيدي مطابق ڪنهن الله جي ولي جي مزار تي گڙگڙائيندي التجائن ۾ پاڻ گهاريندي آهي.
سنڌس  پريشاني جي ٻي وڏي وجه، مڙس جي ممڪنا ٻي شادي جنهن سان هن جي محبت جي ظالمانه  جبري وراهست جو ڊرپ ۽ گهرجي اُن سلطنت ۾ پوندڙ ممڪنا ڏار پوڻ جي انديشي کي محسوس ڪندي، هو پاڻ کي ڪا پراڻي بيڪاراخبار سمجهندي، مسلسل موت مار خوف وچان ڀڄ ڊُرڪ ۾ مشغول ڏسڻ ۾ اچي ٿي. کيس ساوري گهر جا تعنا، اوڙي پاڙي کان يا سنگتاڙين جي هر وقت اُن سي اءِ ڊي اسٽائيل پڇا ڳاڇا لاءِ تيار رهڻو پوي ٿو.
اهڙي ئي خوف وچان منهنجي گهر واري پڻ ڪجهه وقت گهاريندي، ٽن نياڻن بعد، 25 سيپٽمبر 2004 تي، الله جي مهرباني ۽ مٽيارن ۾ مدفن صاحب قرامت بزرگ محمد جي ستين پيڙي جي چشم چراغ، منهنجي هڏ ڏوکي دلدار ڊاڪٽر غلام رسول ميمڻ  ۽ سرهندي خاندان جي مجرد بيبي سائڻ جي دعائن جي طفيل اسان جي پٽ جي ماءُ ٿيڻ جي نصيبدار ٿي.
اڄ عبدالباسط خان جي نائين سالگره آهي.
سنڌ جي گهراڻن ۾ ٽييه ڪي چاليهه ورهيه اڳ سالگراه ملهائڻ جو رواج ايترو عام نه هو. يا ايئن کڻي چئجي ته سنڌين تعليم پرائڻ جي جستجو ۾ شهرن ڏانهن اڃان ايترو آذادانه رُخ اختيار نه ڪيو هو، جو مغربي رسمن ۽ ريتن جي ور چڙهن.
اڄ ڪله جي هپ هاپ دوءُر ۾ سالگره، عيد برات ۽ شادي جي تقريبن جي مد مقابل حيثيت ماڻي چڪي آهي.
سنڌ ۾ جت شاهوڪارسنڌي بنيادي طور سياسي دوڪانداري، بيوريوڪريسي ۽ زراعت منجهان ڪمايل دولت سان، حيدرآباد، ڪراچي، لنڊن ۽ آمريڪا ۾ عيش عشرت جي خمار ۾، مغربي رنگ ڍنگ ۾ رچجي چڪا آهن، اُت ساڳي وقت مجبور، غريب سنڌي تبقي جا افراد، انهن جي ئي گهرن ۾ مهاجرن پنجابي ۽ پٺاڻ ملازمن جي برعڪس گهٽ اُجرت تي، گار گند ۽ ڌڪ چنبي جي وسڪار هيٺ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.
سنڌ، جت ورهاڱي کان اڳ نگريزن پاران سندن جي بيلوث چمچاگيري جي عيوض عطا ڪيل خانبهادري لقبنن ۽ انهن جي شهنشاهي طرز زندگي مان متاثر سنڌي امير گهراڻا ۽ ورهانڱي بعد پڻ ساڳين ڀوتارن  جي غير فلاحي ،انگريز طرز حاڪمانه سوچ رکندڙ اولاد   اانهن مسڪينن هارين جي تعليم لاءِ بيقراري جو اظهار ڪندي ، سندن ئي ٻنين تي اسڪول ته ٺهرايا آهن پر انهن ئي قائم ڪيل اسڪولن ۾ مسڪين سنڌين جي تعليم پرائيندڙ پرائمري ٻارڙن کان ئي ڪنهن ممڪنا بغاوت جي ڌپ سگهندي، مڙني اسڪولن کي هاڻ اناج جي گدامن ۾ تبديل ڪيو  ويٺا آهن. جت هو پنهنجو سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي پنهنجي ئي نور نّظرڪمدارن جي ميٽرڪ پاس يا اٺ درجا پاس پٽن کي ماستري ڏياريو، ضلعي ۾ پنهنجي پسند جا متعلقا افسر شاهي تعينات ڪرائي کين پگهارون غيرحاضر رهڻ باوجود گھر پڄائي رهيا آهن.
ضلع شڪارپور ۾ واقع اباڻي ملڪيت جي ورهاست جي عيوض منهنجي حصي ۾ آيل اٽڪل 150 ايڪڙ ايراضي تي مشتمل زرعي زمين تي 25 کن ڪڙمن جا گهر آباد آهن، جنهن مان ڏيڍ سال اڳ دايي قبيلي جي هڪ 9 ورهين جي ڇوڪرکي در جي سڏ پنڌ لاءِ ٻه هزار مهوار پگهار تي حيدرآباد وٺي آيس. آزاد ٻڌايو ته ان کان پهرين هو منهنجي ئي سوٽي سوٽ جي گهر ڪراچي ۾ ڪم ڪندو هو. ڏيڍ سال موڪل نه ملڻ ڪارڻ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ جي شڪل ڏسڻ لاءِ سڪيو هو. ٻڌايانئي پئي ته کيس ڏاڍو ماريندا هئا، پاڻ جنهن ڏينهن هوٽل ۾ ماني کائڻ وڃن ته آزاد کي بصر سان ڍٻل روٽي کائڻ جو حڪم هو ۽ دروازي کي ٻاهريان تالو هڻي بند ڪري ويندا هئا. سندن جي ننڍڙن ننينگرن جي ڪڏهن ڪڏهن اسرار تي فن لينڊ ويندي آزاد کي گڏ وٺي وڃڻ ڪارڻ حڪارت ڪندي پٽن سان گڏ ويهارڻ بجاءِ گاڏيءَ جي ڊڪي ۾ ويهاري وٺي ويندا هئا. ساڳي وقت نئين ماڊل جي ڪرولا هلائيندي کليل ڊڪي ۾ ويهاريل ٻار تي بيعزتي محسوس ڪندي، ڊڪي بند ڪري ڇڏيندا هئا.آزاد جي بقول سنڌس فن ليند جي جهولن تي ويهڻ جو جنون، ڊڪيءَ ۾ بند ٿي مري وڃڻ جي ڀوءَ کان وڌيڪ ايڊ وينچرس هو.
ڏيڍ سال جي قيد بامشقت، مائٽن کي پگهار متعلق، ها پو، ها پو جي رٽ، کيس اتان ڪڍرائڻ لاءِ ماءَ جي اسپتال لاچار سقراط ۾ هجڻ جو بهانو ڪرڻو پيو. جنهن بعد آزاد کي  وطن ورڻ جي عارضي اجازت ۽ موڪل جي مُدت پوري ٿيڻ بعد واپس وٺي وڃڻ تي انڪار ڪرڻ تي سندن گهر ۾ گهڙي اچڻ وارو ڀوتار جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪرڻ ڪارڻ قرآن ڏيکارڻ تان سخت ڪاوڙ ڪندي ڀوتار قرآن واري همراه کي ڌڪا ڏيندي پٽ تي ڪيرائي وڌو۽ بقول آزاد جي ته گار گند ڪندي چيائين ته آئون قرآن کي ڪونه مڃيندو آهيان.
گزريل سال آزاد کي پنهنجي مٽن سان منهنجي موبائل تي ڳالهائيندي اهو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي جڏهن آزاد پنهنجي پيءُ کي پئي ٻڌايو ته بابا مان هت ڏاڍو خوش آهيان. هت مونکي ڀوتار پنهنجي ڪُني منجهان باسمتي چانور ۽ پنهنجي لاءِ رڌيل ڀاڄي مان ٿا کارائن. مونهنجي اکين ۾ لڙڪ لڙي پيا ته جت غريب جو ٻار رڳي سٺي ماني کائڻ ۾ زندگي جو وڏو ڪارنامو ۽ خوشنصيبي سمجهي ٿو اُت ان شاهوڪارجا ٻارهزارين روپيا خرچ ڪندي انٽرنيشنل فرينچائيز ڪمپنين جي هوٽلن ۽ ريسٽورنٽس ۾ کائندي به زندگي کي وڏو بوجهه سمجهيو ويٺا آهن. بي حساب جمع ٿيل دولت هجڻ ڪارڻ کين زندگي ۾ ڪو وڏو مسئلو نه هجڻ پڻ سندن جي زهني سڪون برباد ٿيڻ جو ڪارڻ آهي.
گزريل سال جن ڏينهن آزاد اسان وٽ ملازم ٿيو، ڪجهه ئي ڏينهن بعد منهنجي عبدالباسط جي اٺين سالگره پڻ هئي. هر پل ان ڪوشش جي باوجود ته آزاد سان اُت ٿيندڙ ناانصافي ۽ زيادتن جو احساس ڪندي سڀن گهر ڌڻين جي خيال باوجود، غريب هجڻ جي اُن فطري احساس جو تدارڪ ڪرڻ کان اسين ڪاثر هئا سين.
شام جو مهمانن جي واپسي بعد، باوجود اِن ڳالهه جي ته عبدالباسط جي تقريبن همعصر آزاد کي عبدالباسط کي ملندڙ طحفن ڪارڻ متان ڪو احساس نه ٿئي، مان ٻه ٽي طحفا آزاد لاءِ وٺي آيو هيس، جيڪي عبدالباسط جي تحفن کولڻ بعد کيس ڏنا ها.
گهڙي کن بعد آزاد منهنجي وجود تي ڄڻ زلزلو بڻنجي ڪڙڪيو، جڏهن نهايت معصوميت سان مون کي چيائين،”سائين هڪ ڳالهه پڇان“
پُڇ آزاد
”سائين! غريب سالگره ڇو نه ملهائيندا آهن!!!!
منهنجي پيرن هيٺان ڌرتي ڇڏائجي ويئي، آزاد سان اکيون نه ملائي سگهيس، چپ ڀيڪوڙي ، سڏڪا نڙي هيٺ ڳيتان ڏيندي ساه ۾ نپوڙيندو، پاڻ کي باٿ روم ۾ بند ڪري ، روئندو رهيس.
ڇا جواب ڏيان آزاد کي ان جي معصوميت وچان پڇيل ان سچ جو!
تنهنجي استحسال جو ڪارڻ مان آهيان.
تنهجي غربت ۽ بيوسي جي وجه مان آهيان
تنهنجي معصوميت تي ڌاڙا هڻيندڙ، توکي جهالت جي انڌي کوه ڏانهن ڌڪيندڙ، تنهنجي مائٽن جي پيٽ گزر لاءِ توکي پرديس لوڙهائي، توکي نسل در نسل جهالت جون هٿڪڙيون هڻي جڪڙي ويهاري غلام بڻائڻ جو زميوار مان آهيا.
آزاد جي اکين ڏانهن ٻيهر نهاري کيس ڪو مطمعن ڪرڻ وارو جواب ته مون وٽ ڪونه هو، فقط ها ته مون وٽ منهنجا اُهي استحسالي هٿ جن سان مون پنهنجي منهن تي پنهنجو پاڻ کي روئيندي ، گھرڙي ڀونڊا پئي ڏنا.
گهڙي کن بعد ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ، سڄيل توڏن ۽ جيري جيان ڳاڙهن منهنجي اکين ڏانهن نهاريندي آزاد ڊپ وچان ڏڪڻ لڳو. چيائين سائين معاف ڪجو آئنده نڪندس . حيرت وچان پڇيومانس ته ڇا!
 پنهنجن پتڪڙن هٿن سان معافي وٺندي چيائين سائين مان آئينده اهڙا سوال نڪندس.
مون کان وري هڪ ڀيرو ڌرتي ڇڏائجي وئي ، پاڻ سنڀاليندي ، سنڌس مٿي تي هٿ رکي دل جاءِ ڏيندي چيو مانس، ”نه پٽ نه خير آ، پر مان ان جو جواب توکي ٻن ٽن سال بعد ڏيندس ، تون اڃان ننڍو آهين.
اڄ 25  سيپٽمبر وري عبدالباسط جي سالگره جو ڏينهن آهي ۽ منهنجي وجود ۽ ڪنن ۾ آزاد جو اهو سوال واڪا ڪندي ڪونه ٿڪيو آهي. بظاهر اُن خوشيءَ جي ڏهاڙي منهنجي من اندر ڄڻ تڏو وڇايل هجي، جت انيڪ، اگهاڙن پيرن، ڦاٽل ڪپڙن، معصوم ٻارڙا مونکان اهو سوال پڇي رهيا آهن ،” سائين غريب سالگره ڇو نه ملهائيندا آهن“، ۽ مون وٽ ڪو عذر پيش ڪرڻ لاءِ ناهي. اڄ منهنجي پٽ جي 9 سالگره ۽ آزاد جي اُن معصوم سوال جي پهرين سالگره آهي.

Comments

  1. INAM............................. moon wat ke bhi lafz nahin,,, to lafzan san hi jeko beyan kayo ahey... maan na tho samjhan ta aj asan ji baaqi bacheyel trihee-a mein, Ali Baba, Amar Jaleel ain Taiq Alam khan poe ko aen lilhi saghey tho jean to likhyo aahey.... Maan aj to khe bas uho ee chaee saghan tho jeko aj khan kaee saal pihreem moon khe Yasir Qazi chayo ho.. zor-e qalam aur ziyada

    ReplyDelete
    Replies
    1. اياز جاني وڏي مهرباني ، پر اهي تمام وڏا لفظ آهن مون لاءِ ، مان ڪڏهن طارق، امر يا علي بابا جي جتي برابر به ٿي ڪونه سگهندس. طارق جو ايترو جلد وڇڙي وڃڻ ته ڪڏهن نه ڀرجندڙ گهاءُ پيو ايئن واڪا ڪندو، سنڌس سان ڪيل آخري ملاقات ڄامشوري واري جاءِ تي ياد آهي، پر امر اند علي بابا سان ملڻ جو اڄ تائين اشتياق آهي، هڪ ڀيرو علي بابا کي ايل ايم سي جي ڪئينٽين تي ويٺل ڏٺو هيم، تنهن کي ورهيه ٿيا، پرکيس ملڻ جي همٿ ڪانه ڪري سگهيو هيس.

      Delete
  2. This comment has been removed by the author.

    ReplyDelete
  3. انعام الله خان تحریر تمام تکي ۽موضوع ڏاڍو حساب آھي. پر آزاد جو سوال اڃان آڻڻ پورو آھي ۽ شايد اڻپورو ءي رھي

    ReplyDelete
  4. I hope everyone here felt the same way as you did Agha sahib ..... it's a good read full of emotions and care .God Bless you !!

    ReplyDelete
  5. Thanks for the post. Very interesting post. This is my first-time visit here. I found so many interesting stuff in your blog. Keep posting. itools crack

    ReplyDelete
  6. Thanks for this post, I really found this very helpful. And blog about best time to post on cuber law is very useful. k7totalsecurity-crack

    ReplyDelete
  7. This article is so innovative and well constructed I got lot of information from this post. Keep writing related to the topics on your site. Winx Hd Video Converter Deluxe Crack

    ReplyDelete
  8. Howdy! This post couldn’t be written any better! Reading this post reminds me of my good old room mate! He always kept chatting about this.
    I will forward this post to him. Pretty sure he will have a good read.
    Thanks for sharing!
    quicktime pro torrent
    bluebeam revu x64 serial number and product key
    slimware utilities slimcleaner plus torrent
    iexplorer registration code
    gihosoft iphone data recovery registration key
    Crack Like

    ReplyDelete
  9. Hello there, could you tell me which blog platform you're working with?
    I'm thinking about starting my blog soon, but I can't decide between BlogEngine/Wordpress/B2evolution and Drupal.
    I'm curious because your design appears to be unique.
    I'm looking for something different than other blogs.
    P.S. Please accept my apologies for straying from the topic, but I had to inquire!
    cyberlink photodirector ultra crack
    ezvid for pc crack
    adobe photoshop 64 bit crack
    god of war cd crack

    ReplyDelete
  10. Driver Reviver crack is program bolsters composing appropriate to-left examples in explicit spots of literary substance and tables and also covering other phishing needs.


    ReplyDelete
  11. Thanks for the great message! I really enjoyed reading
    you could be a good writer. Evil Alvzis notes blog and testament
    will finally come back later. I want to support
    keep writing well, have a nice weekend!
    4k-video downloader crack
    edius pro 8 crack
    wondershare data recovery crack
    prism video file converter crack

    ReplyDelete
  12. You have a great site, but I wanted to know if you know.
    Any community forum dedicated to these topics.
    What was discussed in this article? I really want to be a part of it.
    A society in which I can obtain information from others with knowledge and interest.
    Let us know if you have any suggestions. I appreciate this!
    adobe premiere elements crack
    autocad crack
    smartdraw crack
    adobe premiere pro crack

    ReplyDelete
  13. I am very thankful for the effort put on by you, to help us, Thank you so much for the post it is very helpful, keep posting such type of Article.
    Mirillis Action Crack
    Battlefield 2 PC Game
    MakeMKV Crack

    ReplyDelete
  14. Here at Karanpccrack, you will get all your favourite software. Our site has a collection of useful software. That will help for your, Visite here and get all your favourite and useful software free.
    VSDC Video Editor Pro Crack

    ReplyDelete
  15. I am very thankful for the effort put on by you, to help us, Thank you so much for the post it is very helpful, keep posting such type of Article.
    Zoner Photo Studio X Crack
    Assassin’s Creed Unity Full Version
    Resolume Arena Crack

    ReplyDelete

Post a Comment

Popular posts from this blog

ختم نبوت قانون ۽ زنده ڀٽو

BATTLE FOR MEDINA Al SANI